فروری 3, 2025

جڏهن ته ساليانو 56 لک رپين کان وڌيڪ آمدني تي ٽيڪس جي وڌ ۾ وڌ شرح 45 سيڪڙو هوندي. هڪ پروگريسو سپر ٽيڪس پڻ متعارف ڪرايو ويو جنهن تحت هر سال 15 ڪروڙ رپين تائين جي زرعي آمدني تي ڪوبه سپر ٽيڪس نه هوندو جڏهن ته هر سال 50 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ آمدني تي وڌ ۾ وڌ 10 سيڪڙو سپر ٽيڪس لڳايو ويندو.

وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ڪابينا جو اجلاس سومر ڏينهن وزيراعليٰ هائوس ۾ منعقد ٿيو جنهن ۾ صوبائي وزيرن، صلاحڪارن، خاص مددگارن، چيف سيڪريٽري، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري، چيئرمين پي اينڊ ڊي ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي. نئون زرعي آمدني ٽيڪس: صوبن ۽ وفاقي حڪومت جي وچ ۾ قومي مالي معاهدي تحت ڪيل واعدن موجب سنڌ ڪابينا سنڌ زرعي آمدني ٽيڪس قانون جي منظوري ڏني آهي.

هاڻي هي قانون منظوري لاءِ سنڌ اسيمبلي ۾ پيش ڪيو ويندو. هي اضافي قانون صوبي جي ٽيڪس گڏ ڪرڻ واري نظام کي مضبوط ڪرڻ ۽ زرعي شعبي ۾ مالي ذميواري کي مضبوط لاءِ متعارف ڪرايو ويو آهي. هن نئين قانون تحت سنڌ روينيو بورڊ (SRB) هڪ اثرائتي ۽ منظم نظام کي يقيني بڻائڻ لاءِ زرعي آمدني ٽيڪس جي اوڳاڙي ۽ نفاذ جو ذميوار هوندو.

تجويز ڪيل سنڌ زرعي آمدني ٽيڪس بل 2025 پهرين جنوري 2025 کان لاڳو ٿيندو. بل موجب ڇهه لک رپين تائين جي زرعي آمدني ٽيڪس تي ڇوٽ هوندي جڏهن ته 56 لک رپين کان وڌيڪ سالياني آمدني تي وڌ ۾ وڌ 45 سيڪڙو ٽيڪس لاڳو ٿيندو. ان کان علاوه هڪ بتدريج سپر ٽيڪس پڻ متعارف ڪرايو ويو آهي جنهن تحت هر سال 15 ڪروڙ رپين تائين جي زرعي آمدني تي ڪوبه سپر ٽيڪس نه هوندو جڏهن ته هر سال 50 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ آمدني تي وڌ ۾ وڌ 10 سيڪڙو سپر ٽيڪس لڳايو ويندو. بل جو مقصد ڪارپوريٽ فارمنگ کي ٽيڪس جي دائري ۾ شامل ڪرڻ آهي.

ننڍين ڪمپنين تي سالياني زرعي آمدني تي 20 سيڪڙو ٽيڪس لاڳو ڪيو ويندو جڏهن ته وڏين ڪمپنين لاءِ ٽيڪس جي شرح 29 سيڪڙو مقرر ڪئي وئي آهي. غور لائق آهي ته چوپائي مال کي ٽيڪس نيٽ ۾ شامل نه ڪيو ويو آهي ۽ زمين جي پوک جي بنياد تي لاڳو ٿيندڙ ايڊوانس زرعي آمدني ٽيڪس کي به ختم ڪيو ويو آهي. وڌيڪ ڪارآمد ۽ شفاف نظام کي يقيني بڻائڻ لاءِ ٽيڪس جي ادائيگي، اوڳاڙي ۽ فائلنگ جو عمل مڪمل طور تي آٽوميشن ڪيو ويندو. هي قانون هڪ اهم پاليسي تبديلي جي نمائندگي ڪري ٿو جنهن تحت زرعي آمدني ٽيڪس جو انتظام سنڌ روينيو بورڊ جي حوالي ڪيو ويو آهي.

ايس آر بي ٽيڪس گڏ ڪرڻ ۽ جديد ڪاروباري طريقن جي نفاذ ۾ هڪ قابل اعتماد ادارو ثابت ٿيو آهي. هن نئين قانون سازي سان ٽيڪس نيٽ کي وڌائڻ، شفافيت کي بهتر بڻائڻ ۽ برابري جي بنياد تي زرعي شعبي جي شرڪت کي يقيني بڻائڻ جي اميد آهي جيڪو سنڌ جي معيشت لاءِ اهم آهي.

اين ايف سي ايوارڊ ورهائڻ جي ڇهن مهينن جي رپورٽ: ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته ستين اين ايف سي ايوارڊ (2010) هن وقت لاڳو آهي. وفاقي حڪومت اين ايف سي ايوارڊ تحت مقرر ڪيل روينيو شيئرنگ فارمولي مطابق صوبن کي پنهنجو حصو منتقل ڪري ٿي. ورهائيندڙ پول ۾ شامل آمدني ۾ آمدني ٽيڪس، ڪيپيٽل ويليو ٽيڪس، سيلز ٽيڪس (خدمتن تي جي ايس ٽي کانسواءِ)، وفاقي ايڪسائيز ڊيوٽي (قدرتي گئس تي ايڪسائيز ڊيوٽي کانسواءِ)، ڪسٽم ڊيوٽي (ايڪسپورٽ ڊولپمينٽ سرچارج کانسواءِ) شامل آهن. وڏي وزير چيو ته ورهائيندڙ پول جي ورڇ جي اشارن ۾ آبادي جو وزن 82 سيڪڙو، غربت ۽ پسماندگي 10.30 سيڪڙو، روينيو ڪليڪشن/پيداوار 5 سيڪڙو ۽ غير مقامي آبادي 2.7 سيڪڙو آهي. ورهايل پول ۾ پنجاب جو حصو 51.74 سيڪڙو آهي، ان کانپوءِ سنڌ 24.55 سيڪڙو، خيبر پختونخوا 14.62 سيڪڙو ۽ بلوچستان 9.09 سيڪڙو سان گڏ آهي. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته صوبائي حڪومت کي 22-2021 (جنوري کان جون 2022) دوران 489.067 ارب رپيا مليا. گذريل ٽن سالن دوران 23-22-2021، ۽ 24-2023 سنڌ کي قومي مالياتي ڪميشن (اين ايف سي) کان ڪل 3002.43 ارب رپيا پنهنجي حصي طور مليا جنهن ۾ 77.16 ارب رپيا گهٽ مليا هئا پر تازو سنڌ کي اهي 77.16 ارب رپيا ادا ڪيا ويا آهن. هن عرصي دوران 1325.35 ارب رپيا سنڌ حڪومت کي سڌي منتقلي جي تحت ڏنا ويا جنهن ۾ 126.64 ارب رپيا گهٽ هئا پر وفاقي حڪومت تازو ئي هن گهٽتائي کي پڻ پورو ڪيو آهي. ڪابينا صوبائي اسيمبلي ۾ ڇهن مهينن جي اين ايف سي رپورٽ (جنوري کان جون 2022) پيش ڪرڻ جي منظوري ڏني. سنڌ ڪابينا ڪاغذي ڪارروائي ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو: گورننس ۾ جدت ۽ ڪارڪردگي وڌائڻ جي ڪوشش ۾ سنڌ حڪومت پنهنجي ڪابينا جي ڪمن لاءِ هڪ جامع ڊجيٽلائيزيشن مهم شروع ڪئي آهي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي هدايتن تي سروسز، جنرل ايڊمنسٽريشن ۽ ڪوآرڊينيشن کاتي هڪ نئون سنڌ ڪابينا اي-پورٽل متعارف ڪرايو آهي جيڪو 2021 ۾ وفاقي حڪومت پاران ڪيل ڊجيٽلائيزيشن قدمن جي نموني تي آهي.

هن شروعات جو مقصد هڪ پيپر لیس ۽ وائرليس ماحول پيدا ڪرڻ آهي جنهن تحت هر ڪابينا ميمبر کي هڪ آئي پيڊ ۽ سم تي ٻڌل انٽرنيٽ ڪنيڪشن فراهم ڪئي ويندي. هي روايتي LAN ڪنيڪشن کي تبديل ڪندو ۽ هڪ مڪمل اي-آفيس ۽ اي-گورننس فريم ورڪ ڏانهن هڪ وڏو قدم هوندو.

اي-پورٽل ڪابينا جي ميمبرن کي ڪابينا جي ورڪنگ پيپرن ۽ وڏي وزير لاءِ باقاعده خلاصن تائين رسائي فراهم ڪندو ۽ هڪ وقف ٿيل ايپ ۽ اي-دستخطن ذريعي اجلاس جي منٽن جي ڊجيٽل منظوري ۽ ايجنڊا جي گردش کي آسان بڻائيندو. ڪابينا ميمبرن کي انهن جي iPads تي ريئل ٽائيم پاپ اپ نوٽيفڪيشن پڻ ملندا، انهن کي سڀني واقعن ۽ تبديلين کان باخبر رکيو ويندو.

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے