نومبر 21, 2024

ڪراچي:
سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر مجيب صحرائيءَ يونيورسٽي جي 21 آفيسرن ۽ فيڪلٽي ميمبرن کي ٽائيم اسڪيل پاليسي تحت پروموشن ليٽر ڏنا. 19 سيپٽمبر 2024ع تي يونيورسٽي جي سنڊيڪيٽ جي 30هين اجلاس ۾ ڪيل فيصلي تحت بي پي ايس-17 مان بي پي ايس- 18 ۾ 19 ملازمن، بي پي ايس 16 مان بي پي ايس 17 ۾ هڪ ۽ بي پي ايس-19 مان بي پي ايس 20 ۾ هڪ ملازم کي ليٽر ڏنا ويا.
بي پي ايس-17 مان بي پي ايس- 18 ۾ ترقي ماڻيل ملازمن ۾ ڪامران عبيد، غلام علي راميجو، سنيل ڪمار، آصف خان، امتياز حسين مهيسر، محمد ڪاشف، فياض علي تنيو، صدف جمال، عمران علي ڏهراج، طارق عزيز ڳورڙ، سيده عائشه عروج نقوي، محمد خالد زئي، ڪاشف جان، شاهد احمد مهر، محمد سهيل بلوچ، محترمه سُندس نثار، سلمان علي، صدام خان ۽ سيد محمد بلال قادري شامل آهن، جڏهن ته بي پي ايس- 16 کان پي بي ايس-17 ۾ محترمه نجم سحر ۽ بي پي ايس-19 مان بي پي ايس 20 ۾ انور علي شامل آهن.
وائس چانسلر ڊاڪٽر مجيب صحرائيءَ ڄاڻايل پروموشن ليٽر يونيورسٽيءَ جي مين بلڊنگ جي انر ڪورٽ يارڊ ۾ ٽيچرس ايسوسيئيشن ۽ آفيسرس ايسوسيئيشن پاران گڏيل طور تي منعقد ڪيل سالياني ڊنر جي موقعي تي ورهايا. ان تقريب ۾ سنڌ مدرسه يونيورسٽي جي ايس ايم آئي يو ماڊل اسڪول جي استادن جي تنظيم ۽ ايمپلائيز وئيلفيئر ايسوسيئشن جي نمائندن پڻ شرڪت ڪئي.
تقريب کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر مجيب صحرائي پروفيشنلزم، عزم، خلوص سان ڪم ڪرڻ، ايمانداري ۽ محنت تي ڳالهايو. هن چيو ته سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي جي ملازمن جي اڪثريت محنت ۽ لگن سان يونيورسٽي جي ترقيءَ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهي آهي، اهو ئي سبب آهي جو يونيورسٽي ڏينهون ڏينهن ترقي ڪري رهي آهي. هن چيو ته تحقيق ڪنهن به يونيورسٽي جي ارتقا ۽ ترقي جو بنيادي اشارو هوندي آهي، تنهن ڪري هو سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي ۾ تحقيق جي ميدان ۾ وڌيڪ ترقي ڏسڻ چاهي ٿو.
هن وڌيڪ چيو ته لڳي ٿو ته ويجهي مستقبل ۾ سڀني سرڪاري شعبي جي يونيورسٽين کي ملڪ جي معاشي حالتن کي نظر ۾ رکندي سڀ کان گهٽ بجيٽ ملندي، ان سخت حقيقت کي نظر ۾ رکندي اسان کي پنهنجا وسيلا پيدا ڪرڻا پوندا ۽ خرچن کي وڌيڪ گهٽائڻو پوندو ته جيئن يونيورسٽي جي بنيادي ضرورتن کي پورو ڪري سگهجي.
ڊاڪٽر صحرائي وڌيڪ چيو ته مان اهي ڳالهيون پنهنجي لڳ ڀڳ پندرهن سالن جي مختلف سرڪاري يونيورسٽين جي سربراهي ڪرڻ واري تجربي ۽ ملڪ جي سڀ کان وڌيڪ سينئر وائس چانسلرس مان هڪ هئڻ جي بنياد تي ڪري رهيو آهيان، ان ڪري، اسان کي پاڻ کي مستقبل جي چئلينجن لاءِ تيار ڪرڻو پوندو ۽ پنهنجي ڪارڪردگي کي بهتر بڻائڻو پوندو.
تقريب کي استادن جي نمائندي آصف حسين سمون ۽ آفيسرن جي نمائندي عبدالوحيد جتوئي پڻ خطاب ڪيو ۽ سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي ۽ ان جي ملازمن جي ترقي لاءِ استادن، آفيسرن ۽ ٻين ملازمن جي اتحاد تي زور ڏنو.
تقريب ۾ سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي جي ڊين ڊاڪٽر زاهد علي چنڙ، ڊاڪٽر آفتاب احمد شيخ، ڊاڪٽر جمشيد عادل هاليپوٽو، وائس چانسلر جي صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ خان، رجسٽرار غلام مصطفيٰ شيخ، امتحانن جي ڪنٽرولر فرقان افتخار، مختلف تعليمي شعبن جي چيئرمينن، فيڪلٽي، مختلف انتظامي کاتن جي سربراهن، آفيسرن ۽ ٻين ملازمن شرڪت ڪئي.

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے