دسمبر 25, 2024

اسٽييوٽا ٽيڪنيڪل ميدان ۾ سنڌ جي بهترين مستقبل جي ضمانت آهي: محمد علي ملڪاني
هر سال 30 هزار کان وڌيڪ شاگرد اسٽييوٽا مان پاس آئوٽ ٿين ٿا: محمد علي ملڪاني
اسٽييوٽا جي ذريعي نه صرف ملڪي سطح تي پر وچ اوڀر ۾ به اسان جا تربيت يافته شاگرد پنهنجي ڪارڪردگي ڏيکاري رهيا آهن: محمد علي ملڪاني
اسٽييوٽا طرفان يوم دفاع ملهايو ويو، يونيورسٽيز ۽ بورڊن جي وزير محمد علي ملڪاني، سيڪريٽري عباس بلوچ سميت ٻين آفيسرن جي شرڪت
ڪراچي سنڌ ٽيڪنيڪل ايجوڪيشن ۽ ووڪيشنل ٽريننگ اٿارٽي (اسٽييوٽا) طرفان اڄ يوم دفاع جي حوالي سان اسٽاف ٽريننگ انسٽيٽيوٽ ۾ هڪ پروقار تقريب ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ سرڪاري آفيسرن کانسواءِ پاڪ فوج ۽ ايئرفورس جي جوانن به شرڪت ڪئي. ان موقعي تي 6 سيپٽمبر وطن جي دفاع ۾ پنهنجون جانيون قربان ڪندڙ شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي ۽ ٻارن ملي نغما ڳايا ۽ ٽيبلوز پيش ڪيا. اسٽييوٽا جي نيو ڪراچي ۾ قائم ٽريننگ انسٽيٽيوٽ ۾ يوم دفاع جي تقريب ۾ سيڪريٽري يونيورسٽيز ۽ بورڊز محمد عباس بلوچ، اسٽييوٽا جي ڊائريڪٽرن ذوالفقار علي جتوئي، مظفر ڀٽو، سيدة لبنى شاه ۽ جاويد شيخ سميت ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي وزير يونيورسٽيز ۽ بورڊز محمد علي ملڪاني ترقي ماڻيندڙ نون آفيسرن کي پروموشن آرڊرز پڻ تقسيم ڪيا. تقريب کي خطاب ڪندي صوبائي وزير يونيورسٽيون ۽ بورڊن محمد علي ملڪاني چيو ته پاڪستان جي سپاهه 6 سيپٽمبر 1965ع تي پنهنجون جانيون قربان ڪري ملڪ جي دفاع کي ناقابل تسخير بڻايو، اسان جي فوجن ثابت ڪيو ته جيڪڏهن همت، حوصلو ۽ فتح جو پختو يقين هجي ته وڏي کان وڏو دشمن به بي معنيٰ ٿي وڃي ٿو، شهيدن جي قربانين کي ڪڏهن به فراموش نه ٿيڻ ڏينداسين. محمد علي ملڪاني چيو ته اسٽييوٽا سنڌ جي ٽيڪنيڪل ايجوڪيشن ۾ ڪرنگھي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿو، اسان جي ڪوشش آهي ته اسٽييوٽا ۾ وڌيڪ پروگرام متعارف ڪرايا وڃن. هن چيو ته اسٽييوٽا ۾ هڪ ئي وقت 70 کان 80 هزار شاگرد داخلا وٺن ٿا ۽ انهن مان هر سال 30 هزار کان وڌيڪ شاگرد پنهنجون تربيتون مڪمل ڪري مقامي ۽ پرڏيهي ليبر مارڪيٽ ۾ پنهنجو محنت جي مڃتا ماڻي رهيا آهن. هن چيو ته اسان جو ملڪ هن وقت ٻن قسم جي مسئلن کي منهن ڏئي رهيو آهي، هڪ آبادي ۽ ٻيو بيروزگاري. آبادي جي حوالي سان مختلف حڪومتي ادارا مختلف پاليسين تي عمل ڪري رهيا آهن، جڏهن ته بيروزگاري ختم ڪرڻ لاءِ سنڌ ۾ اسٽييوٽا کي پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪرڻو آهي. ان موقعي تي تازو ترقي ماڻيندڙ ملازمن کي سرٽيفڪيٽس ڏنا ويا. وزير يونيورسٽيز ۽ بورڊز محمد علي ملڪاني ترقي ماڻيندڙن کي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته توهان کي محنت جاري رکڻي آهي، اسٽييوٽا ۽ سنڌ جي ترقي لاءِ پنهنجو ڪردار نڀائيندا رهو، اسان جي ادارن ۽ اسان جي مستقبل کي توهان جي محنت ۽ لگن جي ضرورت آهي. اسان کي باقي صوبن کان وڌيڪ محنت ڪرڻي آهي. ان موقعي تي ايم ڊي اسٽييوٽا منور علي مٺاڻي چيو ته دنيا ۾ ٽيڪنيڪل ماڻهن جي تمام گهڻي ضرورت آهي، اسان جا پاس آئوٽ شاگرد وچ اوڀر ۾ پنهنجي محنت سان روزگار حاصل ڪري رهيا آهن، هن چيو ته اسٽييوٽا اڄ جتي پهتو آهي، ان ۾ اسان جي سڀني استادن ۽ اسٽاف جي محنت شامل آهي، مونکي اميد آهي ته هن ۾ وڌيڪ ترقي ٿيندي. ايم ڊي اسٽييوٽا منور علي مٺاڻي چيو ته پوري صوبي ۾ هن وقت اسٽييوٽا جي 259 انسٽيٽيوٽس جو ڄار پکڙيل آهي جتان هر سال 30 هزار ٻارڙا ٽيڪنيڪل ۽ فني مهارتون حاصل ڪري مختلف انڊسٽريز ۾ شامل ٿين ٿا. ايم ڊي اسٽييوٽا منور علي مٺاڻي ٻڌايو ته اسٽييوٽا جي ملازمن ڏينهن رات محنت ڪري ادارن جو نالو روشن ڪرڻ جو عزم کنيون آهي، ان جو ثبوت انهن جي طرفان تيار ڪيل اڪيڊمڪ ڪيلنڊر آهي. وزير محمد علي ملڪاني اڪيڊمڪ ڪيلنڊر جو افتتاح ڪيو.

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے