ڪراچي : سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس يوسف علي سعيد ۽ جسٽس ارباب علي هڪڙو تي ٻڌل ڊويزن بئنچ سنڌ ۾ ڪمند اگهه مقرر ڪرڻ ۽ شگر ملون هلائڻ لاءِ داخل ڪيل درخواست تي سنڌ جي چيف سيڪريٽري، سيڪريٽري زراعت، ڪين ڪمشنر ۽ ٻين ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري 28 آڪٽوبر تي جواب طلب ڪري ورتو آهي.
اھڙي درخواست آبادگار ايڊووڪيٽ مريد علي شاهه ۽ سنڌ گروور ايسوسيئيشن جي اڳواڻ نواب زبير ٽالپر پاران داخل ڪرائي وئي آهي
جنهن ۾ سنڌ جي چيف سيڪريٽري، شگر ڪنٽرول بورڊ جي سيڪريٽري، ڪين ڪمشنر ۽ پاسما سنڌ زون کي ڌر بڻائيندي موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته سنڌ ۾ ڪمند جي نئين سيزن پهرين آڪٽوبر کان شروع ٿي وئي آهي پر ان باوجود سرڪار پاران ڪمند جو اگهه مقرر نه ٿي سگهيو آهي جنهن جي نتيجي ۾ سنڌ جي آبادگارن کي سخت مالي نقصان ٿيڻ جو خدشو آهي. داخل ڪيل درخواست ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ڪمند جو اگهه مقرر ڪرڻ ۽ شگر ملون هلائڻ لاءِ شگر ڪنٽرول بورڊ جو اجلاس 11 سيپٽمبر تي سڏايو ويو پر پاسما ان اجلاس ۾ شرڪت ڪئي جنهن کان ٻي ڏينهن تي پاسما مختلف اخبارن ۾ کنڊ جي اسٽاڪ پيل هجڻ جو سبب ڄاڻائي ڪمند جي خريداري ڪرڻ ۽ ملون هلائڻ کان انڪار ڪرڻ بابت اشتهاري مهم هلائي جيڪا قانون جي خلاف آهي. داخل ڪيل درخواست ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته شگر ڪين ايڪٽ تحت پهرين آڪٽوبر کان اڳ ڪمند جو اگهه مقرر ڪري ملون هلائڻ گهرجن پر ان باوجود حڪومت ۽ شگر ڪين بورڊ پنهنجي ذميواري ادا نه ڪئي آهي جنهن ڪري سنڌ حڪومت، شگر ڪين بورڊ ۽ ٻين لاڳاپيل اختيارين کي فوري طور ڪمند جو اگهه مقرر ڪرڻ ۽ ملون هلائڻ جو حڪم ڏنو وڃي ۽ ملون هلائڻ کان انڪار ڪرڻ ۽ ڪمند خريد نه ڪرڻ بابت غير قانوني اشتهار ڏيڻ تي پاسما جي خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.