دسمبر 2, 2024

سنڌو اسان جو ويساهہ ۽ اسان جو قومي درياهہ.
محمد ابراهيم جويو..

پاڻي،
پاڻي زندگي آهي، ڌرتيءَ تي موجود هر جيوَ جو جياپو آهي.
جَرُ هجي، ڇَر هجي يا اهو موسلاڌار مينهن جي روپ ۾ هجي، پاڻي ساهہ پساهہ آهي.
پر وهندڙ جر، امرت ڌارا – سوم رس آهي، پاڻي تهذيبن جو خلقڻهار ۽ پالڻهار آهي، پاڻي زندگيءَ جي حرارت ۽ رواني آهي.
اسان لاءِ اها امرت ڌارا سنڌو جي نانءِ سان نروار آهي، سنڌو تهذيبن جو روح آهي. سنڌو سڀيتائن جو امر اظهار آهي، ان جا سمورا دڳ ۽ پيچرا حياتيءَ تي ڪو آڳانجهو احسان آهن.
رِگ ويد جون مناجاتون، انهيءَ جي سچ جون ساکي آهن.
سنڌو وڻجارن جي واٽ آهي.
بندر ديسان ديس جو پيرائتو پڌرنامو آهي، هيءُ بادشاهہ ڳهيلو ٻيلن تي ٻاجهہ آهي، ٻيلائين جا مٺڙا ٻول آهن.
هيءُ ٻاجهارو درياهہ اسان جي حصي جي ڌرتيءَ جي وجود جو اڪيلو وسيلو آهي.

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے