نومبر 22, 2024


ڪراچی ارسا ايڪٽ ۾ ترميم، سنڌو درياءَ تي نون ڊيمن ۽ ڪينالن جي اڏاوت خلاف ۽ ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ عوامي تحريڪ جي مرڪزي آرگنائيزر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، حورالنساء پليجو، نور احمد ڪاتيار، عبدالله ٻپڙ، زبير نوناري، خالد تنيو، امتياز ميراڻي، نويد عباس ڪلهوڙو، اقبال جروار، سنڌياڻي تحريڪ جي اڳواڻ پرهه سومرو، ايڊووڪيٽ ڪونج لاشاري، زاهده گنڃو جي اڳواڻي ۾ ڪراچي پريس ڪلب آڏو احتجاجي ڌرڻو هنيو ويو. سينيئر صحافي دستگير ڀٽي، پيپلز پارٽي شهيد ڀٽو جي اڳواڻ اعجاز منگي، پاڪستان فيڊرل يونين آف جنرل جي قائم مقام صدر خورشيد احمد عباسي، ڪراچي پريس ڪلب جي صدر سعيد احمد سربازي ۽ ڪراچي پريس ڪلب جي ميمبر ذوالفقار راڄپر يڪجهتي طور ڌرڻي ۾ شرڪت ڪئي. سنڌ ۾ وڌندڙ لاقانونيت ۽ عدالتن کان مٿانهن قتلن جي احتجاج ۾ مذمت ڪئي وئي.

عمر ڪوٽ پوليس هٿان قتل ڪيل ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي قتل ۾

ملوث سمورن قاتلن جي گرفتاري جو مطالبو ڪندي چيو ويو ته سنڌ ۾ پوليس کي ماڻهو مارڻ جو لائسنس ڏئي انساني حقن جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي آهي. احتجاجي ڌرڻي کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته سنڌ جي زمينن ۽ وسيلن تي قبضا ڪرڻ لاءِ سرڪار سنڌ ۾ لاقانونيت کي هٿي ڏني آهي. عدالتن کان مٿانهان قتل ڪرائي سنڌ ۾ انڌير نگري چرٻٽ راجا واري صورتحال پيدا ڪئي وئي آهي. هنن چيو ته ارسا ايڪٽ ۾ ترميم ڪري، ارسا چيئرمين کي سنڌو درياءَ جو پاڻي وڪرو ڪرڻ جو اختيار ڏنو پيو وڃي. ارسا ايڪٽ ۾ ترميم ڪري ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبن کي پاڻي فراهم ڪيو ويندو، 30 نوان ڊيم ۽ لڳ ڀڳ ڏهاڪو ڪينال ۽ هيڊورڪس ڪڍي سنڌو درياءَ تي ڌاڙا هنيا ويندا.

سنڌو درياءَ جو رخ موڙي سنڌ کي ريگستان بڻائڻ جي سازش ڪئي وئي آهي. ارسا ايڪٽ ترميم ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبن سبب ملڪ ۾ بي روزگاري ۾ اضافو ٿيندو، کاڌ خوراڪ جي شديد کوٽ پيدا ٿيندي. اڳواڻن چيو ته سنڌ جو عوام ارسا ايڪٽ ترميم سميت ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ سنڌ جي زمينن تي ٿيندڙ قبضن کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪندو، جدوجهد جو دائرو اڃا به وسيع ڪيو ويندو. هنن چيو ته پيپلز پارٽي نون ڊيمن ۽ ڪينالن جي حمايت ڪري سنڌي عوام جي پٺي ۾ خنجر هنيو آهي. ارسا ايڪٽ ترميم جي فيصلي ۾ پيپلز پارٽي به شامل آهي.

پيپلز پارٽي وفاقي حڪومت ۾ اتحادي آهي، پيپلز پارٽي ڪوڙيون قراردادون پيش ڪري سنڌ دشمن منصوبن جي حمايت ڪري رهي آهي. سنڌ جو عوام پيپلز پارٽي جي مڪر کي سڃاڻي چڪو آهي.

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے