
ڪراچي،
توانائي ۽ رٿابندي واري سنڌ جي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته محنتڪش ماڻهن کي سماجي تحفظ، تعليم ۽ صحت جون سهولتون فراهم ڪرڻ سنڌ حڪومت جي پهرين ترجيح آهي. صوبي جي حڪومت چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي قيادت ۾ مزدورن جي ڀلائي ۽ بهبود لاءِ پُرعزم آهي.
اهي خيالات هن مزدورن جي عالمي ڏينهن پهريون مئي جي موقعي تي پنهنجي بيان ۾ ظاهر ڪيا. ناصر شاهه محنتڪش طبقن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته مزدور ڪنهن به ملڪ جي معيشت جي ريڙهه جي هڏي جي حيثيت رکن ٿا. هن چيو ته پهريون مئي، محنتڪشن جي عظيم قربانين جو ڏينهن آهي. پاڪستان پيپلز پارٽي پنهنجي قيام کان وٺي مزدور طبقي سان ڪلهو ڪلهي سان ملائي جدوجهد ڪئي آهي.
صوبائي حڪومت مزدورن جي گھٽ ۾ گھٽ پگهار 37 هزار رپيا مقرر ڪئي آهي. قائدِ عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو مزدورن کي يونين سازي جو حق ڏنو ۽ اي او بي آءِ جهڙو فلاحي ادارو قائم ڪيو. شهيد محترمه بينظير ڀٽو پنهنجي پهرين وزيراعظمي واري دور ۾ حلف کڻڻ بعد فوري طور تي آمريت دوران گرفتار مزدور اڳواڻن جي آزادي جو حڪم ڏنو. صدر آصف علي زرداري جي پهرين دورِ حڪومت ۾ آئين مان مزدور مخالف شقون ختم ڪيون ويون ۽ مزدورن جي پگهارن ۽ پينشن ۾ تاريخي واڌارو آندو ويو.
سنڌ حڪومت، چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي قيادت ۾، اڄ به مزدورن جي فلاح ۽ بهبود لاءِ پُرعزم آهي.