مارچ 12, 2025


مهانگائي کي نظر ۾ رکندي عوام کي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ، سنڌ سرڪار رمضان المبارڪ دوران سڄي سنڌ ۾ بچت بازار قائم ڪري ڇڏيا آهن.


سنڌ جي سينيئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌ سرڪار جو هيءُ قدم سنڌ سرڪار جي عوام دوست پاليسي جو حصو آهي، جنهن جو مقصد عوام کي بنيادي ضروري شيون سستي اگھھ تي فراهم ڪرڻ ۽ وچولي ۽ گهٽ آمدني واري طبقي کي مهانگائي جي اثرن کان محفوظ رکڻ آهي.
هن چيو ته عوام کي رليف فراهم ڪرڻ سنڌ حڪومت جي پھرين اوليت آهي، بچت بازارن جو قيام انهيءَ سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي ته جيئن عوام تي مهانگائي جو بار گھٽائي سگھجي. انهن بازارن ۾ عام واھپي جون شيون گهٽ قيمت تي ميسر هونديون ته جيئن عام ماڻهو جي مشڪلاتن ۾ گهٽتائي آڻي سگهجي.
سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت انهن بازارن جي شفافيت ۽ انتظامي نگراني کي يقيني بڻائڻ لاءِ جامع قدم کنيا آهن. هر بازار ۾ سرڪاري عملدار مقرر ڪيا ويا آهن ته جيئن قيمتن تي نظر رکي سگهجي ۽ ڪنهن به قسم جي ناجائز منافع خوري، ذخيره اندوزي يا بدانتظامي کي فوري طور روڪي سگهجي.
هن واضع ڪيو ته ناجائز منافع خوري ۽ بدانتظامي کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو، حڪومتي ضابطن جي ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.
سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته قيمتن جي استحڪام ۽ شين جي معيار کي يقيني بڻائڻ لاءِ بچت بازارن جي مسلسل نگراني ڪئي پئي وڃي. عوام انهن بازارن مان ڀرپور فائدو وٺي ۽ جيڪڏهن ڪنهن به قسم جي شڪايت هجي ته سڌي ريت لاڳاپيل عملدارن تائين پهچائين.

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے