اکتوبر 29, 2025



ڪراچي : سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي ڊائريڪٽر جنرل مزمل حسين ھاليپوٽو جي ھدايتن تي خطرناڪ قرار ڏنل ڪمزور عمارتن کي ڊاهڻ جي مهم جاري آھي، جڏھن ته ڊيموليشن اسڪواڊ پاران سڄي شهر ۾ اضافي ماڙن، پورشنز، ۽ استعمال اراضي جي خلاف ورزين سميت ڪيترين ئي غيرقانوني تعميرن کي ڊاهي ۽ سِربمهر ڪيو ويو آھي۔ تفصيل موجب، ڊائريڪٽر جنرل جي ھدايت تي ايس بي سي اي ڊيموليشن اسڪواڊ طرفان ضلعي ڏکڻ، لياري جي علائقي ۾ پلاٽ نمبر 4748، اسٽريٽ نمبر 26، پلاٽ نمبر LY-8/68/K-2، پلاٽ نمبر 36 ۽ 37، واقع عبدالمجيد روڊ، نوا آباد لياري تي خطري واري قرار ڏنل ملٽي فلور عمارتن کي مڪمل طور پٽ ڪرڻ لاءِ ڊاهڻ جو عمل جاري آھي، جڏھن ته صدر جي علائقي ۾ پلاٽ نمبر 2/1، SR-06، پلاٽ نمبر 04، GK-06 ۽ پلاٽ نمبر 22، SB-5 کي ايندڙ ڪارروائي لاءِ سِربمهر ڪيو ويو آھي۔ واضح رھي ته تعميراتي ماهرن تي مشتمل خطناڪ عمارتن بابت ٽيڪنيڪل ڪميٽي، اڃا تائين ڪراچيءَ جون 567 کان وڌيڪ عمارتون سندن خراب ۽ ڪمزور ڍانچي جي بنياد تي خطري واري ۽ ناقابل رھائش قرار ڏنيون آھن۔ ان حوالي سان ڊائريڪٽر جنرل ايس بي سي اي جو چوڻ آھي ته روزانو اهڙين عمارتن ۾ ٿيندڙ حادثا انساني الميي جو سبب بڻجي رهيا آهن۔ وزير بلديات سيد ناصر حسين شاهه جي سخت موقف موجب، اھڙي صورتحال ۾ ڪارروائيون انتهائي ضروري آھن۔ ھن ٻيهر پڪ ڏياري آھي ته قيميتي انساني جانيون ۽ ملڪيت بچائڻ لاءِ انھن عمارتن جي مڪمل ڊاهڻ تائين مهم جاري رهندي۔ ان کان علاوه، غيرقانوني تعميرن خلاف ڪاروائين دوران ڊيموليشن ٽيم ضلعي سينٽرل، لياقت آباد ٽائون، شريف آباد ۾ پلاٽ نمبر R-93، بلاڪ 1، جي ٽين منزل جا ڪالم ۽ شيٽرنگ، پلاٽ نمبر R-856، بلاڪ 1 تي چوٿين منزل جون تعميرون، عثمانيه سي ايڇ ايس ۾ پلاٽ نمبر 137 ۽ 138 تي بيسمينٽ جا ڪالم ۽ شيٽرنگ، ۽ رضويه سي ايڇ ايس B-16 تي گرائونڊ کان ٻي منزل تائين اڳئين حصي جون آر سي سي تعميرون ڊاهي ڇڏيون۔ ناظم آباد جي علائقي ۾ پلاٽ نمبر 66/4، سب بلاڪ 1-J تي ستون منزل جون مڪمل تعميرون ۽ پلاٽ نمبر 8/10، سب بلاڪ 1-G تي ٽين منزل کي جزوي طور تي ڊاهي ڇڏيو، جڏھن ته پلاٽ نمبر 10/8، سب بلاڪ 5-C، پاپوش نگر ۾ استعمال اراضي جي خلاف ورزي تحت خانگي اسڪول جو ڪمرو ڊاهي ۽ سائن بورڊ هٽايو ويو۔ گلبرگ ٽائون جي فيڊرل بي ايريا ۾ استعمال اراضي جي خلاف ورزي هيٺ پلاٽ نمبر R-806، بلاڪ 09، ۽ پلاٽ نمبر 1517، بلاڪ 9 تي مختلف خانگي بئنڪن جي پارٽيشن ديوارن ۽ ڪمرا ڊاهي ڇڏيا ويا۔ ٻي ڪارروائي ۾ پلاٽ نمبر A-572، بلاڪ 12 جي لازمي کلي جاءِ تي آر سي سي ڇت، پلاٽ نمبر R-1300، بلاڪ 14 تي ٽين منزل جي تعمير کي جزوي طور ڊاهي ڇڏيو، جڏهن ته پلاٽ نمبر B-15، بلاڪ 20 تي موجود ماڻهن جي مزاحمت باوجود ٻي منزل جون ديوارون ۽ ٽي آر گارڊر ڇت ڊاهي وئي۔ نارٿ ناظم آباد ٽائون ۾ پلاٽ نمبر A-349، بلاڪ J تي غيرقانوني دڪانن جون پارٽيشن ديوارون ۽ رولنگ شٽر، ۽ پلاٽ نمبر 806، سيڪٽر 15/A-4، بفر زون ۾ خانگي بئنڪ جا رولنگ شٽر هٽايا ويا۔ ٻئي طرف، ڊيموليشن اسڪواڊ ضلعي ايسٽ، اسڪيم 33 ۾ پلاٽ نمبر Com-6، ال مسلم سي ايڇ ايس تي پنجين منزل، ۽ پلاٽ نمبر C-8، ايئرڪرو سي ايڇ ايس تي ٻي منزل جون پارٽيشن ديوارون، پلاٽ نمبر B-2، پي سي ايس آءِ آر، سيڪٽر 24-A تي گرائونڊ فلور، ۽ پلاٽ نمبر B-36، سينٽرل انفارميشن سي ايڇ ايس تي گرائونڊ ۽ پهرين منزل جون پارٽيشن ديوارون ڊاهي ڇڏيون، جڏهن ته پلاٽ نمبر D-43، سيڪٽر 18/A، ڪوئٽا ٽائون تي ڳري مشينري ذريعي تعمير هيٺ پهرين منزل کي ڊاهي ڇڏيو۔ گلشن اقبال اسڪيم 24 ۾ پلاٽ نمبر C-39، بلاڪ 04 تي ٻي منزل ۽ پلاٽ نمبر D-66، بلاڪ 07 تي پهرين منزل تي لازمي کلي جاءِ تي ٿيندڙ تعميرون ڊاهي ڇڏيون ويون، جڏھن ته ڊيموليشن اسڪواڊ جي ٻي ٽيم ضلعي ڪورنگي ۾ پلاٽ نمبر 217/4، جعفرباغ، ماڊل ڪالوني تي ٽين منزل جي تعمير کي ڊاهي ڇڏيو۔ مٿين سڀني ڊاهڻ واري ڪارروائين کي ڊائريڪٽر ڊيموليشن جي سربراهي ۾ لاڳاپيل ڊپٽي، اسسٽنٽ ڊائريڪٽرز ۽ ڊيموليشن آفيسرن جي نگراني هيٺ عمل ۾ آندو ويو، جڏهن ته امن امان جي صورتحال تي ضابطو رکڻ لاءِ ايس بي سي اي پوليس فورس به انهن سان گڏ موجود هئي۔
ڏوگر

: سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي ڊائريڪٽر جنرل مزمل حسين ھاليپوٽو جي ھدايتن تي خطرناڪ قرار ڏنل ڪمزور عمارتن کي ڊاهڻ جي مهم جاري آھي، جڏھن ته ڊيموليشن اسڪواڊ پاران سڄي شهر ۾ اضافي ماڙن، پورشنز، ۽ استعمال اراضي جي خلاف ورزين سميت ڪيترين ئي غيرقانوني تعميرن کي ڊاهي ۽ سِربمهر ڪيو ويو آھي۔ تفصيل موجب، ڊائريڪٽر جنرل جي ھدايت تي ايس بي سي اي ڊيموليشن اسڪواڊ طرفان ضلعي ڏکڻ، لياري جي علائقي ۾ پلاٽ نمبر 4748، اسٽريٽ نمبر 26، پلاٽ نمبر LY-8/68/K-2، پلاٽ نمبر 36 ۽ 37، واقع عبدالمجيد روڊ، نوا آباد لياري تي خطري واري قرار ڏنل ملٽي فلور عمارتن کي مڪمل طور پٽ ڪرڻ لاءِ ڊاهڻ جو عمل جاري آھي، جڏھن ته صدر جي علائقي ۾ پلاٽ نمبر 2/1، SR-06، پلاٽ نمبر 04، GK-06 ۽ پلاٽ نمبر 22، SB-5 کي ايندڙ ڪارروائي لاءِ سِربمهر ڪيو ويو آھي۔ واضح رھي ته تعميراتي ماهرن تي مشتمل خطناڪ عمارتن بابت ٽيڪنيڪل ڪميٽي، اڃا تائين ڪراچيءَ جون 567 کان وڌيڪ عمارتون سندن خراب ۽ ڪمزور ڍانچي جي بنياد تي خطري واري ۽ ناقابل رھائش قرار ڏنيون آھن۔ ان حوالي سان ڊائريڪٽر جنرل ايس بي سي اي جو چوڻ آھي ته روزانو اهڙين عمارتن ۾ ٿيندڙ حادثا انساني الميي جو سبب بڻجي رهيا آهن۔ وزير بلديات سيد ناصر حسين شاهه جي سخت موقف موجب، اھڙي صورتحال ۾ ڪارروائيون انتهائي ضروري آھن۔ ھن ٻيهر پڪ ڏياري آھي ته قيميتي انساني جانيون ۽ ملڪيت بچائڻ لاءِ انھن عمارتن جي مڪمل ڊاهڻ تائين مهم جاري رهندي۔ ان کان علاوه، غيرقانوني تعميرن خلاف ڪاروائين دوران ڊيموليشن ٽيم ضلعي سينٽرل، لياقت آباد ٽائون، شريف آباد ۾ پلاٽ نمبر R-93، بلاڪ 1، جي ٽين منزل جا ڪالم ۽ شيٽرنگ، پلاٽ نمبر R-856، بلاڪ 1 تي چوٿين منزل جون تعميرون، عثمانيه سي ايڇ ايس ۾ پلاٽ نمبر 137 ۽ 138 تي بيسمينٽ جا ڪالم ۽ شيٽرنگ، ۽ رضويه سي ايڇ ايس B-16 تي گرائونڊ کان ٻي منزل تائين اڳئين حصي جون آر سي سي تعميرون ڊاهي ڇڏيون۔ ناظم آباد جي علائقي ۾ پلاٽ نمبر 66/4، سب بلاڪ 1-J تي ستون منزل جون مڪمل تعميرون ۽ پلاٽ نمبر 8/10، سب بلاڪ 1-G تي ٽين منزل کي جزوي طور تي ڊاهي ڇڏيو، جڏھن ته پلاٽ نمبر 10/8، سب بلاڪ 5-C، پاپوش نگر ۾ استعمال اراضي جي خلاف ورزي تحت خانگي اسڪول جو ڪمرو ڊاهي ۽ سائن بورڊ هٽايو ويو۔ گلبرگ ٽائون جي فيڊرل بي ايريا ۾ استعمال اراضي جي خلاف ورزي هيٺ پلاٽ نمبر R-806، بلاڪ 09، ۽ پلاٽ نمبر 1517، بلاڪ 9 تي مختلف خانگي بئنڪن جي پارٽيشن ديوارن ۽ ڪمرا ڊاهي ڇڏيا ويا۔ ٻي ڪارروائي ۾ پلاٽ نمبر A-572، بلاڪ 12 جي لازمي کلي جاءِ تي آر سي سي ڇت، پلاٽ نمبر R-1300، بلاڪ 14 تي ٽين منزل جي تعمير کي جزوي طور ڊاهي ڇڏيو، جڏهن ته پلاٽ نمبر B-15، بلاڪ 20 تي موجود ماڻهن جي مزاحمت باوجود ٻي منزل جون ديوارون ۽ ٽي آر گارڊر ڇت ڊاهي وئي۔ نارٿ ناظم آباد ٽائون ۾ پلاٽ نمبر A-349، بلاڪ J تي غيرقانوني دڪانن جون پارٽيشن ديوارون ۽ رولنگ شٽر، ۽ پلاٽ نمبر 806، سيڪٽر 15/A-4، بفر زون ۾ خانگي بئنڪ جا رولنگ شٽر هٽايا ويا۔ ٻئي طرف، ڊيموليشن اسڪواڊ ضلعي ايسٽ، اسڪيم 33 ۾ پلاٽ نمبر Com-6، ال مسلم سي ايڇ ايس تي پنجين منزل، ۽ پلاٽ نمبر C-8، ايئرڪرو سي ايڇ ايس تي ٻي منزل جون پارٽيشن ديوارون، پلاٽ نمبر B-2، پي سي ايس آءِ آر، سيڪٽر 24-A تي گرائونڊ فلور، ۽ پلاٽ نمبر B-36، سينٽرل انفارميشن سي ايڇ ايس تي گرائونڊ ۽ پهرين منزل جون پارٽيشن ديوارون ڊاهي ڇڏيون، جڏهن ته پلاٽ نمبر D-43، سيڪٽر 18/A، ڪوئٽا ٽائون تي ڳري مشينري ذريعي تعمير هيٺ پهرين منزل کي ڊاهي ڇڏيو۔ گلشن اقبال اسڪيم 24 ۾ پلاٽ نمبر C-39، بلاڪ 04 تي ٻي منزل ۽ پلاٽ نمبر D-66، بلاڪ 07 تي پهرين منزل تي لازمي کلي جاءِ تي ٿيندڙ تعميرون ڊاهي ڇڏيون ويون، جڏھن ته ڊيموليشن اسڪواڊ جي ٻي ٽيم ضلعي ڪورنگي ۾ پلاٽ نمبر 217/4، جعفرباغ، ماڊل ڪالوني تي ٽين منزل جي تعمير کي ڊاهي ڇڏيو۔ مٿين سڀني ڊاهڻ واري ڪارروائين کي ڊائريڪٽر ڊيموليشن جي سربراهي ۾ لاڳاپيل ڊپٽي، اسسٽنٽ ڊائريڪٽرز ۽ ڊيموليشن آفيسرن جي نگراني هيٺ عمل ۾ آندو ويو، جڏهن ته امن امان جي صورتحال تي ضابطو رکڻ لاءِ ايس بي سي اي پوليس فورس به انهن سان گڏ موجود هئي۔
ڏوگر

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے