اکتوبر 14, 2025

سندھ ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ پاران ايندڙ تعليمي سال 27-2026 لاءِ درسي ڪتاب ڇپائڻ جو عمل شروع

ڪراچي (25 سيپٽمبر) ــ سنڌ ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ اهم هدف عبور ڪندي ايندڙ تعليمي سال 27-2026 لاءِ درسي ڪتابن جي ڇپائي جو عمل باقاعدي طور تي شروع ڪري ڇڏيو آهي. تعليم واري وزير سيد سردار علي شاهه چيو ته مناسب حڪمت عملي ۽ سنجيده قدمن جي ڪري ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ جي ڪارڪردگي ۾ نمايان بهتري آئي آهي. هن چيو: “هاڻي سرڪاري اسڪولن ۾ ڪتاب وقت سر پهچن ٿا، ڪتابن جي دير سان فراهمي واريون خبرون هاڻي ماضي جو قصو بنجي ويون آھن.” تفصيل موجب ايندڙ تعليمي سال لاءِ پنجاھ لک درسي ڪتابن جا سيٽ ڇپجڻ شروع ٿي ويا آهن، جيڪي ڇپجڻ کان پوءِ مرحليوار ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ جي ويئر هائوسز ۾ پهچڻ شروع ٿي ويا آھن. ڇپائي جو عمل جنوري 2026 تائين مڪمل ڪيو ويندو، جنهن کان پوءِ ڪتاب اسڪولن تائين پهچائڻ جو عمل شروع ٿيندو ۽ مارچ 2026 تائين مڪمل ڪيو ويندو.

سندھ ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ جي چيئرمين پرويز احمد بلوچ چيو ته اداري جي ڪارڪردگي هاڻي مڪمل طور تي فعال ۽ بهتر آهي. هن چيو: “ھلندڙ سال جي ڪتابن جي ورڇ ڪاميابي سان مڪمل ٿي ۽ هاڻي ايندڙ سال لاءِ ڇپجندڙ ڪتاب ويئر هائوسز ۾ اچي رھيا آھن، اپريل کان شروع ٿيندڙ نئين تعليمي سال ۾ ڪتاب بروقت شاگردن جي هٿن ۾ هوندا

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے