مارچ 11, 2025

ڪراچي،

ڪراچي توانائي کاتي سنڌ ۽ پاڪستان ريلوي وچ ۾ ٿر ريلوي لائين وڇائڻ بابت مفاهمتي يادداشت تي دستخط ڪرڻ جي تقريب توانائي کاتي جي سيڪريٽريٽ ۾ منعقد ٿي. توانائي کاتي جي سيڪريٽري مصدق احمد خان ۽ پاڪستان ريلوي طرفان چيف مارڪيٽنگ آفيسر محمد فاروق اقبال مفاهمتي يادداشت تي صحيحون ڪيون.

ان موقعي تي توانائي، منصوبابندي ۽ ترقياتي وزير ناصر حسين شاهه ڳالهائيندي چيو ته ٿر جي ڪوئلي کي ملڪ جي ٻين پاور پلانٽن تائين پهچائڻ لاءِ اڄ هي معاهدو ڪيو ويو آهي. هن چيو ته ٿر جي ڪوئلي کي ملڪ جي ٻين صوبن تائين پهچائڻ لاءِ ريلوي جو منصوبو شروع ڪيو ويو آهي، جنهن تحت ٿر ڪول فيلڊ کان ڇور ريلوي لائين تائين 105 ڪلوميٽر ڊگهو ٽريڪ وڇايو ويندو.

منصوبي مطابق بن قاسم کان پورٽ قاسم تائين 9 ڪلوميٽر ريلوي لائين به وڇائي ويندي. معاهدي موجب، منصوبي ۾ وفاقي ۽ سنڌ حڪومت جو برابر، 50-50 سيڪڙو حصو هوندو. منصوبي تي لڳ ڀڳ 75 بلين رپيا لاڳت ايندي. حاصل ٿيندڙ نفعي ۾ به سنڌ ۽ وفاق جو برابر حصو هوندو.

ناصر شاهه وڌيڪ چيو ته ٿر جو ڪوئلو ملڪ جي توانائي ضرورت پوري ڪرڻ جي مڪمل صلاحيت رکي ٿو. ٿر ڪول فيلڊ کان نئشنل ريلوي لائين ڇور تائين ريلوي ٽريڪ وڇائڻ جو ڪم ٻن سالن جي مدي ۾ مڪمل ڪيو ويندو.

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے