دسمبر 2, 2024

ڪراچي

سنڌ سارڪ سمورن صوبن ۽ وفاق ۾ منشيات جي حوالي سان انٽيليجنس شيئرنگ ۽ سھڪار وڌائڻ ۽ سمورن لاڳاپيل ادارن کي جوڙڻ لاءِ فيوزن سينتر قائم ڪرڻ ۽ منشيات جي عادي ماڻھن جي بحالي جي مرڪزن لاءِ صحت کاتي کان مدد وٺڻ جو فيصلو ڪيو آھي.
منشيات جي خاتمي لاءِ جوڙيل ھاءِ پاورڊ ڪميٽي جو ٻيو اجلاس ڪراچي ۾ سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت ھيٺ سندس آفيس ۾ ٿيو. اجلاس ۾ سيڪريٽري ايڪسائز محمد سليم راجپوت، سيڪريٽري يونيورسٽيز اينڊ بورڊس عباس بلوچ، سيڪريٽري سوشل ويلفيئر پرويز احمد سيھڙ، اي اين ايف جي ڪمانڊر برگيڊيئر عمر، ڊي آءِ جي سي آءِ اي مقدس حيدر ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ جنيوا مان گڏيل قومن جي اداري يو اين او ڊي سي جي ٽام ۽ اسلام آباد مان ساجد اسلم پڻ زوم ذريعي شرڪت ڪئي.
اجلاس ۾ سمورن صوبن ۽ وفاق ۾ منشيات جي حوالي سان انٽيليجنس شيئرنگ ۽ ڪو آرڊينيشن وڌائڻ لاءِ فيوزن سينٽر جوڙڻ جو فيصلو ڪيو ويو. سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جي منشيات جي خاتمي خلاف ڪاررواين ۾ تيزي ۽ جائزي لاءِ ھاءِ پاورڊ ڪميٽي جو اجلاس ھر پندرنھن ڏينھن اندر گھرائڻ جي ھدايت ڪئي.
اجلاس ۾ سي آءِ اي جي ڊي آءِ جي مقدس حيدر سنڌ پوليس ۽ اينٽي نارڪوٽڪس فورس جي ڪمانڊر برگيڊيئر عمر منشيات خلاف سنڌ پوليس ۽ اينٽي نارڪوٽڪس فورس طرفان ڪيل ڪاررواين تي بريفنگ ڏني. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو تھ منشيات جي عادي ماڻھن جي بحالي جي مرڪز ۾ درخواست ڏيڻ وارن جو انگ 9 ھزار تائين پھچي ويو آھي ۽ تعليمي ادارن ۾ منشيات فراھم ڪرڻ ۾ ملوث 13 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آھي. اجلاس ۾ منشيات جي عادي ماڻھن جي بحالي جي مرڪزن لاءِ صحت کاتي کان مدد وٺڻ جو فيصلو ڪيو ويو.
اجلاس ۾ گڏيل قومن جي اداري يو اين او ڊي سي منشيات جي خاتمي لاءِ سنڌ سرڪار کي ھر ممڪن مدد جي خاطري ڪرائي.
اجلاس ۾ ڳالھائيندي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ، ايڪسائز، ٽيڪسيشن ۽ نارڪوٽڪس ڪنٽرول واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ فيوزن سينٽر جوڙڻ لاءِ وفاق سان ڳالھايو ويندو، ھر صوبي ۽ وفاق ۾ فيوزن سينٽر جوڙڻ گھرجي تھ جيئن منشيات جي روڪٿام لاءِ اسان جون ڪوششون وڌيڪ مضبوط ٿي سگھن.
ھن چيو تھ منشيات خلاف سنڌ سرڪار جي مھم جاري آھي، اسان چاھيون ٿا تھ سمورا اسٽيڪ ھولڊرز ان ۾ پنھنجو اثرائتو ڪردار ادا ڪن، صدر آصف علي زرداري مختلف اجلاس ۾ منشيات جو خاتمو يقيني بڻائڻ جون ھدايتون جاري ڪيون آھن.
سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ سنڌ سرڪار منشيات خلاف زيرو ٽالرنس پاليسي تي عمل ڪري رھي آھي، ھي اسان جي نئين نسل جي بقا جو سوال آھي، منشيات خلاف سمورن اسٽيڪ ھولڊرز کي متحد ٿيڻو پوندو.
ھن چيو تھ بھترين نتيجا حاصل ڪرڻ لاءِ سڀني کي متحد ٿيڻو پوندو، منشيات خلاف ڪنھن بھ قسم جي دير برداشت نھ ٿي ڪري سگھجي، تعليمي ادارن ۾ منشيات جي ٽيسٽ ٿيندي، اسان جو مقصد ڪنھن کي شرمندو ڪرڻ ناھي، جيڪڏھن منشيات خلاف اسان متحد ٿي جنگ نھ وڙھي تھ پوءِ ھي لعنت ڪنھن بھ وقت اسان جي دروازن تائين پھچي سگھي ٿي، ڳڻتي جوڳي ڳالھھ اھا آھي تھ گھرن اندر ۽ پارٽيز ۾ بھ ھاڻي کليل نموني منشيات جو استعمال ٿي رھيو آھي.
سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ معاشري ۾ ھر قسم جا ماڻھو منشيات استعمال ڪري رھيا آھي، اُن لاءِ فوري طور قدم کڻڻا پوندا، ايئن نھ ٿئي جو گھڻي دير ٿي وڃي، منشيات سڀني کان وڏي لڪار آھي، سنڌ سرڪار چاھي ٿي تھ منشيات جو خاتمو يقيني بڻايو وڃي، ھي پوري ملڪ جو مسئلو آھي،منشيات جي خاتمي لاءِ مڪتبھ فڪر کي ڪوششون وٺڻيون پونديون.
ھن ھدايت ڪئي تھ منشيات جي عادي ماڻھن جي بحالي وارن مرڪزن کي فعال ڪيو وڃي، منشيات جي اھم ترين ٺڪاڻن جو پتو لڳائي اُنھن جو خاتمو آندو وڃي.
سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ منشيات فروش ڪير بھ ھجي کيس بخش نھ ڪيو ويندو، بنا ڪنھن فرق جي ڪارروايون ٿي رھيون آھن ۽ ٿينديون رھنديون، جتي بھ منشيات جي استعمال يا موجودگي جو اطلاٿ مليو ڀلي اھو ڪنھن جو گھر ھجي، دڪان يا وري ڪا محفل، اتي سخت ايڪشن کنيو ويندو.

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے