ڪراچي فِش هاربر تي ماھيگيرن جا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪرڻ جو فيصلو
ماهيگيرن کي آئين موجب حق ۽ سهولتون ڏنيون وينديون، صوبائي وزير محمد علي ملڪاڻي
ڪراچي (29 آڪٽوبر): ڪراچي فِش هاربر تي ماهيگيرن سان پيش ايندڙ مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪيو ويندو. شڪار کان وٺي مڇي مارڪيٽ تائين کين درپيش مسئلن کي اسان ايف سي ايس سان ويهي گڏيل طور آئين ۽ قانون موجب فيصلا ڪري سندن ڏکيايون ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين. اھڙو اظهار لائيو اسٽاڪ ۽ فِشريز جي صوبائي وزير محمد علي ملڪاڻي، فشرمين ڪوآپريٽو سوسائٽي جي چيئرمين فاطمه مجيد سان ھڪ اعليٰ سطحي ميٽنگ ۾ ڪيو. ان موقعي تي سيڪريٽري لائيو اسٽاڪ اينڊ فِشريز ڊاڪٽر ڪاظم حسين جتوئي، ايم ڊي ڪراچي فِشريز هاربر اٿارٽي زاھد کيميٽيو ۽ ايف سي ايس ۽ هاربر اٿارٽي جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي چيئرمين فشرمين ڪوآپريٽو سوسائٽي فاطمه مجيد چيو ته اوڳاڙي جي مد ۾ رعايت ڏني وڃي جنھن تي منسٽر محمد علي ملڪاڻي چيو تھ اھڙي رعايت لاءِ بھ اوھان ڪراچي فش ھاربر اٿارٽي جي بورڊ ۾ اھو مسئلو آڻيو جنھن تي ڊسڪس ڪري بورڊ جي ٽيندڙ قانون موجب ان رعايت کي مدنظر رکيو ويندو. ان ڪري ان معاملي جي جاچ ڪئي ويندي ۽ جلد ان مسئلي کي حل ڪيو ويندو ته جيئن ماهيگير ڀائرن کي پنهنجي شڪار ڪيل مڇي مارڪيٽ ۾ آڻڻ بابت جيڪي تڪليفون آهن، اهي دور ٿي سگهن. هن چيو ته اسان ماهيگير ڀائرن کي هر اها سهولت ڏينداسين جنهن سان هو پنهنجو شڪار ڪري پنهنجو معاشي گذر سفر جاري رکي سگهن.
