فروری 5, 2025

ڪراچي: پي اي سي اِن ايڪشن، سنڌ ۾ غربت مٽايو پروگرام (پيپلز پاورٽي رڊڪشن پروگرام) جو پروجيڪٽ ڊائريڪٽر ۽ ڊي ڊي او معطل، پي اي سي سنڌ حڪومت طرفان سنڌ جي ٻهراڙي وارن ضلعن ۾ غربت مٽايو پروگرام تحت هر سال سرسو (SRSO) کي جاري ٿيندڙ 20 ارب روپين جي آڊٽ جو رڪارڊ فراهم نه ڪرڻ تي پي اينڊ ڊي کاتي جي پيپلز پاورٽي رڊڪشن پروگرام جي پروجيڪٽ ڊائريڪٽر کي معطل ڪرڻ ۽ عهدي تان هٽائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. جڏهن ته پي اي سي سنڌ ايسيليريٽيڊ ايڪشن پلان تحت بُک مٽايو پروگرام لاءِ 1.318 ملين روپين جو سڌي ريت ڊي ڊي او اڪائونٽ مان رقم جو چيڪ جاري ڪرڻ تي ڊي ڊي او کي به معطل ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي ۽ ايندڙ اجلاس ۾ سرسو جي سي اِي او کي طلب ڪري ورتو آهي. سنڌ اسيمبليءَ جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽيءَ جو اجلاس خميس ڏينهن چيئرمين نثار احمد کهڙو جي صدارت ۾ سنڌ اسيمبليءَ جي ڪميٽي روم ۾ ٿيو. اجلاس ۾ پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ کاتي جي سال 2019ع ۽ 2020ع جي آڊٽ پيرائن جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ ڪميٽيءَ جي ميمبر مخدوم فخرالزمان، سيڪريٽري پي اينڊ ڊي جاويد صبغت الله مهر، ڊي جي آڊٽ سنڌ سميت پاورٽي ريڊڪشن پروگرام جي پروجيڪٽ ڊائريڪٽر پرويز چانڊيو سميت ٻين آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ کاتي جي مانيٽرنگ تحت سنڌ جي ٻهراڙن وارن علائقن جي ضلعن ۾ غربت مٽايو پروگرام جي تحت سنڌ حڪومت پاران سماجي تنظيم سرسو کي ساليانو جاري ٿيندڙ 20 ارب روپين جي فنڊنگ بابت کاتو رڪارڊ فراھم نه ڪري سگهيو جنهن تي پي اي سي چيئرمين نثار کهڙو کاتي جي آفيسرن کان پڇاڻو ڪيو ته سرسو کي غربت مٽايو پروگرام لاءِ ڪيتري ۽ ڪهڙن ضلعن لاءِ سنڌ حڪومت پاران فنڊنگ جاري ڪئي پئي وڃي جنهن تي پيپلز پاورٽي رڊڪشن پروگرام جي پي ڊي پرويز چانڊيو پي اي سي کي ٻڌايو ته سنڌ جي ٻهراڙن وارن ضلعن ۾ غربت کي گهٽ ڪرڻ لاءِ سرسو کي هر سال 20 ارب روپين جي سنڌ حڪومت پاران سنڌو سنئون فنڊنگ جاري ٿيندي آهي جنهن جي مانيٽرنگ کاتي جو پيپلز پاورٽي رڊڪشن پروگرام جو پي ڊي ڪندو آهي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته پهريان يورپي يونين جي 10 ارب روپين جي فنڊنگ سان سرسو سنڌ جي 8 ضلعن ۾ غربت مٽايو پروگرام ختم ڪري چڪو آهي. جڏهن ته سنڌ حڪومت جي 20 ارب روپين جي فنڊنگ سان سرسو پاران جيڪب آباد، شڪارپور، ڪشمور ڪنڌڪوٽ ۽ ٿرپارڪر سميت 16 ضلعن ۾ غربت مٽايو پروگرام جاري آهي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته سنڌ حڪومت جو سنڌ ۾ غربت مٽايو پروگرام 20 ارب روپين جو آهي جنهن کي سرسو هلائي رهيو آهي. پي اي سي چيئرمين نثار کهڙو چيو ته جن ضلعن ۾ سنڌ حڪومت جي 20 ارب روپين جي گرانٽ سان سرسو غربت مٽايو پروگرام هلائي رهيو آهي ان جو رڪارڊ ڪٿي آهي؟ جڏهن ته سرسو سنڌ حڪومت جي فنڊنگ تي هلي رهي آهي ۽ هو سنڌ حڪومت جو نالو به نه ٿا وٺن ۽ سنڌ جي فنڊنگ سان هلائی ويندڙ منصوبي جي تختيءَ تي پڻ سنڌ حڪومت جو نالو به ناهي هوندو. ان لاءِ اِهو ٻڌايو وڃي ته سنڌ حڪومت جي 20 ارب روپين جي فنڊنگ مان سنڌ ۾ ڪيتري غربت گهٽي ۽ اُها رقم ڪٿي ڪٿي خرچ ٿي؟ ان جو رڪارڊ گهرجي. نثار کهڙو وڌيڪ چيو ته فلاحي تنظيم هجي يا ڪا اين جي او هجي جن کي عوام لاءِ فنڊنگ سنڌ حڪومت ڪري رهي آهي ته انهن اين جي اوز کي آڊٽ ڪرائڻي پوندي ۽ اِهي تنظيمون آڊٽ کان آجيون ناهن ان لاءِ آڊٽ جو رڪارڊ فراهم نه ڪرڻ غفلت آهي جنهن عمل کي برداشت نه ڪيو ويندو. واضع رهي ته سرسو سنڌ حڪومت جي فنڊنگ سان غربت مٽايو پروگرام سميت لو ڪاسٽ هائوسنگ، اسڪل ڊولپمينٽ سميت سنڌ ۾ غريب عورتن کي انٽريسٽ فري لون جي منصوبن تي ڪم ڪري رهي آهي. پي اي سيءَ سنڌ حڪومت طرفان سنڌ جي ٻهراڙن وارن ضلعن ۾ غربت مٽايو پروگرام لاءِ هر سال سرسو کي جاري ٿيندڙ 20 ارب روپين جي گرانٽ جو آڊٽ رڪارڊ فراهم نه ڪرڻ تي پي اينڊ ڊي کاتي جي پيپلز پاورٽي ريڊڪشن پروگرام جي پروجيڪٽ ڊائريڪٽر پرويز چانڊيو کي معطل ڪري عهدي تان هٽائڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو. پي اي سي اجلاس ۾ سنڌ ايسليريٽيڊ ايڪشن پلان تحت بُک مٽايو پروگرام (پاپوليشن سيڪٽر) لاءِ خرچ ڪيل 1.318 ملين روپين جي رقم جو وينڊر کي ڪراس چيڪ ڏيڻ بجاءِ سڌو سنئون ڊي ڊي او اڪائونٽ مان چيڪ جاري ڪرڻ تي ڊي ڊي او کي به معطل ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو. پي اي سي اجلاس ۾ سرسو کی (UCBPRP) اسڪيم لاءِ سال 17-2016ع ۾ جاري ٿيل 383.931 ملين روپيه جون مهينو گذرڻ باوجود خرچ نه ڪرڻ جي باوجود رقم سنڌ حڪومت کي واپس نه ڪرڻ ۽ سرسو پاران اُها رقم پنهنجي اڪائونٽ ۾ رکڻ جو انڪشاف سامهون آيو جنهن تي ڊي جي آڊٽ اعتراض ڪيو ته گرانٽ جي رقم جنهن سال لاءِ جاري ٿيندي آهي ان سال ئي اُها رقم خرچ ڪرڻي هوندي آهي نه ته اها رقم واپس ڪئي ويندي آهي پر سرسو ائين نه ڪيو آهي جنهن تي پي اي سي معاملي جي جاچ ڪري سيڪريٽري پي اينڊ ڊي کي رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. پي اي سي ايندڙ اجلاس ۾ سرسو جي سي اِي او کي پڻ طلب ڪري ورتو آهي.

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے