غريب ترين ماڻهو جي وس واري خريداري وارا سستا ۽ معياري سولر پينلز تيار ڪيا وڃن، وزير توانائي ناصر شاهه
لوڊشيڊنگ ۽ وڌيڪ بلن جو حڪومت نوٽيس ورتو آهي ۽ جلد عوام کي خوشخبري ملندي، ايڪسپو سينٽر ۾ ناصر شاهه جي ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه
ڪراچي صوبائي وزير توانائي، ترقيات ۽ منصوبابندي سنڌ، سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته غريب ماڻهو جي وس واري خريداري وارا سستا ۽ معياري سولر پينلز تيار ڪيا وڃن ته جيئن عام ماڻهو به متبادل توانائي جي هن نظام مان فائدو وٺي سگهي. اهي خيال هن اڄ ڪراچي جي ايڪسپو سينٽر ۾ جاري ٽي ڏينهن واري سولر ايڪسپو جي ٻئي ڏينهن تي مختلف اسٽالن ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي سيڪريٽري انرجِي سنڌ، مصدق احمد خان ۽ پروجيڪٽ ڊائريڪٽر سنڌ سولر انرجِي، محفوظ احمد قاضي به ساڻس گڏ هئا. وزير توانائي، سيد ناصر حسين شاهه مختلف قومي ۽ بين الاقوامي ڪمپنين جي اسٽالن جي دوري دوران ڳالهائيندي زور ڏنو ته سنڌ جا ماڻهو مهانگي بجلي برداشت نه ٿا ڪري سگهن ۽ نه ئي مهانگو سولر سسٽم خريد ڪري سگهن ٿا. ان ڪري ضرورت آهي ته سولر پينلز ۽ ان سان لاڳاپيل سڀني شين جيئن ته بيٽري، ليٿيم وغيره قومي ۽ بين الاقوامي سطح تي سستا ۽ معياري تيار ڪري مارڪيٽ ۾ آندا وڃن. سيد ناصر حسين شاهه چيو ته ڪمپنين جي وچ ۾ مقابلي جي ڪري قومي ۽ بين الاقوامي سطح تي سولر پينلز جي قيمتن ۾ لاٿ آئي آهي پر اڃا وڌيڪ گهٽتائي جي ضرورت آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ صوبائي وزير چيو ته عوام هڪ ته مهانگي بجلي، لوڊشيڊنگ ۽ وڌيڪ بلن جي ڪري سخت پريشان آهي، پر سنڌ حڪومت ان جو نوٽيس ورتو آهي ۽ ان حوالي سان جلد عوام کي خوشخبري ملندي. هن چيو ته نيشنل گرڊ کي سڀ کان سستي بجلي سنڌ ڏئي رهيو آهي. هن اهو پڻ چيو ته مهانگي ڀاڻ جي ڪري هاري ۽ غريب آبادگار به پريشان آهن، پر حڪومت انهن جي پريشاني جو حل پڻ ڳولي ورتو آهي. هاڻي ٿر جي ڪوئلي مان سستو ڀاڻ تيار ڪيو ويندو. ناصر شاهه چيو ته هن نمائش ۾ 10 ملڪن جون 200 کان وڌيڪ ڪمپنيون حصو وٺي رهيون آهن، جن مان 80 سيڪڙو عالمي معيار جون ڪمپنيون آهن. هن نمائش منعقد ڪندڙن جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ چيو ته هن نمائش جي انعقاد ۽ ان ۾ ملڪي ۽ غير ملڪي ڪمپنين جي شرڪت سان نه رڳو سنڌ حڪومت پر پاڪستان جو مثبت تاثر سڄي دنيا ۾ ويندو. هن چيو ته نمائش جو مدو ٽي ڏينهن بدران ڪجهہ ڏينهن تائين وڌائڻ گهرجي، ڇو ته ماڻهن کي هن نمائش مان آگاهي ملي ٿي ۽ گڏوگڏ مقامي ۽ بين الاقوامي ڪمپنين جي معيار بابت پڻ خبر پوي ٿي. وزير توانائي چيو ته هڪ لک سٺ هزار کان وڌيڪ سولر سسٽم، جن ۾ انورٽرز ۽ بيٽري بيڪ اپ شامل آهن، سنڌ جي غريب ۽ پٺتي پيل علائقن جي عوام کي مفت فراهم ڪيا ويندا. هائبرڊ سولر پارڪس به آڻيا پيا وڃن.