نومبر 20, 2024

•• سنڌ جي تعليم واري وزير سيد سردار علي شاهه جو ڪراچي بورڊ امتحان ۾ پوزيشن حاصل ڪندڙ شاگردن سان ملاقات

•• صوبائي وزير سيد سردار علي شاھ پاران پوزيشن حاصل ڪندڙ شاگردن ۾ انعامي رقم جا چيڪ ورهايا.

ڪراچی سنڌ جي تعليم واري وزير سيد سردار علي شاهه ڪراچي بورڊ جي امتحانن ۾ پوزيشن ماڻيندڙ شاگردن سان ملاقات ڪئي ۽ انهن کي انعامي رقم جا چيڪ ڏنا. تفصيل مطابق صوبائي وزير سيد سردار علي شاهه سان ڪراچي ميٽرڪ بورڊ جي امتحانن ۾ پوزيشن حاصل ڪندڙ شاگرد حافظ عبدالرافع ۽ شاگردياڻيون روميسا عمران ۽ رخسار سومرو سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي. تعليم واري وزير ٽنهي شاگردن جي همت افزائي ڪندي انهن کي انعامي رقم جا چيڪ ڏنا، جنهن ۾ سرڪاري اسڪول دهلي هاءِ اسڪول جي پهرين پوزيشن حاصل ڪندڙ شاگرد حافظ عبدالرافع کي ٻه لک، ٻي پوزيشن حاصل ڪندڙ الخليل اسڪول جي شاگردياڻي روميسا عمران کي ڏيڍ لک ۽ ٽين پوزيشن حاصل ڪندڙ لٽل فوڪس اسڪول جي شاگردياڻي رخسار سومرو کي هڪ لک رپين جا انعامي چيڪ ڏنا ويا، ان دوران تي شاگردن جا والدين پڻ موجود هئا. سيد سردار علي شاهه ڪراچي بورڊ جي امتحان ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪندڙ سرڪاري اسڪول جي شاگرد کي تحفي طور ليپ ٽاپ پڻ ڏنو. ان موقعي تي غير رسمي ڳالهه ٻولهه دوران ڪندي تعليم واري وزير چيو ته بااعتماد نوجوان اسان جي مستقبل جي روشن ضمانت آهن، هن چيو ته پوزيشن حاصل ڪرڻ ڪاميابي جي سفر جو اختتام نه ھجڻ گھرجي اصل ڪاميابي علم حاصل ڪرڻ واري سفر جاري رکڻ ئي آهي، ھن چيو ته ڪاميابي ان وقت محسوس ٿيندي آھي جڏهن اوهان ٻين لاءِ فائدي مند ثابت ٿي سگهو. سيد سردار علي شاهه شاگردن کي ڪاميابي جو سفر جاري رکڻ جي تلقين ڪندي کين پنهنجي هر ممڪن مدد جو يقين ڏياريو. ان موقعي تي دهلي اسڪول جو پرنسپال علي خان ميرجت پڻ موجود هو.

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے