
ڪراچي
سنڌ حڪومت جي ترجمان گنھور خان اسراڻ، جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمٰن جي بيان تي سخت ردعمل ظاهر ڪندي چيو آهي ته حافظ نعيم الرحمٰن جي سياست جي بنياد ئي الزامن ۽ ڪوڙ تي ٻڌل آهي، جڏهن ته پيپلز پارٽي عملي خدمت تي يقين رکي ٿي۔
هن چيو ته جماعت اسلامي بي بنياد الزامن سان عوام کي گمراهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، پر ڪراچي جا شهري حقيقت کان واقف آهن۔
سنڌ حڪومت جي ترجمان جو چوڻ آهي ته پيپلز پارٽي ڪراچي ۾ اربين رپين جا ترقياتي منصوبا مڪمل ڪيا آهن، پر ڪجھه جماعتون صرف پروپيگنڊا ۽ ڪوڙ تي سياست ڪري رهيون آهن۔ هن چيو ته ته ڪراچي ۾ 17 سالن کان پيپلز پارٽي جي حڪومت هجڻ جي دعويٰ غلط آهي، ڇاڪاڻ ته ماضيءَ ۾ بلدياتي حڪومت ايم ڪيو ايم وٽ رهي آهي ۽ قومي اسيمبلي ۾ اڪثريت پي ٽي آءِ وٽ هئي۔
گنھور خان اسراڻ وڌيڪ چيو ته جماعت اسلامي چونڊن ۾ عوام طرفان رد ٿيڻ باوجود ميئر بڻجڻ جي ڪوشش ڪئي، جڏهن ته قومي اسيمبلي جي تڪ ۾ کين رڳو 239 ووٽ مليا۔ هن جو چوڻ هو ته فارم 45 ته رڳو هڪڙو بهانو آهي، حقيقت ۾ عوام جماعت اسلامي کي رد ڪري ڇڏيو هو۔
ترجمان سنڌ حڪومت جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمٰن تي تنقيد ڪندي چيو ته هو پيپلز پارٽي جي ترقياتي منصوبن تي پنهنجا بينر ۽ تختيون لڳائي ڪريڊٽ وٺڻ جي ڪوشش ڪندا رهندا آهن۔ هن چيو ته بلاول هائوس ۽ وزيراعليٰ هائوس تي ڪرپشن جا الزام هڻندڙ پهرين پنهنجو ماضي ڏسن، ڇاڪاڻ ته ڪراچي کي يرغمال بڻائيندڙن کي هاڻي عوام بي نقاب ڪري ڇڏيو آهي۔
گنھور خان اسراڻ جو چوڻ هو ته ڪراچي جا ماڻهو ترقي ۽ خدمت جي سياست چاهين ٿا، ۽ جماعت اسلامي هاڻي اسان جو رستو نٿي روڪي سگهي۔ هن چيو ته پيپلز پارٽي عوامي خدمت تي يقين رکي ٿي ۽ الزامن جي سياست نٿي ڪري۔ گنھور خان اسراڻ چيو ته جماعت اسلامي کي ڪڏهن به عوام جي ووٽ سان ڪراچي جي ميئرشپ نه ملي، ۽ ڪراچي جا شهري ڪوڙا دعويٰ ڪندڙن کي سندن انجام تائين پهچائيندا۔