اکتوبر 14, 2025

ڪراچي

سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ حڪومت سنڌ جي پهرين ترجيح آهي ۽ صوبائي حڪومت هر وقت عوام سان گڏ بيٺل آهي۔

هڪ بيان ۾ سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ ٻڌايو ته وزيراعليٰ سنڌ جي هدايتن تي ريسڪيو ٽيمون رات ڏينهن متاثر علائقن ۾ سرگرم آهن ۽ متاثر ماڻهن کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته حڪومت سنڌ جي هدايتن تي ريسڪيو 1122 نه رڳو انساني جانيون بچايون پر چوپائي مال، خوراڪ ۽ گهر جي سامان کي به محفوظ بڻايو ته جيئن متاثر ماڻهن کي وڌيڪ تڪليف نه پھچي.

هن چيو ته هي رڳو هڪ آپريشن ناهي پر انسانيت جي خدمت آهي ۽ حڪومت سنڌ هر مشڪل وقت ۾ عوام سان گڏ آهي. هن ٻڌايو ته هن وقت پنجند ۽ تريمون تي سيلابِي ريلن جي سڀ کان خطرناڪ صورتحال آهي، جڏهن ته گڊو تي وچولي سطح جو سيلاب آهي، گڊو، سکر ۽ ڪوٽڙي ۾ حالتون ضابطي ۾ آهن. هن جي مطابق پنجند ۾ پاڻي جي مٿانھين ۽ ھيٺانھين وھڪرا ٻئي 524,762 ڪيوسڪ آهن، جيڪي تمام وڏي سطح آهي، جڏهن ته تريمون تي هي سطح 531,993 ڪيوسڪ آهي. گڊو بئراج تي مٿانھون 425,813 ۽ ھيٺانھون وھڪرو 416,763 ڪيوسڪ، سکر بئراج تي مٿانھون 352,010 ۽ ھيٺانھون وھڪرو 329,310 ڪيوسڪ، جڏهن ته ڪوٽڙي بئراج تي مٿانھون وھڪرو 235,243 ۽ ھيٺانھون وھڪرو 231,763 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو آھي.

سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ وڌيڪ چيو ته حڪومت سنڌ پاڻي جي سطح تي لڳاتار نظر رکي رهي آهي ته جيئن ڪنهن به هنگامي صورتحال کي وقت سر منهن ڏئي سگهجي. هن چيو ته تازي ٻوڏ واري حالتن دوران ريسڪيو 1122 سنڌ پنهنجي پيشوراڻن صلاحيتن جو مظاهرو ڪندي هزارين متاثر خاندانن کي سهارو ڏنو. ريسڪيو ٽيمون نه رڳو انساني جانيون بچائي رهيون آهن پر چوپائي مال ۽ قيمتي سامان کي به محفوظ هنڌن تي منتقل ڪري رهيون آهن۔

هن چيو ته 31 آگسٽ کان 7 سيپٽمبر تائين جاري رهندڙ ريسڪيو آپريشنن دوران مختلف ضلعن مان گڏيل طور تي 380 ماڻهن کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪيو ويو. سڀ کان وڌيڪ سرگرميون ضلعي سکر ۾ ٿيون، جتي امام بخش جتوئي، بشيرآباد ۽ حاجي فقير محمد جتوئي سميت مختلف ڳوٺن مان 69 ماڻهن کي ڪڍيو ويو۔ اهڙيءَ طرح شهيد بينظير آباد مان 147 ماڻهن کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته 30 چوپائي مال، 40 سولر پليٽون ۽ ڪڻڪ جون ٻورين به بچايون ويون. نوشهروفيروز ۾ ڇهن ڏينهن دوران 147 ماڻهن کي ريسڪيو ڪيو ويو ۽ انهن جو گهريلو سامان ۽ ٻيون شيون به محفوظ ھنڌن تي منتقل ڪيون ويون. خيرپور ميرس ۾ ڳوٺ گل حسن مان 5 ماڻهن کي محفوظ هنڌ تي منتقل ڪيو ويو۔

هن چيو ته مقامي انتظاميه ۽ صوبائي حڪومت جي سهڪار سان ٻوڏ متاثرن کي هر ممڪن مدد فراهم ڪئي وئي آهي ۽ هي سلسلو جاري رهندو.

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے