نومبر 21, 2024

••• سنڌ ۾ نان فارمل ايجوڪيشن لاءِ 3 هزار سينٽر قائم ڪيا پیا وڃن: سنڌ جي تعليم واري وزير سيد سردار علي شاهه

••• ملڪ ۾ پهريون ڀيرو سنڌ پاران نان فارمل ايجوڪيشن جو نصاب تيار ڪيو ويو، خواندگي جي عالمي ڏينھم جي موقعي تي رونمائي

ڪراچي سنڌ ۾ غير رسمي تعليم جو نصاب پڌرو، تعليم جي ترقي لاءِ ڪم ڪندڙ عالمي ۽ مقامي ادارن جي نمائندن، سماجي شخصيتن، اسڪالرن، سماجي شخصيتن ۽ ٻين ان زور ڏنو آهي ته سنڌ ۾ تعليم ۽ خواندگي وڌائڻ جي سڀني ڪوششن ۾ ان ڳالھ کي اھميت ڏني وڃي ته ٻارن جي بنيادي تعليم سندن مادري ٻوليءَ ۾ ٿيڻ گهرجي، جڏهن ته هڪ کان وڌيڪ ٻوليون سکڻ جي حوالي سان اثرائتا قدم کنيا وڃن ته جيئن ايندڙ نسلون ھڪ ٻئي سان رابطن واري رجحان کي فروغ ڏيندي هڪٻئي کان سکڻ جو سلسلو جاري رکي سگھن. اھڙن خيالن انھن اڄ ڪراچي جي مقامي هوٽل خواندگي جي عالمي ڏينھن جي حوالي سان منعقد ٿيندڙ تقريب ۾ ڪيو. تقريب ۾ سنڌ جي تعليم ۽ معدنيات جي ترقي واري وزير سيد سردار علي شاهه خاص مهمان طور شرڪت ڪئي. ڊائريڪٽوريٽ آف لٽريسي ۽ نان فارمل ايجوڪيشن پاران منعقد ٿيل تقريب جو عنوان “Promoting Multilingual Education: Literacy for Mutual Understanding and Peace” رکيو ويو هو. تقريب ۾ تعليم لاءِ ڪم ڪندڙ عالمي ادارن جي نمائندن سان گڏ، سيڪريٽري اسڪول ايجوڪيشن سنڌ زاهد علي عباسي، سماجي شخصيت شهزاد راءِ، جاويد جبار، جائڪا جي چيف ايڊوائزر جاويد گل کان علاو پريم ساگر، سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جا ايم ڊي قاضي ڪبير، نان فارمل ايجوڪيشن جي ڊائريڪٽر عبدالجبار مري، ٿر ايجوڪيشن الائنس جي سربراهه پرتاب شيواني، مختلف تعليمدان، استاد ۽ شاگرد موجود هئا.

تقريب ۾ خاص مهمان طور خطاب ڪندي سنڌ جي تعليم واري وزير سيد سردار علي شاهه چيو ته سنڌ ۾ آئوٽ آف اسڪول چلڊرين کي تعليم مڪمل ڪرڻ سان گڏ هُنرمند بڻائڻ لاءِ نان فارمل ايجوڪيشن جي نظام کي وڌيڪ فعال بڻائڻ جي ضرورت آهي، هن چيو ته هن حوالي سان هر ضلعي ۾ 100 نان فارمل ايجوڪيشن سينٽر قائم ڪيا پيا وڃن. پهرين مرحلي ۾ قائم ٿيندڙ انهن 3 هزار سينٽرن ۾ اسڪول ڇڏي ويندڙ ٻارن کي تعليم سان گڏ هُنري تربيت به ڏني ويندي. صوبائي وزير سيد سردار علي شاهه وڌيڪ چيو ته اسڪول ڇڏي ويندڙ ٻارن جي وڏي تعداد اهڙن ٻارن جي آهي، جيڪي والدين جي معاشي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي ڪري اسڪول ڇڏي ڏيندا آھن، بدقسمتي سان، آبادي جي ڪنٽرول نه ٿيڻ جي ڪري گھرن ۾ تعليم کان وڌيڪ معاشي فائدي کي اهميت ڏني وڃي ٿي جڏھن تب صحيح تعليم ۽ تربيت نه ملڻ جي ڪري اهڙا ٻار استحصال جو شڪار ٿين ٿا، جيڪو سلسلو نسل در نسل منتقل ٿيندو رهي ٿو.

صوبائي وزير سيد سردار علي شاهه وڌيڪ چيو ته وفاق پاران صحيح انگ اکر گڏ نه ڪيا ويا آهن. اسان وٽ سرڪاري، نجي، پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ۽ رجسٽرڊ مدرسن ۾ هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ ٻار تعليم حاصل ڪري رهيا آهن، جڏهن ته 40 لک کان وڌيڪ ٻار اسڪول کان ٻاهر آهن، جن جي تعليم مڪمل ڪرڻ لاءِ نان فارمل ايجوڪيشن جو طريقو مددگار ثابت ٿيندو. سردار شاهه وڌيڪ چيو ته جي ڊي پي جو فقط 2 سيڪڙو تعليم تي خرچ ٿي رهيو آهي. جيڪڏهن اهي پئسا، جيڪي آءِ پي پي پيز کي ڏنا پيا وڃن، تعليم تي خرچ ڪيا وڃن ته ڪيترن ئي چيلينجز تي قابو حاصل ڪري سگهجي ٿو، پر بدقسمتي سان اسان جون ترجيحات مختلف آهن.

سيڪريٽري اسڪول ايجوڪيشن سنڌ زاھد علي عباسي چيو ته ٻار جو بنيادي حق سمجهي کيس مادري زبان ۾ تعليم ڏيڻ جي ضرورت آهي. دنيا جي معاشي طور مضبوط ملڪن ۾ مادري زبان ۾ تعليم ڏني وڃي ٿي. اسان کي انگريزي جي ڪامپليڪس مان ٻاهر نڪرڻ گهرجي. ٻارن کي ايڪٽوٽي بيس لرننگ ذريعي سيکارڻ گهرجي. سنڌ ۾ ڪلاسن ۾ سلسليوار اردو، سنڌي ۽ انگريزي ۾ نصاب پڙهايو وڃي ٿو.

سماجي شخصيت شهزاد راءِ چيو ته سنڌ ۾ ٽيچنگ لائسنس آيو آهي. پڙهائڻ کي هڪ مڪمل شعبو تسليم ڪيو ويو آهي. ايندڙ وقت ۾ ان جو فائدو ٿيندو. سنڌ ڪيترن ئي معاملن ۾ اڳڀرو رهيو آهي. سنڌ ۾ موسيقي جا استاد ڀرتي ڪيا ويا آهن، ٻار جي تخليق ڪٿي به جنم وٺي سگهي ٿي. مستقبل ۾ نوجوانن کي موقعا ڏيڻ اسان جي ذميواري آهي.

جاويد جبار چيو ته ٻارن کي ڇا پڙهايو پيو وڃي، اهو سمجهائڻ جي به ضرورت آهي. ڪيترائي ماڻهو اهڙا آهن، جيڪي پڙهيل نه آهن، پر موبائل استعمال ڪرڻ ڄاڻن ٿا. گڏيل قومن جو هن سال جو پيغام به اهو ئي آهي ته تعليم ۾ سمجهڻ کي اھميت ڏني وڃي. ان کان علاوه، ڊجيٽل لٽريسي تي به ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي.

سندھ ايجوڪيشن فائونڊيشن جي ايم ڊي قاضي ڪبير چيو ته اسان کي ٻارن جي دلچسپيءَ جي پهلو کي اهميت ڏيڻ جي ضرورت آهي. جيڪڏهن ڪو ٻار پڙهائي ۾ ڪمزور آهي ته ان کي ڪيس اسٽڊي طور وٺي سمجهڻ گهرجي ته اهو ٻار ڪيئن پنهنجي ٻين صلاحيتن سان اڳتي وڌي سگهي ٿو. هر شيءِ کي فارمل انداز ۾ نه ٿو سيکاري سگهجي.

يونيسف جي نمائندي پريم بهادر پنهنجي خطاب ۾ چيو ته هو نيپال سان تعلق رکي ٿو، پر هو اردو سمجهي ٿو، اردو زبان سکڻ جي ڪري سنڌ ۾ ڪم ڪرڻ ۾ کيس آساني ٿي، جڏهن توهان ڪا ٻي ٻولي سکو ٿا ته اها توهان جي هڪ وڌيڪ طاقت بڻجي وڃي ٿي. جاپان ڪوآپريٽو ايجنسي (جائڪا) جي نمائندي عابد گل چيو ته خواندگي جي وصف ۾ لکڻ ۽ پڙهڻ کان علاوه سمجھ جي پھلو کي به شامل ڪيو وڃي، سمجھڻ کان علاوه ڪا به تعليم اڌوري رھندي.

ڊائريڪٽوريٽ آف لٽريسي ۽ نان فارمل ايجوڪيشن جي ڊائريڪٽر عبدالجبار مري چيو ته سنڌ ۾ 3 هزار نان فارمل ايجوڪيشن سينٽرن جي قيام سان 90 هزار آئوٽ آف چلڊرين کي تعليم مڪمل ڪرڻ سان گڏ اسڪل بيس ايجوڪيشن به ڏني ويندي. اهي سينٽر اهڙن علائقن ۾ قائم ڪيا پيا وڃن، جتي اسڪول کان ٻاهر ٻارن جو انگ وڌيڪ آهي، جڏهن ته ان سينٽرن جا وقت ٻارن جي سهولت مطابق رکيا ويندا، ته جيئن ٻار پنھنجي سھولت مطابق تعليم حاصل ڪري سگھن.

هن موقعي تي نان فارمل ايجوڪيشن جي نصاب جي پڻ رونمائي ڪئي وئي. ملڪ ۾ پهريون ڀيرو سنڌ ۾ مڊل ڪلاس تائين نان فارمل ايجوڪيشن جو نصاب تيار ڪيو آهي، هي نصاب مڊل اسڪول جي حساب سان ترتيب ڏنو ويو آهي، نشاب سنڌي، اردو ۽ انگريزي ۾ ترتيب ڏنو ويو آھي، تقريب جي آخر ۾ تعليم لاءِ ڪم ڪندڙ ادارن جي نمائندن کي تعريفي شيلڊز پڻ پيش ڪيون ويون.

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے