دسمبر 2, 2024

ڪراچي سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي غير قانوني اڏاوتن جي مڪمل خاتمي لاءِ حتمي عملي قدم کڻڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي، وڏي پيماني تي ڪارروائي پوري قوت سان ڪئي ويندي. تفصيل موجب ڊائريڪٽر جنرل ايس بي سي اي عبدالرشيد سولنگي چيو آهي ته سمورن ضلعي ڊائريڪٽرن، ڊپٽي ۽ اسسٽنٽ ڊائريڪٽرن جي رهائشي پلاٽن تي منظور ٿيل نقشي جي ابتڙ، غير قانوني پورشن، اضافي منزل ۽ ٻي استعمال ٿيل ايراضي جي خلاف ورزي تي سختي سان ڪارروائي ڪئي ويندي. ان سلسلي ۾ اعليٰ اختيارين کي سخت شڪايتون ملي رهيون آهن. اعليٰ آفيسرن شهر ۽ خاص طور ضلعي سينٽرل ۽ اوڀر ۾ تعميراتي بي ضابطگين ۽ ان جي ناڪاري اثرن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. واضح رهي ته ايس بي سي اي پاران غيرقانوني اڏاوتن خلاف جاري مهم مختلف پيچيدگين باوجود جارحانه انداز اختيار ڪري چڪي آهي. بهرحال، ان باوجود، ذڪر ڪيل تعميراتي خلاف ورزين جي مڪمل خاتمي ۽ ڪنٽرول لاءِ قوت ۽ رفتار ۾ اضافي جي ضرورت هئي. ان ڳالهه کي نظر ۾ رکندي ڊائريڪٽر جنرل ايس بي سي اي عبدالرشيد سولنگي پهريان کان وڌيڪ ڀرپور موثر ۽ تيز رفتار مهم لاءِ لاڳاپيل آفيسرن کي سخت هدايتون جاري ڪيون آهن. ان سلسلي ۾ جاري ڪيل حڪمن موجب ايڊيشنل ڊائريڪٽر جنرل صامت علي خان کي غير قانوني اڏاوتن کي ڊاهڻ جي عمل کي شفاف طريقي مڪمل ڪرائڻ سميت ڊسٽرڪٽ ڊائريڪٽرز سان روزاني جي بنياد تي وصول ٿيندڙ غير قانوني اڏاوتن کي ڊاهڻ جي عمل جي ڪارڪردگي رپورٽ روزانو شام 5 وڳي پِيش ڪرڻ جي ذميواري سونپي وئي آهي.ڊائريڪٽر جنرل واضح طور تي خبردار ڪيو آهي ته غير قانوني اڏاوتن جي سرپرستي ۽ انهن کي ڊاهڻ جي عمل جي شفافيت ۾ رڪاوٽون برداشت نه ڪيون وينديون ۽ جيڪو به آفيسر يا فيلڊ اسٽاف ملوث هوندو ان خلاف کاتي پاران ڪاروائي ڪئي ويندي.

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے