دسمبر 26, 2024

سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽيءَ جي ادبي سوسائٽيءَ پاران فيض ميلو منعقد ڪيو ويو
ڪراچي:
سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽيءَ جي شاگردن جي ادبي سوسائٽيءَ پاران پاڪستان جي عظيم شاعر فيض احمد فيض کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ يونيورسٽي ۾ ”فيض ميلو“ منعقد ڪيو ويو. ان موقعي تي سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي جي وائس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر مجيب الدين صحرائي پنهنجي خطاب ۾ ادب ۾ پنهنجي گهري دلچسپي جو اظهار ڪندي شاگردن کي فيض احمد فيض جي روشن خيالي ۽ رومانوي خيالن کي سمجهڻ جي تلقين ڪئي،

جيڪي سندس خيال ۾ دائمي ويچار آهن. هن هڪ ذاتي واقعو

ٻڌائيندي چيو ته سندس والد تاج صحرائي کي ”صحرائي“ لقب به فيض احمد فيض ڏنو هو، جيڪو هن تاج صحرائي صاحب جي پيشي ۽ سنڌ جي قديم آثارن جي سندس سير ڪرڻ سبب ڏنو هو. ڊاڪٽر مجيب صحرائي شاگردن جي ادبي سوسائٽي جي ڪوششن کي ساراهيو. هن ادبي سوسائٽي جي سرپرست وفا منصور ٻرڙو، اسسٽنٽ پروفيسر کي پڻ ساراهيو، جنهن فيض ميلو منعقد ڪرڻ ۾ شاگردن جي ڀرپور مدد ڪئي.


نالي واري تعليمي ماهر ۽ دانشور پروفيسر ڪي ايس ناگپال پنهنجي خطاب ۾ فيض احمد فيض جي زندگي، شاعري ۽ فلسفي تي روشني وڌي. هن ٻڌايو ته ڪيئن فيض احمد فيض جا ڪلام ٻڌندڙن جي دلين ۾ گونجندا رهندا آهن ۽ زندگيءَ ۾ اطمينان پيدا ڪندا آهن.
مشهور شاعرن عبدالرحمان مومن ۽ انور شعور پنهنجي شاعري پيش ڪئي. ان موقعي تي منعقد ٿيل مشاعري ۾ اڀرندڙ شاعرن حصو ورتو. فيض ميلي ۾ ڊاڪيومينٽري، ٿئيٽر ۽ راڳ رنگ جا سيشن پڻ ٿيا.

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے