مارچ 28, 2025

عورتن جي عالمي ڏھاڙي تي سنڌ جي وڏي وزير جو پيغام

عورتن جي شموليت کانسواءِ سماج جي ترقي ممڪن ناهي: وڏو وزير مراد علي شاهه

عورتن کي برابر موقعا فراهم ڪرڻ حڪومت جي ترجيح آهي: وڏو وزير مراد علي شاهه

سنڌ حڪومت عورتن جي وقار ۽ سفر جي سهولت لاءِ پنڪ بس سروس شروع ڪئي آهي: وڏو وزير

شاگردياڻين ۽ ڪم ڪندڙ عورتن کي اليڪٽرڪ موٽر بائيڪس فراهم ڪري رهيا آهيون، مراد علي شاهه

ڪراچي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه عورتن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي سندس پيغام ۾ چيو آهي ته 8 مارچ وارو ڏينهن عورتن جي برابري، حقن ۽ انصاف جي جدوجهد جي علامت آهي. هن سنڌ جي مائرن، ڀينرن ۽ ڌيئرن کي ڀيٽا پيش ڪندي چيو ته سنڌ حڪومت عورتن کي هر شعبي ۾ بااختيار بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي. وڏي وزير چيو ته ڪنهن به سماج جي ترقي عورتن جي شموليت کانسواءِ ممڪن ناهي. پاڪستان ۾ پهرين پنڪ بس سروس عورتن جي وقار ۽ سفري سهولت لاءِ هڪ سنگ ميل ثابت ٿي آهي، جڏهن ته سنڌ حڪومت عورتن لاءِ اليڪٽرڪ بائيڪ اسڪيم پڻ شروع ڪئي آهي، جنهن جو مقصد عورتن کي محفوظ، ماحول دوست ۽ سستي سفري سهولتون مهيا ڪرڻ آهي. شروعاتي طور 1000 اليڪٽرڪ موٽر سائيڪلون شاگردياڻين ۽ ملازمت ڪندڙ عورتن کي ڏنيون وينديون ۽ سندن تربيت پڻ فراهم ڪئي ويندي. سيد مراد علي شاهه وڌيڪ چيو ته تعليم ۽ صحت ۾ عورتن کي برابر موقعا مهيا ڪرڻ پيپلز پارٽي حڪومت جي پهرين ترجيح آهي. وڏي وزير چيو تھ پاڪستان جي عورتن سدائين ملڪي ترقي ۽ جمهوريت جي بحالي ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو آهي. محترمه فاطمه جناح، بيگم نصرت ڀٽو ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي جدوجهد ۽ قيادت هڪ مستحڪم رياست جون شاندار علامتون آهن.

هن چيو ته پيپلز پارٽي عورتن جي حقن جي تحفظ ۽ شموليت لاءِ

اهم قانونسازي ڪئي آهي. عورتن جي معاشي استحڪام لاءِ زرعي زمين جي ورهاست، وراثتي ملڪيت ۾ عورتن جي حقن جو تحفظ، ۽ بينظير ڪارڊ جهڙا قدم کنيا ويا آهن. سيد مراد علي شاهه چيو ته سن 2022ع جي تباهه ڪندڙ ٻوڏ کانپوءِ پاڪستان پيپلز پارٽي جي سنڌ حڪومت ٻوڏ متاثر خاندانن جي بحاليءَ لاءِ وڏي پيماني تي اپاءَ ورتا آهن. انهن ۾ سڀ کان اهم اڳڀرائي ٻوڏ متاثرن لاءِ گهرن جو اڏاوت آهي، جنهن تحت هزارين بي گهر خاندانن کي پختا رهائشي گهر فراهم ڪيا پيا وڃن. هن وڌيڪ چيو ته هن رٿا تحت عورتن کي بااختيار بڻائڻ لاءِ گھرن جا مالڪاڻا حق عورتن جي نالي تي ڏنا پيا وڃن، ته جيئن اهي خودمختيار ۽ محفوظ زندگي گذاري سگهن. سنڌ حڪومت تازو ئي گهٽ آمدني وارين هزار عورتن ۾ مفت سولر هوم سسٽم جي ورهاست جو تاريخي قدم پڻ کنيو آهي.

وڏي وزير چيو ته پيپلز پاورٽي ريڊڪشن پروگرام تحت لکين عورتن کي مالي مدد، تربيت ۽ وسيلن جي فراهمي ڪئي پئي وڃي ته جيئن هو خودمختيار بڻجي سگهن. عورتن لاءِ بينظير يوٿ ڊيولپمينٽ پروگرام به متعارف ڪرايو ويو،

جنهن تحت انهن کي فني ۽ پيشه ورانه سکيا ڏني پئي وڃي. سنڌ حڪومت ۽ آڪسفورڊ يونيورسٽي جي وچ ۾ هڪ معاهدي تحت "شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو اسڪالرشپ پروگرام” جو آغاز ڪيو ويو آهي، ته جيئن سنڌ جي شاگردياڻين ۽ شاگردن کي عالمي معيار جي تعليم فراهم ڪري سگهجي.

عورتن جي راندين ۾ شرڪت کي هٿي ڏيڻ لاءِ سنڌ حڪومت تازو ئي صوبي جي 30 ضلعن ۾ سنڌ پنڪ گيمز 2025 جو اهتمام ڪيو، جنهن جو مقصد عورتن کي راندين ۾ اڳتي وڌڻ جا موقعا مهيا ڪرڻ آهي. وڏي وزير چيو ته مضبوط ۽ خودمختيار عورتون مستحڪم ۽ خوشحال پاڪستان جي ضمانت آهن.

ھن چيو تھ سندس حڪومت عورتن لاءِ وڌيڪ روزگار، تحفظ ۽

ترقي جا قدم کڻي رهي آهي، ته جيئن انهن کي هر سطح تي برابري جا موقعا ملي سگهن.

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے