فروری 4, 2025

نارڪوٽڪس ڪنٽرول کاتي سنڌ هڪ وڏي ڪارروائي ڪندي اربين روپين جي ماليت جون 36 لک غير قانوني ۽ غير رجسٽرڊ پين ڪلر ٽيبليٽس هٿ ڪري ٻه جوابدار گرفتار ڪيا آهن. صوبائي وزير ايڪسائيز، ٽيڪسيشن اينڊ نارڪوٽڪس ڪنٽرول سنڌ مڪيش ڪمار چاولا اڱاري جي ڏينهن ڊي جي نارڪوٽڪس ڪنٽرول سنڌ جي آفيس ۾ هڪ پريس ڪانفرنس دوران صحافين کي تفصيل ٻڌائيندي چيو ته هي ڪارروائي ٻه ڏينهن اڳ سسي ٽول پلازا ويجهو اسنيپ چيڪنگ دوران ٿي. هن ٻڌايو ته نارڪوٽڪس ڪنٽرول کاتي سنڌ جون ٽيمون صوبي جي مختلف علائقن ۾ منشيات فروشن جي خلاف ڪارروايون ڪري رهيون آهن ۽ تازو ٿيل ڪارروائي پڻ انهي سلسلي جي ڪڙي آهي. مڪيش ڪمار چاولا ٻڌايو ته غير قانوني دوائون کڻي ويندڙ گاڏي کي قانوني تقاضا پورا ڪندي قبضي ۾ وٺي ٽيبليٽس جو ليبارٽري ٽيسٽ ڪرايو ويو، جنهن جي رپورٽ ۾ اهو ظاهر ٿيو ته اهي دوائون آئس ڪرسٽل ۽ ڪوڪين ٺاهڻ لاءِ استعمال ٿي سگهن ٿيون. صوبائي وزير چيو ته ضبط ڪيل دوائون ڪورنگي ۾ قائم هڪ گودام منتقل ڪيون پئي ويون، جتي نارڪوٽڪس ڪنٽرول کاتي جي ٽيم ڇاپو هنيو، پر ڇاپي کان اڳ دوائون گودام مان هٽايون ويون هيون. هن وڌيڪ چيو ته دوائن جي پيڪنگ مان لڳي ٿو ته اهي دوائون پورٽ ذريعي اسمگل ڪيون ويون ۽ انهن کي ٻاهرين ملڪ موڪليو ويندو، پر ان حوالي سان ٻين انٽيليجنس ادارن سان گڏ وڌيڪ جاچ جاري آهي. مڪيش ڪمار چاولا انٽيليجنس ادارن جي سهڪار تي سندن ٿورا مڃيندي چيو ته نارڪوٽڪس ڪنٽرول کاتي سنڌ ڪارروائي بعد ضبط ڪيل دوائون، گاڏي ۽ جوابدارن کي ڊرگ ڪنٽرول اٿارٽي سنڌ جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي. هن ڪارروائي ڪندڙ ٽيم کي شاباس ڏني ۽ اعلان ڪيو ته انهن جي انعام لاءِ وزيراعليٰ سنڌ کي سفارش ڪئي ويندي. هن چيو ته صوبي جي سڀني داخلي ۽ خارجي رستن جي نگراني وڌيڪ سخت ڪئي وئي آهي ۽ شهرن جي اندروني رستن تي اسنيپ چيڪنگ ۽ ڳجھي معلومات جي نيٽ ورڪ کي پڻ وڌايو ويو آهي. مڪيش ڪمار چاولا چيو ته اسان جو عزم صوبي کي منشيات ۽ منشيات فروشن کان پاڪ ڪرڻ آهي ۽ ان خلاف اثرائتي ڪارروايون جاري رهنديون.

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے