مئی 16, 2025

سنڌ جي وڏي وزير سان اٽلي جي نئين قونصل جنرل جي ملاقات، واپاري ۽ سيڙپڪاري تعاون تي ڳالهه ٻول

ڪراچي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان اٽلي جي نئين قونصل جنرل مسٽر فيبريزيو بيئلي ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ٻطرفي لاڳاپن، واپار، سيڙپڪاري جي موقعن ۽ گڏيل ترقياتي منصوبن تي ڳالهيون ڪيون ويون.وڏي وزير سيد مرادعلي شاھھ مسٽر فيبريزيو بيئلي کي سنڌ ۾ مقرر ٿيڻ تي واڌايون ڏيندي چيو ته سنڌ حڪومت اٽلي سان مڪمل سهڪار ڪندي ته جيئن واپار ۽ سيڙپڪاري جي شعبي کي وڌيڪ هٿي ملي سگهي. ان موقعي تي قونصل جنرل فيبريزيو بيئلي چيو ته اٽلي جا سيڙپڪار سنڌ ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ ۾ گهري دلچسپي رکن ٿا. هن سنڌ ۾ مختلف ترقياتي ۽ واپاري منصوبن ۾ اٽلي جي ڪردار تي روشني وڌي. تاريخي پسمنظر بيان ڪندي وڏي وزير چيو ته 1960 ۾ تربيلا ڊيم ۽ ڪراچي کان حيدرآباد سپر هاءِ وي جي تعمير ۾ اٽلي جي انجنيئرن اهم ڪردار ادا ڪيو، پر ان کانپوءِ اٽلي ڪنهن به وڏي منصوبي ۾ شريڪ نه ٿيو. هن چيو ته هاڻي وقت اچي ويو آهي ته اٽلي سنڌ حڪومت سان پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جي ذريعي مختلف رٿائن تي گڏجي ڪم ڪري. وڏي وزير مراد علي شاهه اٽلي جي سيڙپڪارن کي سنڌ ۾ ويسٽ واٽر ٽريٽمينٽ ۽ ڊي-سيلينيشن جي رٿائن ۾ ڀائيواريءَ جي دعوت ڏني، خاص طور تي ڪراچي ۾ انهن رٿائن تي ڪم ڪرڻ جا وسيع موقعا موجود آهن. ملاقات دوران ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ ۽ مختلف شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ تي به اتفاق ڪيو ويو.

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے