
سنڌ جي تعليم واري وزير سيد سردار علي شاهه ٽريننگ جي افتتاحي سيشن جي موقعي تي خطاب ڪندي چيو ته سکڻ جو عمل ڪڏهن به رڪڻ نه گهرجي۔
ڪراچي ــ سنڌ ۾ پهريون ڀيرو ڪاليج استادن جي انتظامي عهدن جي وھنوار ۽ ذميوارين بابت تربيت جو آغاز ڪيو ويو آهي، ان ڏس ۾ سنڌ حڪومت جي ٽريننگ مينيجمينٽ اينڊ ريسرچ ونگ ڪراچي ۾ منعقد ٿيندڙ ٽريننگ جي افتتاحي سيشن جي موقعي تي صوبائي وزير تعليم سيد سردار علي شاهه خطاب ڪندي چيو ته سکڻ جو عمل ڪڏهن به بيهڻ نه گهرجي، ڪاليجن جي استادن کي پرنسپالن ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن کي انتظامي معاملن لاءِ تيار ڪرڻ سان ئي ڪاليجن جو معيار وڌيڪ بهتر ٿي سگھندو. پنج ڏينهن واري ٽريننگ جي افتتاحي سيشن جي موقعي تي ايڊيشنل سيڪريٽري ٽريننگ مينيجمينٽ اينڊ ريسرچ ونگ عبدالوحيد شيخ، سيڪريٽري ڪاليجز شهـاب قمر انصاري ۽ ٻين آفيسرن شرڪت ڪئي، صوبائي وزير سيد سردار علي شاهه چيو ته سکڻ جو عمل ڪڏهن به بيهڻ نه گهرجي، درس و تدريس واري عمل سان لاڳاپيل استاد جڏهن پرنسپال ۽ ٻين انتظامي عهدن تي ذميواريون سنڀالين ٿا ته کين انتظامي معاملن ۾ ڪيترن ئي چيلينجن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو،
جنهن سبب سندن ڪارڪردگي به متاثر ٿئي ٿي، اسان استادن کي انتظامي حوالي سان مضبوط ڪرڻ ٿا چاهيون، جيئن هو ڪاليجن جي معاملن کي بهتر نموني هلائي سگهن۔ هن چيو ته انتظامي معاملا تدريس کان مختلف هوندا آهن، اسان انتظامي حوالي سان ڪاليجن کي مضبوط ڪرڻ ٿا چاهيون، جيئن پرنسپال ۽ ٻيا انتظامي عهدن تي ويهندڙ استاد سروسز رولز، پروڪيورمينٽ، فنانشل مينيجمينٽ، هيومن ريسورس ۽ ٻين رولز اينڊ ريگيوليشنز کي سمجهي ڪاليجن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ ۾ پنھنجو ڪردار ادا ڪري سگھن،
صوبائي وزير چيو ته سنڌ حڪومت ڪاليجن کي پنهنجو بجيٽ ۽ ٻيا اختيار ڏئي ڪجهه معاملن ۾ پاڻ ڀرو ڪرڻ چاهي ٿي، جيئن پرنسپال پنھنجي عھدي تي رھندي ڪاليجن جي مرمت ۽ سار سنڀال، فرنيچر جي خريداري، استادن جي معاملن ۽ آفيسرن ۽ ملازمن جي ميڊيڪل بلن سان گڏ شاگردن ۽ ساگردياڻين جي معاملن جون ذميواريون بهتر نموني نڀائي سگهن۔ ان موقعي تي سيڪريٽري ڪاليج ايجوڪيشن شهـاب قمر انصاري چيو ته پھرين مرحلي ۾ سنڌ مان 200 پرنسپل ۽ انتظامي آفيسرن کي تربيت ڏني ويندي ۽ هر بيچ ۾ 30 استادن کي سروسز، پروڪيورمينٽ، فنانشل مينيجمينٽ، هيومن ريسورس ۽ ٻين رولز اينڊ ريگيوليشنز بابت ضروري ڄاڻ ڏني ويندي،
جڏهن ته مستقبل ۾ ٽريننگ مڪمل ڪندڙ استادن کي پرنسپال ۽ ٻين انتظامي عهدن تي ويهڻ جو موقعو ڏنو ويندو، هن چيو ته کاتو ڪنهن به سکيا جي عمل جي حمايت ڪري ٿو ۽ اسان کي پنهنجي استادن تي مڪمل اعتماد آهي۔