ڪراچي، 20 آڪٽوبر: سنڌ جي تعليم واري وزير سيد سردار علي شاه ڪراچي ميٽرڪ بورڊ امتحان ۾ نمايان پوزيشن حاصل ڪندڙ شاگردن لاءِ انعامن جو اعلان ڪيو آهي. صوبائي وزير پاران پهرين پوزيشن حاصل ڪندڙ شاگرد عبدالرافع جي اعليٰ تعليم مڪمل ٿيڻ تائين جو خرچن کڻڻ جو به واعدو ڪيو.
اهو اعلان سيد سردار علي شاه اڄ دهلي اسڪول اولڊ بوائز ويلفيئر ايسوسيئيشن طرفان شاگرد عبدالرافع ۽ ٻيون پوزيشن حاصل ڪندڙ شاگردياڻين جي مان ۾ منعقد ڪيل تقريب دوران خاص مھمان جي حيثيت سان خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته 28 سالن بعد سرڪاري اسڪول جي شاگرد جو پوزيشن حاصل ڪرڻ هڪ مثبت شروعات آهي، وچولي طبقي جي خاندان سان تعلق رکندڙ شاگردن ثابت ڪيو آهي ته چئلينجن جي باوجود پنهنجي صلاحيتون ڏيکارڻ لاءِ آسائشن جو هجڻ ضروري ناهي.
تقريب ڪراچي ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ڪاليج نارتھ ناظم آباد جي آڊيٽوريم ۾ ٿي جنهن ۾ ڪراچي ميٽروپوليٽن يونيورسٽي وائس چانسلر ڊاڪٽر وسيم قاضي، ڊائريڪٽر اسڪول ايجوڪيشن ڪراچي مرزا ارشد بيگ، دھلي اولڊ اسڪول اولڊ بوائز ايسوسيئيشن جي سربراهه مسرور حسين وارثي، دهلي ايسوسيئيشن جو سيڪريٽري فرحت حيات، دهلي اسڪول جو پرنسپل علي خان ميرجت ۽ ٻين شاگردن، استادن ۽ تعليمي عملدارن شرڪت ڪئي.
تعليم واري وزير سيد سردار علي شاه خطاب ڪندي چيو ته “ڪراچي جي شاگردن سندن والدين سان گڏ منھنجو به ڪنڌ فخر سان اونچو ڪيو آهي.” هن چيو ته تعليم کي بهتر ڪرڻ لاءِ جيڪو واعدو مون پنهنجي پارٽي سان ڪيو آهي، ان جي حوالي سان ايندڙ اھڙين مثبت خبرون منھنجي لاءِ اطمينان جو سبب آھن. هن وڌيڪ چيو ته پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري تعليم جي ذميواري ڏيڻ وقت مون کان پڇيو ھو ته “پهريون ڪم ڇا ڪندؤ؟” مون چيئرمين کي جواب ۾ چيو هو ته “پنهنجي ڌيءُ کي سرڪاري اسڪول ۾ داخل ڪرائيندس”، هن چيو ته سرڪاري اسڪول کي اپنائڻ انھن کي پنھنجو ڪرڻ منهنجي پهرين ترجيح رھي آهي.
سيد سردار علي شاه چيو ته سرڪاري اسڪول جي شاگرد پوزيشن حاصل ڪري هڪ مثال قائم ڪئي آهي، تاريخ شاهد آهي ته هن علائقي جي ماڻهن اسڪول قائم ڪيا، ۽ انهن جي محبت سان قائم ڪيل اسڪول اڄ به قائم آهن، سنڌ مدرسه السلام اسڪول ڪراچي، نور محمد هاءِ اسڪول حيدرآباد، ڊي جي سائنس ڪاليج، ۽ ڊائو يونيورسٽي جهڙا ادارا سنڌ جي ماڻھن قائم ڪيا، صوبائي وزير چيو ته جن اسڪولن ۾ غريبن جا ٻار پڙهن ٿا، انهن اسڪولن تي وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آھي.
هن اهو به چيو ته تعليم کاتي جو مقصد روزگار فراهم ڪرڻ نه پر تعليم ڏيڻ آھي، اسان کي قابل استادن جي ضرورت آھي، استادن کي ايمانداري سان ٻارن کي پڙهائڻ گهرجي. خوشي آهي ته چونڊيل نمائندن سرڪاري اسڪولن کي ھنج وٺڻ شروع ڪيو آهي، هن چيو ته “هو خانگي اسڪولن خلاف ڪڏن به ناهي رھيو، پر والدين جي حق ۾ ضرور آهي.” اسان اھڙن خانگي اسڪولن کي به اپنائينداسين جيڪي غريب ٻارڙن جي تعليم حاصل ڪرڻ ۾ مدد ڪن ٿا.
هن موقعي تي وزير تعليم سيد سردار علي شاھ ڪراچي ميٽرڪ بورڊ امتحان ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪندڙ شاگرد حافظ عبدالرافع لاءِ ٻه لک رپيا، ٻي پوزيشن حاصل ڪندڙ الخليل اسڪول جي شاگردياڻي روميسه عمران لاءِ ڏيڍ لک رپيا، ۽ ٽين پوزيشن حاصل ڪندڙ لٽل فوڪس اسڪول جي شاگردياڻي رُخسار سومرو لاءِ هڪ لک رپيا انعام ڏيڻ جو اعلان ڪيو. هن حافظ عبدالرافع جي اعليٰ تعليم مڪمل ڪرڻ تائين جا خرچ به کڻڻ جو اعلان ڪيو.
هن موقعي تي وائس چانسلر ڊاڪٽر وسيم قاضي ڪنٽينٽ انرچمينٽ (Content Enrichment) جي ضرورت تي ڳالهه ڪئي. هن چيو ته اسان کي آن لائن اهڙا پليٽفارم ٺاهڻ گهرجن جتي شھرن توڙي ٻهراڙيءَ جي شاگردن کي ھڪ ئي مھل ساڳيي مواد تائين رسائي فراهم ٿي سگهي.
ان موقعي تي پهرين پوزيشن حاصل ڪندڙ شاگرد عبدالرافع جي والد محمد طارق، جيڪو دهلي اسڪول جو استاد به آهي، چيو ته والدين کي سرڪاري اسڪولن تي به اعتماد ڪرڻ گهرجي، نئين ڀرتين کان پوءِ وڌيڪ قابل استاد اچي چڪا آهن، جنهن سان تعليم جو معيار بهتر ٿي چڪو آھي، تقريب ۾ دهلي اسڪول گرلز ڪيمپس جي سينيئر استاد ميڊم ثروت، ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو. بعد ۾ دهلي اسڪول اولڊ بوائز ويلفيئر ايسوسيئيشن طرفان پهرين پوزيشن حاصل ڪندڙ شاگرد کي ساڍا ٽي لک رپين جا ٻه چيڪ ۽ ٻي ۽ ٽين پوزيشن حاصل ڪندڙ شاگردياڻين کي 25-25 هزار رپين جا چيڪ پڻ ڏنا ويا.