جولائی 2, 2025

سنڌ اسيمبلي جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽيءَ مالي بي ضابطگين جي خدشي جي سبب سڄي سنڌ جي سڀني يوسيز کي هر مهيني ملندڙ 2 ارب روپين جي بجيٽ جي آڊٽ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. ان ڏس ۾ پي اي سيءَ سنڌ جي 1600 يوسيز جي بجيٽ ۽ انهن جي مالي خرچن جي آڊٽ لاءِ آڊيٽر جنرل آف پاڪستان کي خط لکي ڇڏيو آهي. پي اي سيءَ پاران آڊيٽر جنرل آف پاڪستان کي لکيل خط ۾ چيو ويو آهي ته سنڌ جي سڀني يوسيز کي ملندڙ هر مهيني 2 ارب روپين جي بجيٽ ڪٿي خرچ ٿي رهي آهي؟

جنهن بابت آڊٽ نه پئي ٿئي. جنهن تي پي اي سيءَ کي خدشا آهن. خط ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته سنڌ حڪومت صوبي جي سڀني يوسيز کي هر مهيني 2 ارب روپيا بجيٽ فراهم ڪري رهي آهي پر فراهم ٿيندڙ بجيٽ ۽ مالي خرچن جي اسڪروٽني نه پئي ٿئي. ڊي جي آڊٽ پاران صرف ڪراچي ڊويزن جي يوسيز جي سال 2018ع کان سال 2019ع جي آڊٽ ڪئي وئي آهي پر سنڌ جي ٻين ضلعن جي يوسيز جي بجيٽ جي آڊٽ نه پئي ٿئي. پي اي سي آڊيٽر جنرل آف پاڪستان کي خط ۾ چيو آهي ته لاڳاپيل ڊي جي آڊٽ کي پابند ڪيو وڃي ته هو سنڌ جي سڀني يوسيز کي هر مهيني ملندڙ بجيٽ ۽ ان بجيٽ مان مالي خرچن جي 3 سالن جي آڊٽ شروع ڪئي وڃي. ٻئي طرف پي اي سيءَ پاران سنڌ جي سرڪاري کاتن کان وڌيڪ 3 ارب 42 ڪروڙ 80 لک روپين جي اوڳاڙي ڪرائي ورتي آهي

جنهن کان پوءِ پي اي سي پاران سرڪاري کاتن کان اوڳاڙيل رقم 16 ارب 2 ڪروڙ 24 لک روپين تائين پهچي وئي آهي جيڪا رقم سرڪاري خزاني ۾ پڻ جمع ڪرائي وئي آهي. سرڪاري کاتن کان اوڳاڙيل رقم مان ڊي جي آڊٽ لوڪل گورنمينٽ سيپٽمبر 2024ع کان وٺي اپريل 2025ع تائين مختلف کاتن کان هڪ ارب 87 ڪروڙ 31 لک روپين جي رقم اوڳاڙي سرڪاري خزاني ۾ جمع ڪرائي وئي جڏهن ته ڊي جي آڊٽ سنڌ جولائي 2024ع کان اپريل 2025ع تائين مختلف سرڪاري کاتن کان 782.723 ملين روپيا اوڳاڙي ڪري رقم سرڪاري خزاني ۾ جمع ڪرائي وئي ۽ ڊي جي آڏث ورڪس پاران مختلف سرڪاري کاتن کان 772.178 ملين روپيا اوڳاڙي اھا رقم سرڪاري خزاني ۾ جمع ڪرائي وئي آهي. گذريل ڏينهن ۾ پي اي سي مختلف وفاقي ۽ صوبائي ادارن کان پاڻي چارجز جي مد ۾ واٽر بورڊ جون 12 ارب 59 ڪروڙ 43 لک روپيا رهتون اوڳاڙي رقم سرڪاري خزاني ۾ جمع ڪرائي وئي

جنهن کان پوءِ پي اي سيءَ پاران سرڪاري خزاني ۾ جمع ڪرايل رقم 16 ارب 2 ڪروڙ 24 لک روپين تائين پهچي وئي آهي. ٻئي طرف پي اي سي پاران جولائي 2024ع کان مئي 2025ع تائين جاري ڪيل پنهنجي ڪارڪردگي رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته پي اي سي جا هن وقت تائين 97 اجلاس ٿيا

جنهن ۾ مختلف کاتن جي 1383 آڊٽ پيرائن جو جائزو ورتو ويو.

پي اي سي پاران 1383 پيرائن مان مختلف کاتن جي 325 آڊٽ پيرائن کي سيٽل ڪيو ويو جڏهن ته 1058 آڊٽ پيرائن کي ڊيفر ڪيو ويو آهي. پي اي سي چيئرمين نثار کهڙو چيو آهي ته سرڪاري خزاني ۾ 16 ارب روپين جي رقم جمع ٿيڻ پي اي سي جي سڀني ميمبرن ۽ پي اي سي اسٽاف جي رڪارڊ ڪارڪردگي جو ثبوت آهي ۽ پي اي سي سرڪاري ٽئڪس جا پئسا سرڪاري کاتن کان اوڳاڙي سرڪاري خزاني ۾ جمع ڪرڻ لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکندي.

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے