مارچ 11, 2025

ڪراچي

سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ بلوچستان جي علائقي بولان ۾ جعفر ايڪسپريس تي ٿيل دهشتگرد حملي جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته دهشتگردي جا اهڙا واقعا اسان جي قومي عزم کي ڪمزور نٿا ڪري سگهن.

هڪ بيان ۾ سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته هي بزدلاڻو عمل ملڪ دشمن عنصرن جي ناڪام ڪوشش آهي، جيڪي پاڪستان ۾ عدم استحڪام پيدا ڪرڻ چاهين ٿا، پر اهي ڪنهن به قيمت تي ڪامياب نه ٿيندا.

هن وڌيڪ چيو ته ملڪ دشمن عنصر خوف ۽ دهشت پکيڙڻ جي سازش ڪري رهيا آهن، پر قوم سندن ناپاڪ ارادن کي هر حال ۾ ناڪام بڻائيندي. بيگناهه شهرين کي نشانو بڻائيندڙ دهشتگرد ڪنهن به رعايت جا مستحق نه آهن.

شرجيل انعام ميمڻ عزم جو اظهار ڪندي چيو ته سڄي قوم اڳي کان وڌيڪ مضبوطيءَ سان گڏجي دهشتگردن خلاف ڄمي بيهندي.

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے