ڪراچي سنڌ جي توانائي، ترقي ۽ منصوبابندي واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته پاور ڊپارٽمينٽ جي وائرنگ ٽيسٽ رپورٽ ۽ ورڪ مڪمل ٿيڻ واري رپورٽ (ڊبليو سي آر) ۾ جعلسازي ڪندڙن خلاف سخت ڪريڪ ڊائون ڪيو وڃي ۽ ملوث اهلڪارن خلاف ڪيس داخل ڪري گرفتار ڪيو وڃي. ان سلسلي ۾ پاور ڊپارٽمينٽ ۽ پوليس کاتي جي آفيسرن تي ٻڌل هڪ ٽيم جوڙي وڃي جيڪا گڏيل طور تي ڪريڪ ڊائون مانيٽرنگ ۽ ايڪشن جي ذميداري هوندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن توانائي کاتي جي پاور ڊپارٽمينٽ جي اعليٰ سطحي اجلاس جي موقعي تي ڪيو. ان موقعي تي سيڪريٽري توانائي مصدق احمد خان، ڊائريڪٽر جنرل پاور نند لال شرما، ايڊيشنل سيڪريٽري محبوب علي سيال ۽ سمورن ڊويزنن جي اليڪٽرڪ انسپيڪٽرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته بجلي کاتي پاران ڪي اليڪٽرڪ کي جمع ڪرايل ورڪ ڪميشن رپورٽ ۽ وائرنگ ٽيسٽ رپورٽ ڪراچي ۾ ڪيترن ئي هنڌن تي جعلي تيار ڪئي پئي وڃي جنهن ۾ پاور ڊپارٽمينٽ جي لاڳاپيل آفيسرن جون جعلي مهرون ۽ جعلي دستخطون ٺهي رهيون آهن جڏهن ته ڪي اليڪٽرڪ پاران ڌيان ڇڪائڻ باوجود پاور ڊپارٽمينٽ طرفان تصديق نه ڪئي پئي وڃي. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته توانائي کاتي پاران سرٽيفڪيٽ جاري ڪرڻ صارفين جي جان ۽ مال، باهه لڳڻ ۽ بچاءَ لاءِ ضروري آهي پر جعلي سرٽيفڪيٽن جو جاري ٿيڻ صارفين جي لاءِ تمام گهڻو خطرو آهي. اجلاس ۾ اهو به ٻڌايو ويو ته 2003ع کان سالياني انسپيڪشن جو ڪم بند آهي جنهن سبب بجلي جي غير معياري لڳائڻ سبب گهرن، ڪمرشل ۽ فيڪٽرين ۾ باهه لڳڻ جا واقعا ڏينهون ڏينهن وڌي رهيا آهن. وزير توانائي سيد ناصر حسين شاهه هدايت ڪئي ته اليڪٽريڪل وائرمينن ۽ اليڪٽريڪل سپروائيزرن جا لائسنس جاري ڪرڻ ۽ امتحانن جي طريقيڪار کي صاف ۽ شفاف بڻايو وڃي ۽ ان حوالي سان ضروري قدم کنيا وڃن. صوبائي وزير چيو ته بجلي کاتي جو سمورو نظام آن لائن ڪيو وڃي ۽ عوام جي بهتري لاءِ جديد ٽيڪنالاجي مان فائدو ورتو وڃي. هن هدايت ڪئي ته سالياني انسپيڪشن جي حوالي سان شفاف نظام ٺاهڻ لاءِ تجويزون تيار ڪيون وڃن ۽ رپورٽ جلد کيس موڪلي وڃي. وزير توانائي ناصر شاهه هدايت ڪئي ته پاور ڊپارٽمينٽ حيسڪو، سيپڪو ۽ ڪي اليڪٽرڪ پاران بجلي جي بلن ۾ وصول ڪيل اليڪٽرڪ ڊيوٽي جي اوڳاڙي کي يقيني بڻائي ته جيئن سنڌ حڪومت جي آمدني ۾ اضافو ٿي سگهي. وزير توانائي هدايت ڪئي ته بجلي جي صارفين جي اوور بلنگ، غير اعلانيل لوڊشيڊنگ وغيره جي حوالي سان اليڪٽريڪل انسپيڪٽر پاران حل لاءِ ميڪنزم کي بهتر بڻايو وڃي.
محمد شبيه صديقي
ڊائريڪٽر انفارميشن / ڊائريڪٽر ميڊيا مئنيجمينٽ
صوبائي وزير توانائي پي اينڊ ڊي سنڌ