
رات ڀيٽ ۾ سڄي اليڪٽرانڪ ميڊيا تي ملڪ جي 12 صوبن جي قيام تي بحث شروع ڪرايو ويو آهي ۽ 12 صوبن جو خواب به پراڻو آهي جڏهن ضياءِ جي مارشلا هئي تڏهن اصغر خان اهو مطالبو ڪيو هو ته هر هڪ ڊويزن کي صوبي جو درجو ڏئي گورنر مقرر ڪيو وڃي تنهن زماني ۾ پاڪستان ۾ ٻارنهن ڊويزنيون هيون اهو بحث، خواب، خواهش ۽ تمنائون پراڻيون آهن، اهو بحث هن وقت ڪنهن لاٿو آهي، ڪنهن جي چوڻ سان ٿيئي ٿو، ان جو جواب آهي واڳ ڌڻي. انهيءَ سلسلي ۾ انهن جا ڪجهه مقرر ٿيل آواز آهن، جيڪي ٺهي سڀنري، بوٽيڊ سوٽيڊ ٿي، ڪوڙا سچا ٽيليويزن تي دليل بازي ڪري عوام جي ذهن سازي ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، جيڪا انهن جي اجائي ڪوشش آهي جنهن جو ڪو به خاطر خواهه نتيجو نڪرڻو ناهي، ڇو ته ڪنهن به صوبي ۾ وڌيڪ صوبن جي قيام لاءِ انهيءِ واسطيدار صوبي جي اسيمبلي جي ٽي ڀاڱي ٻه جي اڪثريت گهربل آهي، جيڪا شايد انهن کي ميسر نه آهي، هو جيئن چاهيندا ٿي ويندو اهو ممڪن نه آهي، ڪجهه مسئلا اهڙا آھن جيڪي سنڌي عوام جي جيئڻ، مرڻ يعنيٰ زندگي ۽ موت جا مسئلا آهن، ان ۾ سنڌ جي وحدت، سنڌ جو پاڻي ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ ڏنل ۽ تجويز ٿيل زمينون رد ڪرائڻ جهڙا حساس ترين مسئلا شامل آهن.
سنڌ، سنڌين جي ماءَ ۽ اسان سنڌين جو تاريخي وطن آهي ان جي حفاظت هر سنڌي جو فرض آهي پوءِ اهو ڪهڙي به پارٽي سان ڇو نه هجي، سنڌو درياءَ جي بچاءَ ۽ بحالي جي تحريڪ ۾ اوهان کي ياد هوندو ته تحريڪ خود بلاول ڀٽو زرداري کي ششدر ڪري ڇڏيو هو، “ جو هو وضاحتي تقريرن ۾ پنهنجي ئي ورڪرن کي سمجهائيندي چوندو هو ته” اسان جي ليڊرن جا ته ڪالاباغ ڊيم خلاف جدوجهد ڪندي مٿا ئي اڇا ٿي ويا آهن، اوهان ڇو سنڌو جي پاڻي جي مسئلي تي پريشان آهيو” ته پوءِ اوهان ڏٺو ته خود پيپلز پارٽي سنڌو تي نون ڪينالن خلاف ڊويزن سطح تي جلسا ڪري پنهنجي سياسي ساک پئي بچائي، اوهان ڏٺو ته اقتداري سياست پنهنجو پرو اسٽيبلشمينٽ بيانو ڇڏي، سنڌ بياني تي اچي ويئي، چوندا آهن ته سياست جي اها تمام وڏي شڪست ليکبي آهي جڏهن اها پنهنجو بيانو ڇڏي، پنهنجي بچاءَ لاءِ مخالف بياني کي اپنائي وٺي، عوام جي زبردست پريشر ملڪ جي اقتداري ڌر کي سنڌ توڙي مرڪز ۾ پنهنجي صفن کي درست ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو ۽ سنڌوءَ تي ڪينال موخر ٿيا، انهيءَ صورتحال ۾ اسان سمجهون ٿا ته عوامي جاڳرتا جي هن دور ۾ سنڌ جي صوبائي اسيمبلي مان وڌيڪ صوبن جي حق ۾ فيصلو وٺڻ ناممڪن آهي، ڪنهن وٽ ڪيتري به قوت هجي پر سنڌ جي ضمير ۽ خمير ۾ ايتري سگهه موجود آهي جو هو سنڌ دشمنن کي شڪست ڏيئي پنهنجي وجودي وحدت قائم دائم رکي سگهي ٿي.
اڳ جڏهن ملڪ ۾ 1955ع ۾ ون يونٽ جو قيام ٿيو پئي ته انهيءَ اسڪيم ۾ به ون يونٽ جي حامين اهو پئي چيو ته ون يونٽ جي قيام سان خرچ بچندو، مرڪز مضبوط ٿيندو، ملڪ ۾ خوشحالي جو هڪ نئون دور ايندو، پر اها اسڪيم دراصل تاريخي قومن، انهن جي ٻولين ۽ شناخت کان انڪار ۽ مشرقي پاڪستان جي عددي جمهوري حق جي نفي ڪرڻ هو، نه ته جمهوري سرشتي ۾ اهو بنگالين جو حق هو ته هو پاڪستان تي حڪمراني ڪن، جڏهن 1970ع ۾ عوامي ليگ مشرقي پاڪستان ۾ واضح اڪثريت سان کٽي آئي ته ملڪ جي ٻن حصن ۾ ورهاست ته قبول ڪئي ويئي پر جمهوري تقاضا جو مان رکندي اقتدار جي منتقلي نه ڪئي ويئي، انهي ون يونٽ ۾ جيڪا سنڌ جي وسيلن جي ڀينگ ڪئي وئي سو تاريخ جو رڪارڊ آهي، لکين ايڪڙ ڪوٽڙي بئراج ۽ سکر بئراج جو زرخير زمينون انعام ۽ نيلام جي اسڪيم هيٺ ڌارين کي الاٽ ڪيون ويون، 1945ع پاڻي ٺاهه کي انهيءَ وقت ۾ رد ڪري پنجاب لاءِ نوان ڊيم ٺاهيا ويا، سنڌي سينيئر آفيسرن مٿان پنجاب جي جونيئر آفيسرن کي فوقيت ڏني ويئي، سنڌ جي وڏن شهرن خاص ڪري ڪراچي ۽ حيدرآباد جون تجارتي ۽ پرائيم لينڊ ڌارين حوالي ڪيون ويون، ايترو نقصان ٿيو جنهن جو ڳاڻاٽو ناممڪن آهي، هاڻ جڏهن 12 صوبن جي ڳالهه ڪئي ٿي وڃي ته به اها لٻاڙ بازي ڪئي پئي وڃي ته اقتدار جي هيٺين سطح تي منتقلي ٿيندي، هر ڪنهن جي ايڊمنسٽريشن تائين ويجهي رسائي ٿيندي، هيٺين سطح تي عوام بااختيار ٿيندو، ملڪ ۾ خوشحالي جي هڪ نئين دور جو آغاز ٿيندو، اهو دليل به پرويز مشرف جي آمريتي دور ۾ ناظم نظام جي ناڪامي ۾ تاريخ رد ڪري چڪي آهي. پر هن اسڪيم پٺيان به اقتداري مالڪن جا معاشي مفاد ۽ صوبن جي معدني خزانن تي نظر آهي، ملڪ جي حڪمران آمريڪا سان معدني ذخيرن جو سودو ڪيو آهي، بقول حڪمرانن جي هڪ اندازي مطابق ايندڙ سال بلوچستان جي سون ۽ معدني ذخيرن مان 200 ارب ڊالرس جي اُپت ٿيندي، جنهن مان 130 ارب ڊالرس سان ملڪ جو قرض لهي ويندو ۽ باقي 70 ارب ڊالرس مان ملڪ جي زبردست ترقي ٿيندي، اسان پڇڻ ٿا چاهيون ته ملڪ ڪهڙو، خزانا بلوچستان جا ۽ ترقي پنجاب جي ٿيندي، جيڪا هڪ ناانصافي آهي، انهيءَ سلسلي ۾ سنڌ ۽ ڪي پي ڪي اسيمبلي مان معدني ذخيرهه مرڪز يعنيٰ ايس اي ايف سي جي حوالي ڪرڻ جي قرارداد اڃان پاس نه ٿي آهي، بلوچستان جي صوبائي حڪمرانن ته تڙ تڪڙ ۾ قرارداد پاس ڪري ڇڏي، جنهن جو پڻ بلوچستان ۾ ردعمل آهي، ڇا هن عمل جي ذميواري پ پ پ کڻڻ لاءِ تيار آهي. جنهن جي بلوچستان ۾ حڪومت آهي جنهن هميشهه بلوچستان جي ترقي جون دعوائون ڪيون آهن، اهو سڀ ڪجهه ننڍن صوبن جي ملڪيتن، وسيلن، معدنيات، تيل، گئس، ٻيلا، جهنگ، ڍنڍون ڍورا، سامونڊي ڪنارو، سنڌو ندي، زرخير زرعي زمين تي قبضا گيري جو خواب آهي. پر ڇا اسان اهو پڇي سگهون ٿا ته 12 صوبا، 12 وزيراعليٰ، 12 گورنر ، 12 صوبائي سيڪريٽريٽ، 12 وزيراعليٰ هائوس، 12 گورنر هائوس اهو خرچ ڪير برداشت ڪندو، ملڪي معيشيت جو اهو حال آهي جو هڏڪيون پئي هڻي جو ملڪ عالمي مالياتي ادارن جو اڳ ئي ڳرن شرطن تي اربين ڊالرن جو قرضي آهي، هي اسڪيم پڻ ون يونٽ جي دوکي وانگر اِنڪارءِ وطن آهي، صوبا جيڪي تاريخي وطن آهن، جيڪي پاڪستان جا خالق پڻ آهن هاڻ انهن جي وحدت تي وار ڪرڻ جو سوچيو وڃي ٿو، سنڌي سر ته ڏيندا پر وطن نه ڏيندا، خدا نه ڪري ته هي اسڪيم به ائين نه ٿي جو ون يونٽ جيئان ملڪ کي ڪو جوکو نه ڏيئي ۽ ملڪ هڪ ٻئي هاڃين جو شڪار نه ٿي.