دسمبر 26, 2024

جمهوريت ۽ جمهوري ادارن جي استحڪام لاءِ پيپلز پارٽي جدوجهد وسارڻ جوڳي نه آهي: سيد ناصر حسين شاهه

پيپلز پارٽي جي سنڌ حڪومت 21 لک خاندانن لاءِ گهر ٺاهي رهي آهي: توانائي واروصوبائي وزير

ڪراچي توانائي ۽ رٿابندي واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته جمهوريت ۽ جمهوري ادارن جي استحڪام لاءِ پيپلز پارٽي جي جدوجهد کي وساري نه ٿو سگهجي، پيپلز پارٽي جي سنڌ حڪومت 21 لک خاندانن کي گهر فراهم ڪري رهي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان پيپلز پارٽي جي يوم تاسيس جي موقعي تي پيغام ڏيندي ڪيو. هن چيو ته 57 هين يوم تاسيس جي موقعي تي قيادت، ڪارڪنن ۽ عوام کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. ناصر حسين شاهه چيو ته پيپلز پارٽي قائم ٿيڻ کان وٺي قربانين ۽ جدوجهد جي تاريخ رقم ڪئي آهي، پيپلز پارٽي جي باني شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ملڪ کي آئين ۽ ايٽمي طاقت جو تحفو ڏنو، شهيد بي بي عورتن ۽ هر مڪتب فڪر لاءِ تاريخي جدوجهد ڪئي، هن چيو ته فرسٽ وومين بينڪ، وومين پوليس اسٽيشن بي بي شهيد جا ڪارناما هئا. صدر آصف علي زرداري بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ڏنو، بلوچ عوام لاءِ آغاز بلوچستان شروع ڪيو، ناصر حسين شاهه چيو ته صدر آصف علي زرداري پارليامينٽ کي بااختيار بڻائڻ لاءِ پنهنجا اختيار پارليامينٽ کي ڏنا، چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پرڏيهي وزير جي حيثيت ۾ پوري دنيا ۾ ملڪ جو نالو بلند ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته فيٽف مان پاڪستان جو نالو ڪڍڻ جو ڪارنامو بلاول ڀٽو سرانجام ڏنو، صدر آصف علي زرداري قوم کي 18هين ترميم جو تحفو ڏنو، 26هين آئيني ترميم جي منظوري بلاول ڀٽو جي اڻٿڪ جدوجهد جو نتيجو آهي. هن چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو ۽ صدر آصف علي زرداري شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، شهيد بينظير ڀٽو ۽ سندن ڪارڪنن جي قربانين کي اوليت ڏني.

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے