دسمبر 2, 2024

ڪراچي سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته ڪراچي ۾ نئين ٽرمينل کي مفت شٽل سروس فراهم ڪرڻ باوجود ڪجهه بس آپريٽرن ڪوڙا ۽ من گھڙت ڪيس داخل ڪرايا آهن، ڪجهه بس آپريٽرز قانوني ڪارروائي جي مزاحمت يا ذاتي مفادن لاءِ سرڪاري آفيسرن تي دٻاءُ وجهي رهيا آهن.

هڪ بيان ۾ سنڌ جي سينيئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ، ايڪسائيز، ٽيڪسيشن ۽ نارڪوٽڪس ڪنٽرول واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته بس اڏن جي منتقلي کي هر صورت ۾ يقيني بڻايو پيو وڃي،
دٻاءُ آهي پر اسان هر صورت ۾ ڪم جاري رکنداسين.

هن چيو ته ٽرمينلز کي ڪراچي شهر کان ٻاهر منتقل ڪرڻ جو مقصد شهر جي روڊن تان غير قانوني بس اڏن جو خاتمو آهي. ٽرانسپورٽ کاتو قانون جي حڪمراني کي برقرار رکڻ ۽ عدالتي حڪمن تي عمل ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي.

سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته شهر جي حدن کان ٻاهر بس ٽرمينل قائم ڪرڻ عدالتي حڪمن مطابق آهي، سمورا اسٽيڪ ھولڊر قانون جو احترام ۽ سھڪار ڪن، سنڌ سرڪار ٽرانسپورٽرن کي درپيش مشڪلاتن کان آگاهه آهي، اسان چاھيون ٿا ته شهرين جون تڪليفون ختم ٿين ۽ ٽرانسپورٽرن جو ڪاروبار به متاثر نه ٿئي.

هن واضح ڪيو ته ٽرانسپورٽرن سان ڳالهيون جاري رهنديون، سمورن اسٽيڪ هولڊرز جي مفادن کي نظر ۾ رکندي قدم کنيا پيا وڃن، ٽرانسپورٽ کاتو سنڌ جي گادي واري شهر اندر ٽرانسپورٽرن کي منظم ۽ قانوني طريقي سان هلائڻ لاءِ پرعزم آهي.

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے