
فرنيچر ايڪسپو جو مقصد مقامي ڪمپنين کي ملڪي ۽ پرڏيهي مارڪيٽ ۾ پروموٹ ڪرڻ آهي، صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه
حڪومت مقامي مصنوعات کي عالمي مارڪيٽ تائين رسائي فراهم ڪرڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي، سنڌ جي بلديات کاتي واري وزير جو لائيف اسٽائيل ايڪسپو جي افتتاحي تقريب کي خطاب
ڪراچي سنڌ جي مڪاني ادارن ۽ هائوسنگ ٽائون پلاننگ واري وزير سيد ناصر حسين شاهه، ايڪسپو سينٽر ۾ منعقد ٿيندڙ 124 هين پاڪستان لائيف اسٽائيل فرنيچر ايڪسپو نمائش جو افتتاح ڪيو. پاڪستان لائيف اسٽائيل ايڪسپو جي فيصل محسن ۽ زارا محسن، بلديات کاتي واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه کي ڀليڪار ڪيو. ان موقعي تي بلديات کاتي واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه ربن ڪٽي پاڪستان لائيف اسٽائيل ايڪسپو جو افتتاح ڪيو. هن چيو ته ايڪسپو سينٽر ڪراچي ۾ فرنيچر ايڪسپو ۾ 100 کان وڌيڪ ملڪي فرنيچر ڪمپنين جا 120 اسٽال لڳايا ويا آهن، فرنيچر ايڪسپو جو مقصد مقامي ڪمپنين جي مصنوعات کي ملڪي ۽ بين الاقوامي سطح تي متعارف ڪرائڻ آهي. سيد ناصر حسين شاهه چيو ته سنڌ حڪومت اهڙن ايوينٽس جي مڪمل حمايت ڪري ٿي، چيئرمين بلاول ڀٽو جي ويزن ۽ سنڌ جي وڏي وزير جي هدايت تي سنڌ حڪومت مقامي مصنوعات کي بين الاقوامي مارڪيٽ تائين رسائي فراهم ڪرڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي. هن وڌيڪ چيو ته اهڙا پروگرام اسان جي مقامي مصنوعات کي بهترين پليٽ فارم مهيا ڪن ٿا، فيصل محسن ۽ زارا محسن جي هن قدم کي ساراهيون ٿا. بلديات کاتي واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو ته بين الاقوامي مارڪيٽ ۾ پاڪستاني فرنيچر جي مصنوعات کي تمام گهڻو ساراهيو وڃي ٿو، ماڻهن جو وڏو تعداد ڏسي هن ايوينٽ جي ڪاميابي ۾ ڪنهن به شڪ جي گنجائش ناهي. ناصر شاهه چيو ته ڪامياب ايڪسپو جي انعقاد تي پاڪستان لائيف اسٽائيل فرنيچر ايڪسپو نمائش جي انتظاميا کي مبارڪباد پيش ڪيون ٿا. ان موقعي تي بلديات ۽ هائوسنگ ٽائون پلاننگ واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه کي نمائش انتظاميا طرفان يادگار شيلڊ پيش ڪئي وئي. ان کان اڳ ناصر شاهه نمائش ۾ لڳايل اسٽالن جو تفصيلي دورو ڪيو ۽ اتي رکيل مصنوعات جي معيار جي تعريف ڪئي.