دسمبر 24, 2024

/ لاھور پاڪستان ڪسان رابطا ڪميٽي ۽ ليبر ايجوڪيشن فائونڊيشن طرفان سنڌو درياھ تي ڇهه نون ڪئنالن ۽ ٻين ماحول دشمن منصوبن خلاف لاهور ۾ شمله پهاڙيءَ کان ايوان اقبال تائين ماحولياتي انصاف مارچ ڪيو ويو. جنھن ۾ مطالبو ڪيو ته سنڌو درياھ تي وڌيڪ ڇهه ڪئنال کوٽڻ جو عمل فوري طور تي بند ڪيو وڃي،

ڪوئلي مان بجلي پيدا ڪرڻ بند ڪئي وڃي، ڪارپوريٽ جي نالي ۾

سنڌ جي 13 لک ايڪڙ زمين سميت ملڪ جي 48 لک ايڪڙ زمينن تي قبضي جو سلسلو ختم ڪيو وڃي. مارچ ۾ ٻوڏ متاثرن لاءِ ماحولياتي انصاف ۽ فوري معاوضي جو به مطالبو ڪيو ويو. سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ ايڊووڪيٽ ڪائنات ڏاهري، پاڪستان ڪسان رابطا ڪميٽي جي اڳواڻ فاروق طارق، ليبر ايجوڪيشن فائونڊيشن جي ڊائريڪٽر خالد محمود، عوامي ورڪرس پارٽي گلگت بلتستان جي اڳواڻ بابا جان، روبينه جميل، رفعت مقصود، تيمور رحمان، علي کوسو، طارق محمود، مزمل ڪاڪڙ، شاهه رڪن عالم، حسنين جميل فريدي، طالب حسين ۽ ٻين اڳواڻن ريلي کي خطاب ڪيو. سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ ايڊووڪيٽ ڪائنات ڏاهري، سنڌي گرلز اسٽوڊنٽس تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ ڪرن ٻپڙ، پارس ٻپڙ ۽ سنڌي شاگرد تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ صدام ٻپڙ جي اڳواڻي ۾ سنڌياڻي تحريڪ ۽ سنڌي شاگرد تحريڪ جي وفد ريلي ۾ شرڪت ڪئي.

ريلي کي خطاب ڪندي سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ ايڊووڪيٽ ڪائنات ڏاهري چيو ته سنڌو درياھ جو پاڻي روڪي علائقي کي ماحولياتي تباهيءَ ڏانهن ڌڪيو پيو وڃي. سنڌو درياھ، سنڌ جي تهذيب، تمدن، انسانن ۽ جانورن سميت ھر حيات لاءِ زندگي جو واحد ذريعو آهي. سنڌو مان زبردستي 6 ڪئنال کوٽڻ جو فيصلي کي سنڌ جو عوام موت جو پيغام سمجهي ٿو. ھن مطالبو ڪيو ت⁰00ه سنڌو درياءَ مان غير قانوني طور تي 6 ڪئنال ڪڍڻ جو فيصلو فوري طور واپس ورتو وڃي ۽ وڌيڪ ڪئنال کوٽڻ جو عمل بند ڪيو وڃي. ڪائنات ڏاهري وڌيڪ چيو ته سنڌ ۽ پنجاب جو عوام سنڌو درياھ تي ٺاهيل سڀني ڊيمن ۽ ڪئنالن کي رد ڪري ٿو. جيستائين ڪئنالن جو فيصلو واپس نه ورتو ويندو، سنڌياڻي تحريڪ پنهنجي پرامن جدوجهد جاري رکندي. هن وڌيڪ چيو ته سنڌو درياءَ کي بچائڻ لاءِ پنجاب جي ترقي پسند ڌرين کي سنڌ سان گڏجي گڏيل جدوجهد ڪرڻي پوندي. پاڪستان ڪسان رابطا ڪميٽي جي جنرل سيڪريٽري فاروق طارق چيو ته پاڪستان جا ماڻهو موسمياتي بحران جي بدترين اثرن کي منهن ڏئي رهيا آهن، جڏهن ته اهو بحران انهن پيدا نه ڪيو آهي. امير ملڪ، جيڪي هن تباهي جا ذميوار آهن، پنهنجي ذميوارين کان مسلسل ڀڄي رهيا آهن. هن مطالبو ڪيو ته ٻوڏ متاثرن ۽ ھارين کي فوري معاوضو ڏنو وڃي، صاف هوا جو حق يقيني بڻايو وڃي، ۽ سڀني لاءِ ماحولياتي انصاف فراهم ڪيو وڃي. فاروق طارق وڌيڪ چيو ته وقت اچي ويو آهي ته عوام جي قيادت ۾ تحريڪ هلائي وڃي ۽ موسمياتي بحران پيدا ڪندڙن جو احتساب ڪيو وڃي. هن سنڌ جي عوام سان يڪجهتيءَ جو اظهار ڪندي چيو ته سنڌو درياءَ تي وڌيڪ 6 ڪئنال کوٽڻ جو فيصلو واپس ورتو وڃي ۽ اهو عمل فوري طور تي روڪيو وڃي. ليبر ايجوڪيشن فائونڊيشن جي ڊائريڪٽر خالد محمود چيو ته توانائي پيداوار لاءِ فوسل فيولز تي پاڪستان جو وڌيڪ انحصار ماحولياتي تباهي ۽ معاشي عدم استحڪام جو سبب بڻجي رهيو آهي. هن وقت ملڪ جي 60 سيڪڙو کان وڌيڪ بجلي ڪوئلي، تيل ۽ گئس جهڙن فوسل فيولز مان حاصل ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته قابل تجديد توانائي جو حصو 5 سيڪڙو کان به گهٽ آهي.

ھن چيو ته فوسل فيولز تي ڀاڙڻ نه رڳو گرمي ۽ ٻوڏ جهڙين قدرتي آفتن کي وڌائي ٿو، پر فيول جي درآمد تي وڌندڙ خرچن ذريعي معيشت تي به بار بڻجي ٿو. عوامي ورڪرز پارٽي گلگت بلتستان جي صدر بابا جان چيو ته اسان کي استحصال جي خلاف مزاحمت ڪرڻي پوندي ۽ پنهنجي زمينن، معاش ۽ ايندڙ نسلن جي تحفظ لاءِ فوري قدم کڻڻا پوندا. ريلي ۾ سوين ماڻهن، مزدورن، عورتن ۽ ھارين کان علاوه مختلف ٽريڊ يونين، سول سوسائٽي جي تنظيمن ۽ تحريڪن جي اڳواڻن پڻ شرڪت

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے