نومبر 21, 2024

ڪراچي اسٽيل ڪليش فينسنگ چيمپئن شپ جو فائنل ضلع سينٽرل ۾ ٿيندو. ان موقعي تي اسپورٽس ۽ نوجوانن جي معاملن سيڪريٽري عبدالعليم لاشاري، عمان جي قونصل جنرل سامي عبدالله خنجري ۽ پرائيويٽ اسڪول ايسوسيئيشن جي چيئرمين سيد طارق شاهه ۽ ٻيا آفيسر موجود هئا. سرڪاري ۽ خانگي اسڪولن جي 60 ڇوڪرين ۽ ڇوڪرن رانديگرن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي اسپورٽس واري سيڪريٽري عبدالعليم لاشاري خطاب ڪندي چيو ته راندين ۽ نوجوانن جي معاملن واري صوبائي وزير سردار محمد بخش خان مهر جي مڪمل سھڪار سان سڄي صوبي ۾ سرگرميون ڪرائڻ وارا آهيون. اسٽيل ڪليش جي سڀني رانديگرن کي مبارڪ باد، ونرز سان گڏ رنرز کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو، توهان ڪوششون جاري رکو ، ايندڙ ڀيري فتح حاصل ڪري سگهو ٿا. سرڪاري ۽ خانگي اسڪولن ۽ ڪاليجن هن چيمپئن شپ ۾ حصو ورتو ۽ گڏجي راند کيڏي، جيڪو تمام بھتر عمل آھي. مونکي اھو ڏسي خوشي ٿي آھي ته نوجوان راندين ۾ جوش وجذبي سان حصو وٺي رھيا آھن. سنڌ سرڪار سڄي صوبي ۾ راندين جي واڌاري لاءِ ڪيتريون ئي راندين جون سهولتون فراھم ڪيون آهن. ايندڙ چئن مهينن ۾ اسان نيشنل گيمز ۽ سنڌ گيمز سميت ڪيتريون ئي راندين جون سرگرميون منعقد ڪرائڻ وارا آهيون. راندين جو کاتو هن ڀيري نئين جذبي سان راندين جون سرگرميون ڪرائي رهيو آهي. راندين وارو صوبائي وزير سردار محمد بخش خان بخش مهر جي ذاتي دلچسپي ۽ هدايتن تحت سڄي صوبي ۾ راندين کي ھٿي وٺرائي رهيا آهيون.

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے