
ڪراچي سنڌ جي تعليم ۽ معدنيات جي ترقي واري صوبائي وزير سيد سردار علي شاهه جي صدارت هيٺ تعليم کاتي جي ايجوڪيشن ورڪس جي آفيسرن سان ٿيل اجلاس ۾ ترقياتي اسڪيمز جي سڌي ريت نگراني ڪرڻ لاءِ سيڪريٽري اسڪول ايجوڪيشن جي سربراهي ۾ ڪميٽيون قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. اڱاري جي ڏينهن ڪراچي ۾ رٿيل اجلاس ۾ سيڪريٽري اسڪول ايجوڪيشن زاهد علي عباسي، ايڊيشنل سيڪريٽري پلاننگ اينڊ فنانس عبدالقادر انصاري، چيف انجنيئرز، ايڪس اي اينز ۽ ايجوڪيشن ورڪس جا ٻيا آفيسر شريڪ ٿيا. ان موقعي تي اسڪول ايجوڪيشن کاتي ۾ جاري ترقياتي اسڪيمز ۽ ٻين اهم منصوبن جو جائزو ورتو ويو، سنڌ جي تعليم واري وزير سيد سردار علي شاهه آفيسرن کي هدايت ڪئي ته اهي ترقياتي منصوبن کي هلندڙ مالي سال دوران هر صورت ۾ مڪمل ڪن ته جيئن ايندڙ سال نين منصوبن ڏانھن وڌي سگھجي، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته هلندڙ مالي سال ۾ 2136 اسڪيمون مڪمل ٿي چڪيون آهن، جڏهن ته ڪجهه منصوبا مڪمل ٿيڻ جي آخري مرحلن ۾ آهن. صوبائي وزير مڪمل ٿيل اسڪولن جي جائزي لاءِ سيڪريٽري سطح تي ڪميٽي قائم ڪرڻ جي به هدايت ڪندي چيو ته نگراني لاءِ مقرر ٿيندڙ جائزا ڪميٽيون تعمير ٿيل اسڪولن جو دورو ڪري حقيقتن تي ٻڌل رپورٽ پيش ڪرڻ جون پابند هونديون. هن وڌيڪ چيو ته سائيٽ تي اصل حالتن کي ڏسڻ ضروري آهي ته جيئن ڪم جي نوعيت ۽ معيار جي پرک ڪري سگھجي، ھن آفيسرن کي مخاطب ڪندي هن چيو، “اسان اکيون بند ڪري، صرف پيپرز تي ايندڙ تفصيلن تي يقين نٿا ڪري سگهون، اهو ضروري آهي ته تعمير ٿيل اسڪولن جي معيار جو پڻ جائزو وٺجي”. صوبائي وزير چيف انجنيئرز کي به هدايت ڪئي ته هو روزاني جي بنياد تي فيلڊ وزٽ ڪن ۽ واٽس ايپ ذريعي پڻ تفصيل فراهم ڪن، صوبائي وزير اھو به چيو ته “هو پاڻ به سائيٽ جو دورو ڪري منصوبن جي معيار جو جائزو پڻ وٺندو”. سيد سردار علي شاهه سنڌ ۾ سائنس سينٽر قائم ڪرڻ جي مرحلي کي جلد شروع ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته سنڌ جي ڊويزنل سطح تي سائنس سينٽرز قائم ڪرڻ لاءِ پلاٽ ۽ منصوبي سان لاڳاپيل ٻين ضروري ڪارروائي کي جلدي مڪمل ڪيو وڃي.