سنڌ جي وڏي وزير جي اکين کان محروم سي ايس ايس پاس اميدوار ارل حسين سان ملاقات
ھمت، محنت ۽ پڪي پھھ اڳيان ڪابھ جسماني گھٽتائي رڪاوٽ نه ٿي بڻجي سگهي، وڏو وزير سيد مراد علي شاهه
سنڌ حڪومت خاص ٻارن لاءِ اعليٰ تعليم ۽ بااختيار بڻائڻ جا موقعا فراهم ڪري رهي آهي، وڏو وزير
ڪراچي . سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه 27 ورھين جي اکين کان محروم سي ايس ايس ڪامياب اميدوار ارل حسين سان اربع ڏينھن وزيراعليٰ ھائوس ۾ ملاقات ڪئي ۽ کيس پاڪستان جي فارن سروس ۾ شموليت تي دل جي گهراين سان واڌايون ڏنيون. ارل حسين سي ايس ايس جو امتحان 2024ع جي بيچ ۾ ڪاميابي سان پاس ڪيو ۽ کيس سندس پهرين ترجيح مطابق فارن سروس آف پاڪستان لاءِ چونڊيو ويو. هن موقعي تي ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته ارل حسين جي ڪاميابي ثابت ڪري ٿي ته ھمت، محنت ۽ پڪي پھھ اڳيان ڪا به جسماني معذوري رڪاوٽ نٿي بڻجي سگهي. سيد مراد علي شاهه نوجوان آفيسر کي ڀاڪر پائيندي چيو تھ توهان اسان سڀني جو نالو فخر سان مٿي ڪيو آهي. ارل حسين پنهنجي تعليمي سفر بابت ٻڌايو ته هن خاص ٻارن جي اسڪول مان شروعاتي تعليم حاصل ڪئي، بعد ۾ سينٽ پيٽرڪ هاءِ اسڪول ۽ ڪراچي يونيورسٽي مان تعليم مڪمل ڪئي. وڏي وزير پيپلز بس سروس جي پڻ ساراھھ ڪئي، جنهن بابت ارل حسين ٻڌايو ته هو پيپلز بس سروس کي باقاعدي استعمال ڪري ٿو ۽ ان کي تمام ڪارائتو سمجهي ٿو. هن وڏي وزير کي عرض ڪيو ته بس سروس ۾ ڊيجيٽل يا وائيس اسسٽڊ سسٽم شامل ڪيو وڃي ته جيئن بصارت کان محروم ماڻهو ايندڙ بسن کي سڃاڻي سگهن. ارل حسين وڌيڪ چيو ته سي ايس ايس امتحانن دوران بصارت کان محروم اميدوارن کي اضافي وقت ڏنو ويندو آهي، جنهن سبب هو وڌيڪ بهتر طريقي سان ڪارڪردگي ڏيکاري سگهيا. ملاقات ۾ وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف، ڊپارٽمينٽ آف ايمپاورمينٽ آف پرسنز وِٿ ڊس ايبيليٽيز (ڊي اي پي ڊي) جو سيڪريٽري طهٰ فاروقي، نيٽورڪ آف آرگنائيزيشن ورڪنگ وٿ ڊيئيبلٽيز (NOWPDP) جو امين هاشواڻي، مصطفيٰ غازي ۽ اقرا نگي پڻ موجود هئا. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته سنڌ ۾ خاص ماڻهن جون وڌندڙ ڪاميابيون سنڌ حڪومت جي فلاحي ڪوششن جو نتيجو آهن. هن چيو ته سنڌ حڪومت جو مقصد هڪ جامع ۽ بااختيار سماج جوڙڻ آهي، جتي خاص ماڻهن کي اعليٰ تعليم ۽ روزگار جا موقعا ملي سگهن. مراد علي شاهه چيو ته سنڌ حڪومت انڪليوزو سٽي ۽ ٻين ادارن سان گڏجي خاص ٻارن جي تعليم ۽ بااختياري لاءِ ڪم جاري رکندي. هن سول سوسائٽي ۽ نجي شعبي کي اپيل ڪئي ته اهي پڻ خاص ماڻهن جي ترقي ۽ بااختياري لاءِ حڪومت سان گڏجي قدم وڌائين.
