نومبر 24, 2024

ڪراچي : صوبائي وزير بحالي مخدوم محبوب الزمان جي صدارت ۾ 18 آڪٽوبر تي چيئرمين پيپلزپارٽي بلاول بھٹو زرداري پاران سڏايل جلسي بابت اهم اجلاس ٿي گذريو
اجلاس ۾ پيپلزپارٽي ضلعي مٽياري جي معززين ۽ ڪارڪنن جي شرڪت
اجلاس ۾ ضلعي مٽياري کا وڊيو لنڪ ذريعي پيپلزپارٽي جي اڳواڻن شرڪت ڪئي

صوبائي وزير بحالي مخدوم محبوب الزمان 18 آڪٽوبر واري جلسي جي بهترين ڪاميابي لا۽ شرڪت ڪندڙن سان مشاورت ڪئي

صوبائي وزير مخدوم محبوب الزمان وڊيو لنک ذريعي ضلعي مٽياري جي ٽنهي تعلقن مان شرڪت ڪندڙن کان پنهنجو گهرجون معلوم ڪيون ۽ اجلاس ۾ جلسي کي ڪامياب ڪرڻ لا۽ ڪنوينر مقرر ڪيا جيڪي ڪنوينر ضلعي سطح کان وٺي يونين ڪائونسل ۽ وارڊ تائين گڏجاڻيون ڪري عوام کي ڀرپور شرڪت ڪرائيندا

اجلاس ۾ ضلعي مٽياري لا۽ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جي چيئرمين مخدوم احمد الزمان کي ڪنوينر مقرر ڪيو ويو تعلقي مٽياري لا۽ سيد ممتاز شاهه ، تعلقي هالا لا۽ ميونسپل ڪميٽي هالا جي اڳوڻي چيئرمين مخدوم عمار حيدر ۽ تعلقي نيو سعيد آباد لا۽ ريئس عمران راهو کي ڪنوينر مقرر ڪيو ويو

چيئرمين پيپلزپارٽي بلاول بھٹو زرداري پاران سڏايل جلسي تي ضلعي مٽياري تعلقہ هالا ۽ نيو سعيدآباد جو عوام وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري ، مخدوم محبوب الزمان پاران شرڪت ڪندڙن کي هدايت

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے