نومبر 22, 2024

سنڌياڻي تحريڪ طرفان سنڌ جي پاڻي، زمينن، وسيلن تي قبضن، عورتن سان ظلم ۽ انتهاپسندي خلاف مارچ جو اعلان

17 نومبر تي هزارين سنڌياڻيون ڪراچي ۾ گڏ ٿي سنڌ دشمن منصوبن خلاف ڀرپور احتجاج ڪنديون. عمره سمون

ون يونٽ کان وڌيڪ خطرناڪ سازشون ڪيون ويون آهن: عمره سمون

ارسا ايڪٽ ۾ ترميم ڪري سنڌو درياهه غيرملڪي ڪمپنين کي وڪرو ڪيو پيو وڃي: عمره سمون

قاتلن کي ٻه ڪروڙ انعام ڏيڻ جا اعلان ڪندڙ دهشتگردن کي سرڪاري سرپرستي حاصل آهي. عمره سمون

نفرت انگيز تقريرن ذريعي ماڻهن جي سِرن جي قيمت لڳائيندڙ دهشتگرد گرفتار ڪيا وڃن. عمره سمون

ڌاڙيلن کي حڪومتي سرپرستي ۾ نيٽو جا جديد هٿيار پهچايا پيا وڃن. عمره سمون

ا


سنڌ پاڪستان ۾ 1940ع جي تاريخي قرارداد تحت شامل ٿي هئي. پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ جمهوريت دشمن ۽ ملڪ دشمن قوتون قائد اعظم محمد علي جناح جي پاڪستان تي قابض ٿي ويون ۽ هڪ ڊگهي منصوبابندي سان سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين، شهرن، نوڪرين، روزگار جي وسيلن تي قبضو ڪيو ويو. ون يونٽ لڳائي سنڌ جون لکين ايڪڙ زمينون ڌارين حوالي ڪيون ويون. سنڌو درياهه کي ڀرتي ڪندڙ ٽي نديون هندستان کي وڪرو ڪري سنڌ سان تاريخي ويساهه گهاتي ڪئي وئي. نالي ماتر ون يونٽ ختم ٿيڻ باوجود گذريل اڌ صدي کان سنڌ مٿان قومن جي وجود تي وار ڪندڙ، روزگار، زمينون، پاڻي، درياهه، وسيلا، ماڳ کائيندڙ ون يونٽ موجود آھي.
ٻي طرف گذريل 16 سالن کان مسلسل سنڌ ۾ پيپلز پارٽي جي حڪومت آهي، پيپلز پارٽي ان عرصي دوران سنڌ کي ترقي وٺرائڻ بدران رشوتخوري، پنهنجا نوازي، ڌاڙيل راڄ، لاقانونيت، انتهاپسندي، زراعت جي تباهي سميت سمورن ادارن کي تباهه ڪري سنڌ کي صديون پوئتي ڌڪي پٿر جي دور ۾ پهچائي ڇڏيو آهي. سنڌ جهڙي شاهوڪار ۽ تيل، ڪوئلي، گئس سميت ٻين معدني وسيلن سان مالامال صوبي جو عوام بک، بيروزگاري، مهانگائي، لاقانونيت سميت ڪيترن ئي مسئلن کي منهن ڏئي رهيو آهي. مختلف رپورٽن مطابق سنڌ ۾ 40 سيڪڙو ٻار غذائي کوٽ جو شڪار آهن، 50 سيڪڙو عورتن ۾ رت جي کوٽ آهي، سنڌ جا 70 لک ٻارڙا اسڪولن کان ٻاهر آهن. سنڌ ۾ عورتن تي ظلم جي حالت اها آهي ته هڪ اندازي موجب هر 6 مهينن ۾ 200 عورتون قتل ٿين ٿيون، هر هفتي 26 عورتون اغوا ٿين ٿيون، هر سال لاڙڪاڻي ۽ سکر ڊويزنن ۾ زوري مذهب مٽرائي شادي ڪرائڻ جا 30 واقعا رپورٽ ٿين ٿا، هر سال 1000 کان مٿي عورتن سان جنسي ڏاڍائي ٿئي ٿي. فاطما ڦرڙو، پريا ڪماري، تانيا خاصخيلي، نازيا چنه، فضيلا سرڪي، نائلا رند، نوشين ڪاظمي، نمرتا چنداڻي، جيڪب آباد جي پوليو ورڪر جي واقعن کان اوهان چڱي طرح واقف آهيو. انهن لڱ ڪانڊاريندڙ واقعن سميت عورتن مٿان ظلم ۽ جبر جا ٻيا به ڪيترائي واقعا روز رپورٽ ٿين ٿا.
معزز صحافي ڀائرو! اسين سمجهون ٿا ته پيپلز پارٽي کي مسلسل چوٿون ڀيرو سنڌ حڪومت ان شرط تي ڏني وئي آهي ته جئين وفاقي حڪومت سان ڳٺ جوڙ ڪري سنڌ جون لکين ايڪڙ زمينون ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ ٻين ملڪن جي ڪمپنين جي حوالي ڪيون وڃن. ارسا ايڪٽ ۾ غيرقانوني ۽ غير آئيني زور زبردستي ترميم ڪري سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو هنيو وڃي، سنڌو دريا مان 6 ڪينال ڪڍي سز سبز سنڌ کي رڻ پٽ ۽ بيابان ۾ تبديل ڪري سنڌي عوام جي نسل ڪشي ڪئي وڃي. پيپلز پارٽيءَ معرفت ڪوڙي ۽ بوگس آدمشماري وسيلي سنڌي ماڻهن کي پنهنجي ئي وطن ۾ اقليت ۾ تبديل ڪري بي وطن ڪيو وڃي. انتهاپسندي جي سرپرستي ڪري سنڌي ماڻهن جا لاش باهه ڏئي ساڙايا وڃن. رشوت جي بازار لڳائي نوڪريون ۽ تعليمي ادارن جون سيٽون وڪرو ڪيون وڃن.
معزز صحافي ڀائرو! هن وقت سنڌ واڳن جي وات ۾ آهي، سکر ۽ لاڙڪاڻي ڊويزن جا ضلعا مڪمل ڌاڙيلن جي حوالي ڪيا ويا آهن. ڌاڙيلن کي حڪومتي سرپرستي ۾ نيٽو جا جديد هٿيار پهچائي معصوم بيگناهه ماڻهن کي اغوا ڪرڻ جي کليل چوٽ ڏني وئي آهي. اغوا انڊسٽري قائم ڪئي ويئي آهي. شهر دهشتگردن جي حوالي ڪيا ويا آهن. سموري سنڌ ۾ بدامني لاقانونيت، چورن ۽ ڦورن جو راڄ آهي. سردارن جي سرپرستي هيٺ قبيلائي جرڳا ڪرائي آئين ۽ قانون جو هر روز مذاق اڏايو پيو وڃي. ڊاڪٽر شاهنواز جهڙن ماڻهن جا عدالتن کان مٿانهان قتل ڪرائي، انتهاپسندي کي هٿي ڏئي سنڌ کي انارڪي ۽ گهرو ويڙهه طرف ڌڪيو پيو وڃي.

اسپيشل انويسٽمينٽ فيسليٽيشن ڪائونسل جهڙو ملڪ دشمن ادارو جوڙي سنڌ سميت ملڪ جي سمورين مظلوم قومن جي زمينن ۽ وسيلن کي وڪرو ڪيو پيو وڃي. ايس آءِ ايف سي جي صورت ۾ ملڪ مٿان ون يونٽ مڙهيل آهي. سنڌياڻي تحريڪ جو مطالبو آهي ته ايس آءِ ايف سي جهڙو غير آئيني ادارو ختم ڪيو وڃي. ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ مختص ڪيل زمين مقامي بي زمين هارين ۽ هارياڻين کي ڏني وڃي. ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبن کي پاڻي فراهم ڪرڻ لاءِ سنڌو درياهه تي ڌاڙا هڻڻ وارا سمورا منصوبا ختم ڪيا وڃن.

سنڌ جي قدرتي وسيلن کي رياستي ۽ خانگي ادارن پاران بي دردي سان لٽيو پيو وڃي. سنڌ قدرتي وسيلن سان مالامال آهي. سنڌ ۾ ڪوئلي، گيس ۽ تيل سان گڏ ڪيترائي ذخيرا موجود آهن، جن جي کوٽائي ڪري ٻاهرين ڪمپنين کي ٺيڪا ڏئي چند ماڻهن کي اربين رپين جو فائدو ڏئي سندن ذاتي مفادن جو پورائو ڪيو پيو وڃي. جنهن ۾ سنڌ حڪومت ۽ وفاقي حڪومت ڀاڱي ڀائيوار آهن. مقامي سنڌي ماڻهن کي انهن زمينن اندر پير رکڻ جي به اجازت ڪونهي. انهن وسيلن مان پيدا ٿيندڙ بيشمار دولت جي باوجود سنڌ هڪ پسمانده ترين علائقو ۽ سنڌي ماڻهو مفلسي جي زندگي گهارڻ تي مجبور آهن. انهن وسيلن جو استحصال نه رڳو معاشي ناانصافي آهي پر هڪ ماحولياتي تباهي پڻ آهي. ٿر ڪول پروجيڪٽ وڏي پيماني تي ماحولياتي تباهي آندي آهي. هزارين ماڻهن کي بي گهر ڪرڻ ۽ هوا ۽ پاڻي کي زهريلو ڪرڻ جو سبب بڻيو آهي. ان جي باوجود، بي گهر ٿيلن کي نه ته منصفانه معاوضو ڏنو ويو آهي ۽ نه ئي کين روزگار جا متبادل طريقا ڏنا ويا آهن.

ڪارونجهر جبل نه فقط سنڌ پر سڄي ڌرتي جو تاريخي ورثو آهي. ڪارونجهر جي نيلامي سنڌ جي تهذيب ۽ تاريخ سان هٿ چراند ڪرڻ ۽ ان کي ميسارڻ جي سازش سمجهون ٿا. ڪارونجهر، گورک، ڪينجهر، هاليجي، گنجو ٽڪر، کير ٿر، ڪوهستان سميت سنڌ جي تاريخي ماڳن ۽ مڪانن تي قبضا ڪري سنڌ کان سنڌ جي تهذيبي سڃاڻپ ڦرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي.

سنڌ اندر عورتن تي وڌندڙ تشدد جي صورتحال ڳڻتي جوڳي آهي ۽ ان تي فوري توجهه ڏيڻ جي ضرورت آهي. ورلڊ ايڪانامڪ فورم جي 2022 جي رپورٽ مطابق پاڪستان 146 ملڪن مان 145 نمبر تي آھي. پاڪستان ۾ جنس جي بنياد تي تشدد تي گڏيل قومن جي تازي رپورٽ سڄي ملڪ ۾ عورتن تي ٿيندڙ تشدد کي واضع ڪري ٿي، جنهن ۾ سنڌ ۾ هي تشدد وڌيڪ آهي. رپورٽن مطابق پاڪستان صنفي قتلن ۾ سرفهرست ملڪن ۾ شمار ٿئي ٿو، سنڌ جون عورتون به ان ظلم جو وڏي انگ ۾ شڪار آهن. سنڌ اندر عورتن کي تشدد جي مختلف قسمن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو، جن ۾ گهريلو تشدد، جنسي ڏاڍائي، جبري شاديون، اغوا ڪرڻ، ڪارو ڪاري، بي جوڙ شاديون، ننڍي عمر ۾ شاديون ۽ تيزاب جي حملن سميت گهڻا مسئلا شامل آهن.
گذريل ڏهاڪي دوران سنڌ ۾ عورتن کي غيرت جي نالي تي يا خانداني تڪرارن جي بنياد تي قتل ڪرڻ جي واقعن ۾ اضافو ٿيو آهي. اتر سنڌ اندر اڄ به ڪاروڪاري جا واقعا عام آهن. پنهنجي ذاتي مفادن لاءِ معصوم نياڻين کي ڍورن وانگر قربان ڪرڻ جو سلسلو عام آهي. قانوني مدد جي ڪا رسائي ناهي. هر ٻئي گهر اندر عورتن سان جسماني توڙي ذهني تشدد عام آهي. اُهي عورت سان ٿيندڙ ڏاڍ سان جڙيل نظام جي جبر جو مظهر آهن. سنڌ ۾ “عزت ۽ غيرت” جي آڙ ۾ اهڙن ڏوهن کي اڪثر معاف يا گهٽ ڪيو ويندو آهي ۽ سماجي قبوليت، قانوني خامين ۽ مقامي طاقتن جي ڳٺجوڙ سبب مجرمن کي سزا گهٽ ئي ملندي آهي.
سنڌياڻي تحريڪ سمجهي ٿي ته عورت هن سماج جو اهم فرد آهي، عورتن جي حقن لاءِ جدوجهد وسيع جدوجهد کان الڳ نه آهي. سنڌ اندر عورتن سان ٿيندڙ ظلم، زيادتين ۽ ناانصافين خلاف سنڌياڻي تحريڪ تعليم ذريعي شعور بيدار ڪرڻ، آواز اٿارڻ، جدوجهد ڪرڻ ۽ سڄي سنڌ ۾ عورتن کي منظم ڪري پنهنجي ڌرتي، مظلوم قومن ۽ طبقن جي لاءِ آواز اٿارڻ ۾ سڀ کان اڳيان رهي آهي. اهو ناقابل قبول آهي ته عورتن کي 21 صدي ۾ اهڙي ظلم کي منهن ڏيڻو پوي. سنڌياڻي تحريڪ مطالبو ڪري ٿي ته سنڌ جي گهريلو تشدد ايڪٽ (2013) ۽ اينٽي آنر ڪلنگ ايڪٽ (2016) تي سختي سان عمل ڪيو وڃي.

هن وقت ون يونٽ کان وڌيڪ خطرناڪ منصوبن سان سنڌ مٿان حملو ڪيو ويو آهي، سنڌ ۽ سنڌي قوم جو وجود خطري ۾ آهي، ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ سنڌ جون زمينون وفاق حوالي ڪرڻ، ارسا ايڪٽ ۾ ترميم ۽ سنڌو درياهه مان ڪينال ڪڍڻ، سنڌ جي عورتن سان ٿيندڙ لڱ ڪانڊاريندڙ ظلمن خلاف سنڌياڻي تحريڪ طرفان 17 نومبر تي “سنڌ جي پاڻي، زمينن، وسيلن تي قبضن، عورتن سان ظلم ۽ انتهاپسندي خلاف مارچ” جي عنوان سان ريگل چوڪ کان پريس ڪلب ڪراچيءَ تائين احتجاجي مارچ ڪري پُرامن جلسو ڪيو ويندو.
جنهن ۾ اوهان جي معرفت اسين سنڌ ۽ ملڪ جي سمورن سڄاڻ ۽ گهڻ گهرن صحافين، اديبن، شاعرن، ليکڪن، فنڪارن، شاگردن، هارين، پورهيتن، آبادگارن، ملازمن کي ڀرپور شرڪت جو سڏ ڏيون ٿا.

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے