اکتوبر 14, 2025

سنڌ حڪومت طرفان پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو استادن کي مصنوعي ذھانت جي استعمال ڪندي آن لائين تربيت جو آغاز

ڪراچي (11 سيپٽمبر 2025ع) — سنڌ حڪومت طرفان پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو استادن کي تيز، مؤثر ۽ جديد تدريسي نظام ۾ مدد ڏيڻ لاءِ AI بنياد تي آن لائين تربيت جي شروع ڪئي پئي وڃي. هن سلسلي ۾ سنڌ اسڪول ايجوڪيشن کاتي، يونيسيف ۽ خان اڪيڊمي پاڪستان گڏيل طور AI ٽيچر ٽريننگ پائلٽ پروجيڪٽ جي لانچ کان اڳ مفاهمتي ياداشت (MoU) تي صحيحون ڪرڻ واري تقريب اڄ ڪراچي ۾ رکي وئي، تقريب ۾ سنڌ جي تعليم واري وزير سيد سردار علي شاهه خاص مهمان طور شرڪت ڪئي. جڏهن ان موقعي تي سيڪريٽري اسڪول ايجوڪيشن زاهد علي عباسي، چيف ايڊوائيزر ڪيريڪيولم ڊاڪٽر فوزيه خان، يونيسيف سنڌ جي ايجوڪيشن مينيجر عبير مقبول، چيف فيلڊ آفيسر يونيسيف سنڌ پريم بہادر چند، سي اي او خان اڪيڊمي پاڪستان ذيشان حسن، خان اڪيڊمي جي بورڊ ميمبرز امين هاشواني ۽ نعيم زميندار، ڊپٽي ڊائريڪٽر عاطف وگھيو ۽ ٻين آفيسرن پڻ شرڪت ڪئي. ڇهن مهينن تي مشتمل ٽريننگ جي پائلٽ پروجيڪٽ ۾ دادو، ٽنڊو الهيار، ٿرپارڪر ۽ عمرڪوٽ ضلعن جي 3500 استادن کي تربيت فراهم ڪئي ويندي. هن منصوبي ۾ يونيسيف پاران فنڊنگ ۽ عالمي معيار کي يقيني بڻائيندو، جڏهن ته خان اڪيڊمي تربيت ۽ ٽيڪنيڪل مدد فراهم ڪندي. خان اڪيڊمي جو Khanmigo AI استاد کي ليڪچر پلاننگ، سکيا مواد جي تياري ۽ ڪلاس ۾ شاگردن جي دلچسپي وڌائڻ ۾ مدد ڏيندو. تربيت ۾ لائيو آن لائين سيشن ۽ سيلف لرننگ ماڊيولز شامل هوندا. ان موقعي تي تقريب ۾ تعليم واري وزير سيد سردار علي شاهه چيو ته “سنڌ حڪومت تعليم ۾ جدت ۽ معيار کي بھتر ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي، جديد ٽيڪنالاجي مان فائدو حاصل ڪندي اسان جا استاد پھريان کان وڌيڪ اعتماد سان ڪلاس ۾ داخل ٿيندا. هن قدم سان سنڌ جي پٺتي پيل علائقن جا ٻارڙا به عالمي معيار جي تعليم مان فائدو وٺي سگھندا. هي پروگرام مستقبل ۾ صوبي لاءِ هڪ ماڊل بڻجندو ۽ پاڪستان جي تعليمي نظام ۾ نمايان تبديلي آڻيندو.” خان اڪيڊمي پاڪستان جي سي اي او ذيشان حسن چيو ته KhanmigoAI استادن جو وقت بچائيندو، انهن جي تخليقي صلاحيت وڌائيندو ۽ شاگردن کي وڌيڪ ڌيان ڏيڻ ۾ مدد ڪندو.” جڏھن ته يونيسيف جي عبير مقبول چيو ته مصنوعي ذھانت وسيلي هر ٻار لاءِ معياري، مؤثر ۽ جامع تعليم کي يقيني بڻائڻ اسان جو مقصد آهي.”
خان اڪيڊمي جي بورڊ ميمبر امين هاشواني چيو ته “هي حڪومت، عالمي ساٿين ۽ مقامي ادارن جي گڏيل ڪوشش جو ماڊل آهي.” پنھنجا خيال وڊيندي نعيم زميندار چيو ته “تعليم قومن جي تبديلي جو سڀ کان طاقتور ذريعو آهي. هي قدم 21هين صديءَ جي مهارتن کي هٿي وٺرائيندو.”
ايم او يو تي صحيحون ٿيڻ کان اڳ ٿيندڙ بريفنگ ۾ صوبائي وزير کي ٻڌايو ويو ته استادن کي نصابي ڪتابن مطابق ليڪچر پلان ٺاھن ۽ ڪلاس جي سرگرمين مطابق تربيت ڏني ويندي. Khanmigo AI موضوع جي حساب سان فوري طور ليڪچر پلان، سوال ۽ سرگرميون تجويز ڪري سگهندو، جنهن سان استادن جو وقت پڻ بچندو، استادن کي گهڻو ڪري ورڪ شيٽس، ڪوئزز ۽ پريزنٽيشنز جي ضرورت پوندي آهي، جن لاءِ AI متنوع ۽ معياري مواد تيار ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو، ان کان علاوه آگاھي ڏني وئي ته Khanmigo AI اهڙيون سرگرميون به تجويز ڪندو جيڪي شاگردن جي دلچسپي وڌائين ۽ ڪلاس کي وڌيڪ متحرڪ بڻائين، ڇو ته هر ٻار هڪ ئي رفتار سان نه ٿو سکي، ان لاءِ AI استادن کي اهڙا ٽولز فراهم ڪندو جيڪي مختلف سطح جي شاگردن لاءِ الڳ حڪمتِ عملي ۽ مشقون تجويز ڪن. وزير تعليم وڌيڪ چيو ته هي تربيت استادن کي جديد تعليمي رجحان ۽ عالمي معيار سان ڳنڍيندي، جنهن سان سنڌ جي شاگردن کي بين الاقوامي سطح جي تعليم ملي سگهندي، ساڳئي وقت اھا ٽريننگ استادن کي ٽيڪنالاجي استعمال ڪرڻ ۾ مهارت حاضل ڪرڻ، ڪيريئر ڊولپمينٽ ۽ خوداعتمادي پيدا ڪرڻ لاءِ فائديمند ثابت ٿيندي. تقريب جي آخر ۾ وزير تعليم سيد سردار علي شاهه ياداشت نامي جي ضابطن تي اعتماد ۽ مڪمل حمايت جو اظهار ڪيو، تربيت مڪمل ڪندڙ استادن کي سرٽيفڪيٽ پڻ ڏنا ويندا. هن پائلٽ پروجيڪٽ کي صوبي جي سطح تي AI بنياد تي تدريسي تربيت جي شروعات لاءِ هڪ تاريخي قدم قرار ڏنو پيو وڃي.

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے