دسمبر 23, 2024


 
حيدرآباد عوامي تحريڪ جي مرڪزي آرگنائيزنگ ڪميٽي جي سيڪريٽري ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر، مرڪزي اڳواڻ عبدالقادر رانٽو، ايڊووڪيٽ اسماعيل خاصخيلي، ايڊووڪيٽ نجيب الرحمنٰ مهيسر ۽ ايڊووڪيٽ عبدالله ٻپڙ پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته سنڌ هميشه کان وٺي مذهبي رواداري، ڀائيچاري ۽ امن جي ڌرتي رهي آهي. حڪمرانن هڪ رٿابندي تحت مختلف ملڪن ۽ صوبن مان انتهاپسندن ۽ جنونين جون لوڌون آڻي سنڌ ۾ رهايون ويون آهن ته جئين سنڌ کي انتهاپسندي ۽ جنونيت جي حوالي ڪيو وڃي. سرڪار انهن انتهاپسندن جي مڪمل سهولتڪاري ڪري رهي آهي. عوامي تحريڪ جي اڳواڻن چيو آهي ته ڪنهن به شخص تي ڪو به الزام هڻي کيس قتل ڪرڻ جو نه پوليس، نه ڪنهن ٻي اداري ۽ نه ئي ڪنهن فرد ۽ جنوني ٽولي کي ڪو اختيار آهي. سنڌ پوليس ڏوهارين جي ساٿاري ۽ لاقانونيت جو ڳڙهه بڻيل آهي. اها سنڌ جي عام ماڻهن لاءِ هر وقت موت جو پروانو بڻيل آهي. اڳواڻن چيو آهي ته جيڪڏهن ڪنهن فرد تي ڪو به الزام آهي ته ان لاءِ ملڪي قانون ۽ عدالتون موجود آهي. قانون کان مٿانهون قتل ڪرڻ ڏوهه آهي. ملڪ جون اعليٰ عدالتون سنڌ ۾ انتهاپسندي ۽ پوليس جي غيرقانوني انسان دشمن عمل جو سختي سان نوٽيس وٺن. سنڌ ۾ ماڻهن کي گوليون هڻي، لاشن کي باهيون ڏيڻ جهڙن واقعن جو سپريم ڪورٽ کي پاڻمرادو نوٽيس وٺي، ڏوهارين کي قانون موجب سزا ڏيڻ گهرجي. سنڌ جي هر فرد کي جيئڻ جو اختيار ڏنو وڃي. قانون موجب جاني ۽ مالي تحفظ ڏنو وڃي.
 
مرڪزي

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے