اپریل 5, 2026

سنڌ حڪومت فلاحي ادارن جي مالي سهڪار ۾ وڌيڪ اضافو ڪندي: ناصر حسين شاهه

18 هين سالياني سي ايس آر سمٽ اينڊ ايوارڊز 2026 جي تقريب کي بلديات کاتي وارو صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه، فياض مگوں، ڊاڪٽر عبدالباري، نعيم قريشي، رقية نعيم، پير محمد شاهه ۽ ٻين جو خطاب

ڪراچي، 04 اپريل 2026: سنڌ جي بلديات، هائوسنگ ۽ ٽائون پلاننگ کاتي واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته حڪومت سنڌ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ماڊل تحت مستند غير سرڪاري تنظيمن (NGOs) ۽ فلاحي ادارن جي مالي ۽ ادارتي سهڪار ۾ وڌيڪ اضافو ڪندي ته جيئن پٺتي پيل طبقن جون مشڪلاتون گهٽ ڪري سگهجن ۽ کين صحت، تعليم، هنر ۽ روزگار جا بهتر موقعا فراهم ڪيا وڃن.
هو نيشنل فورم فار انوائرمنٽ اينڊ هيلٿ (NFEH) جي اهتمام هيٺ مقامي هوٽل ۾ منعقد ٿيل 18 هين سالياني سي ايس آر سمٽ اينڊ ايوارڊز 2026 (ڪراچي چيپٽر) کي خاص مهمان طور خطاب ڪري رهيو هو.
ناصر حسين شاهه چيو ته مخلص فلاحي ادارا معاشري جي انهن طبقن تائين پهچي رهيا آهن جيڪي غربت ۽ محرومي جو شڪار آهن، ۽ اهڙن ادارن جي سرپرستي حڪومت ۽ خانگي شعبي ٻنهي جي گڏيل ذميواري آهي. هن چيو ته چيئرمين پاڪستان پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو زرداري ۽ وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه جي ويزن تحت حڪومت انهن ادارن سان گڏ بيٺل آهي جيڪي عوام جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن.
هن چيو ته حڪومت سنڌ اڳ ئي سنڌ انسٽيٽيوٽ آف يورولوجي اينڊ ٽرانسپلانٽيشن (SIUT) ۽ انڊس هاسپيٽل اينڊ هيلٿ نيٽ ورڪ جهڙن ادارن سان ڪامياب شراڪتداري قائم ڪري چڪي آهي ۽ ان تعاون کي وڌيڪ هٿي ڏني ويندي.
تقريب کي خطاب ڪندي ايف پي سي سي آئي (FPCCI) جي سينيئر نائب صدر ثاقب فياض مگوں چيو ته ڪراچي ملڪ ۾ فلاحي سرگرمين ۽ خدمت خلق جي حوالي سان نمايان مقام رکي ٿو ۽ ادارا مسلسل عوامي خدمت ۾ مصروف آهن.
ڊي آئي جي ٽريفڪ ڪراچي پير محمد شاهه چيو ته اي-چالان نظام جي لاڳو ٿيڻ سان ٽريفڪ قانونن تي عملدرآمد ۾ بهتري آئي آهي ۽ حادثن ۾ نمايان گهٽتائي ٿي آهي. هن ٻڌايو ته ماضي ۾ هر مهيني لڳ ڀڳ 90 ماڻهو فوت ٿيندا هئا جيڪي هاڻي گهٽجي 40 کان 50 رهجي ويا آهن.
انڊس هاسپيٽل اينڊ هيلٿ نيٽ ورڪ جي صدر ڊاڪٽر عبدالباري خان حڪومت سنڌ جي مسلسل سهڪار تي شڪريو ادا ڪيو، جڏهن ته ڪميونيٽي پوليسنگ ڪراچي جي مراد علي سوني شهر ۾ ڏوهن جي روڪٿام لاءِ 2000 جديد ڪيمرائن جي لڳائڻ بابت آگاهي ڏني.
سائيٽ ايسوسي ايشن جي صدر عبدالرحمان فدا الخدمت فائونڊيشن جي فلاحي منصوبن کي ساراهيو، جڏهن ته ايم ڊي سنڌ سالڊ وسٽ مينيجمينٽ بورڊ طارق علي نظاماڻي شهري صفائي جي نظام ۾ بهتري لاءِ جاري قدمن تي روشني وڌي.
سي اي او اين جي وي اسڪول مينيجمينٽ بورڊ، محمد موسيٰ چيو ته ملڪ جي ترقي ان وقت تائين ممڪن ناهي جيستائين لڳ ڀڳ اڍائي ڪروڙ اسڪولن کان ٻاهر ٻارن کي معياري تعليم فراهم نه ڪئي وڃي، ۽ ان مقصد لاءِ گڏيل ڪوششون ضروري آهن.
تقريب جي شروعات ۾ اين ايف اي ايڇ (NFEH) جي صدر محمد نعيم قريشي چيو ته هن سمٽ جو مقصد حڪومت، خانگي شعبي، اين جي اوز ۽ سول سوسائٽي کي هڪ پليٽ فارم تي آڻي غربت جي خاتمي، ماحولياتي تحفظ ۽ سماجي ترقي لاءِ گڏيل قدمن کي هٿي ڏيڻ آهي. هن چيو ته اين ايف اي ايڇ شجرڪاري مهمن ۽ ماحول دوست سرگرمين جي فروغ لاءِ پڻ سرگرم عمل آهي.
اين ايف اي ايڇ جي سيڪريٽري جنرل رقية نعيم چيو ته ڪارپوريٽ سيڪٽر پاران سماجي ذميوارين جي ادائيگي خوش آئند آهي ۽ اهڙا قدم معاشري ۾ مثبت تبديلي جو سبب بڻجن ٿا.
نائب صدر اين ايف اي ايڇ نديم اشرف مختلف ڪمپنين ۽ ادارن پاران نمايان CSR خدمتن کي ساراهيندي چيو ته انهن جو ڪردار قابل تحسين آهي ۽ اهي ئي ڪوششون پائيدار ترقي جو بنياد آهن.
تقريب جي آخر ۾ نمايان ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ ادارن ۽ ڪمپنين ۾ ايوارڊ ورهايا ويا.

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے