نومبر 30, 2024

ڪراچي صوبائي وزير محنت ۽ انساني وسيلن شاهد عبدالسلام ٿهيم چيو آهي ته سنڌ سرڪار ملازمن جي مسئلن جي حل لاءِ سنجيده قدم کڻي رهي آهي ۽ سيسي ملازمن جا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا ويندا. هن اها ڳالهه پيپلز ليبر بيورو سنڌ جي صدر حبيب الدين جنيدي جي سربراهي ۾ سيسي جي سي بي اي وفد سان ملاقات دوران ڪئي. وفد صوبائي وزير کي سيسي ملازمن کي درپيش مسئلن بابت آگاهه ڪيو ۽ ٻڌايو ته سوشل سيڪيورٽي لانڍي اسپتال جي اسٽاف ڪالوني جي گئس گذريل هڪ مهيني کان بند ٿيل آهي، جنهن سبب ملازمن جي خاندانن کي سخت پريشانين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. وزير محنت فوري نوٽيس وٺندي وفد کي يقين ڏياريو ته هن مسئلي کي جلد حل ڪيو ويندو. ان موقعي تي پيپلز ليبر بيورو سنڌ جي صدر حبيب الدين جنيدي صوبائي وزير کي وڌيڪ ٻڌايو ته گھٽ ۾ گھٽ اجرت بابت نوٽيفڪيشن ۾ ڪيترن ئي مهينن جي دير ٿي چڪي آهي، جنهن سبب صوبي جا پورهيت سخت بيچيني جو شڪار آهن. صوبائي وزير محنت اتفاق ڪندي چيو ته کاتو هن معاملي کي سنجيدگي سان وٺي رهيو آهي ۽ جلد ئي ان تي ڪارروائي مڪمل ڪئي ويندي. وزير محنت وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت ملازمن جي مسئلن جي حل لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪري رهي آهي ۽ هميشه پورهيتن جي ڀلائي کي ترجيح ڏني ويندي

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے