نومبر 22, 2024

ڪراچي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه حيدرآباد ۾ پوليو جو هڪ وڌيڪ ڪيس سامهون اچڻ تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته دنيا ترقي جا نوان رستا ڳولي رهي هئي پر اسان اڃا تائين پنهنجي سماج مان پوليو وائرس جي خاتمي ۾ لڳل آهيون. وڏي وزير چيو ته اڍائي ورهين جي ٻارڙي ۾ پوليو جو نئون ڪيس ظاهر ٿيڻ کيس حيران ڪري ڇڏيو آهي، ڇاڪاڻ ته والدين جي عدم تعاون ۽ انڪار سبب حڪومت جون مسلسل ڪوششون خاطر خواه نتيجا نه ڏئي رهيون آهن. هن چيو هر انڪاري ماحول ۾ پوليو وائرس جي ڦهلاءَ ۾ ڪردار ادا ڪري ٿو. وڏي وزير والدين تي زور ڀريو ته هو رضاڪارانه طور تي پوليو جا ڦڙا پياري پنهنجي ٻارن کي موذي مرض کان بچائين. وڏي وزير چيو ته نئون ڪيس سامهون اچڻ کانپوءِ هاڻي سنڌ ۾ پوليو جا 5 ۽ ملڪ ۾ 24 ڪيس سامهون اچي چڪا آهن. هن چيو ته پوليو وائرس جي خاتمي ۾ ناڪامي جي قيمت نه رڳو اسان جا ٻار ادا ڪري رهيا آهن پر بحيثيت قوم اسان کي به ادا ڪرڻو پوندو. پنهنجي صحت کاتي بابت وڏي وزير چيو ته حڪومت گهر گهر پوليو خلاف مهم هلائي رهي آهي ۽ اها جاري رهندي پر والدين کي گهرجي ته هو پنهنجي ٻارن کي سٺي صحت، تعليم ۽ مستقبل فراهم ڪن. والدين کي پوليو وائرس جي خاتمي لاءِ حڪومت ۽ پوليو ورڪرز سان ڪلهوڪلهي ۾ ملائي بيهڻو پوندو. وڏي وزير صحت کاتي کي هدايت ڪئي ته هو پوليو جا نوان ڪيس سامهون اچڻ جي انڪوائري ڪري ۽ ان لاءِ سفارشون مرتب ڪري ته جيئن ضروري پاليسي فيصلا ڪري سگهجن.
خبرن جو عالمي ڏينهن:
سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه خبرن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته ان جو موضوع ”سچ کي چونڊڻ“ آهي، جيڪو پاڻ نيوز انڊسٽري سان لاڳاپيل ماڻهن جو آواز آهي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته سچ سچ ئي هوندو آهي جيڪڏهن انکي سچائي ۽ حقيقت سان پيش ڪيو وڃي پر جيڪڏهن ان ۾ ڪوڙ جي ملاوٽ ڪئي وڃي ته ان جي تقدس کي وڏو ڇيهو رسايو ويندو آهي. هن وڌيڪ چيو ته سوشل ميڊيا جي اڄ جي دنيا ۾ جتي هر ڪنهن وٽ آواز اٿارڻ جو اوزار آهي پر اهو آواز ڪوڙ ۽ افواهن جي ۾ پسڻ لڳو آهي. وڏي وزير ميڊيا، پرنٽ، اليڪٽرانڪ ۽ سوشل ميڊيا تي زور ڏنو ته هو حق ۽ باطل جي وچ ۾ آواز بڻجي سچ کي مٿانهون رکن.

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے