نومبر 21, 2024


 
 
حيدرآباد
عوامي تحريڪ جي مرڪزي آرگنائيزر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر ۽ عبدالرحمان سمون پنهنجي گڏيل بيان ۾ چيو آهي ته پيپلز پارٽي جا حڪمران سنڌو درياهه جا سوداگر آهن. سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاهه غير قانوني سنڌ دشمن ڪينالن ۽ ڊيمن جي حوالي سان هنگامي طور تي ملڪ جي گڏيل مفادن واري ڪائونسل سي سي آءِ جو اجلاس گهرائڻ جو مطالبو ڪرڻ بدران انڊين فلمن جي هيرو وانگر گهر ويٺي ڪبوتر ذريعي ڪينال بابت وفاقي سرڪار لاءِ خط لکي پيو ڏي، سنڌ جي وڏي وزير جو اهڙو عمل سنڌ جي ماڻهن سان دوکو ۽ فريب آهي. پيپلز پارٽي جي حڪمرانن هر دور ۾ سنڌ جي عوام سان مڪر ڪيو آهي. عوامي تحريڪ جي اڳواڻن چيو آهي ته سنڌو درياهه سنڌ جي ماڻهن جو ساهه ۽ پساهه آهي. سنڌ جو عوام درياهه جي معاملي تي پيپلز پارٽي حڪمرانن جي مڪر کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪندو. ملڪ جو صدارتي هائوس سڌي طرح ارسا ايڪٽ ترميمن ۾ ملوث آهي. عوامي تحريڪ جي اڳواڻن چيو آهي ته حيدرآباد ۾ پيپلز پارٽي جي چيئرمين جلسو ڪيو ان ۾ بلاول ڀٽي سنڌ  جي پاڻي جي حوالي سان اکر به نه ڳالهايو. ان مان واضح ٿئي ٿو ته پيپلز پارٽي جا حڪمران سنڌو درياهه تي ڌاڙي ۾ پنجاب جي حڪمرانن سان برابر جا شريڪ آهن.
 
 
 
 

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے