
تحرير : امداد سومرو (سيوهاڻي)
وزيراعلي سيد مراد شاھ لڪياري سيوهاڻي جي اٺ ساله وزارت اعلي جو دور اختتام تي پهچي چڪو آهي، ڪجھ ڏينھن ۾ سنڌ جو نئون وزيراعلي اچي ويندو
گهڻو چانس شرجيل ميمڻ جو آهي ۽ هاٽ فيورٽ ناصر شاھ به آهي
سيد مراد شاھ جي وزارت اعلي جو دور ڪيئن رهيو، ان تي ڳالهائڻ، تنقيد ڪرڻ کان اڳ اهو ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته کيس اختيار ڪيترا هئا، ۽ سندس هٿ ڪيترا ٻڌل هئا، سنڌ ۾ ڪيترا ڊيفيڪٽو وزيراعلي هئا ۽ ڪيترا سسٽم فعال هئا
بنيادي طور تي شاھ صاحب هڪ زبردست پروفيشنل، انگن اکرن جو ماهر، معاشي معاملن جو ماهر ۽ هڪ محنتي انسان آهي، پر سندس تڪ جي ٽيم کان وٺي حڪومتي ٽيم هڪ اڌ کي ڇڏي ڪري مڪمل طور تي ناڪاره ڪرپٽ، نااهل ۽ خوشامدي ماڻهن تي مشتمل آهي/هئي، جنهن جي ڪري هن جو تڪ، علائقي کان وٺي سڄي سنڌ هن باصلاحيت ماڻهو (گهڻن معاملن ۾ هٿ ٻڌل هئڻ جي باوجود) ڪو فائدو حاصل نه ڪري سگهيا…. ٽيم سان گڏ سندس ڪم جو انداز عوامي، سياسي نه پر هڪ سخت گير آفيسر يا بيوروڪريٽ وارو رهيو آهي، ان جو سبب هي آهي ته پاڻ ڪڏهن به عملي سياست جو حصو رهيو ئي ناهي، سندس سياست ۾ انٽري موروثي سياست ۽ سيد عبدالله شاهه جي پٽ جي ڪري ئي ٿي، سندس جو تڪ جي ماڻهن سان رابطو، انهن جي معاملن کان وٺي سندس جي گهڻي ڀاڱي سنڌ جي ماڻهن ۽ مسئلن جي ڪا خاص ڄاڻ ۽ دلچسپي نه رهي
سندس اٺ ساله دور کي جيڪڏهن سندس ئي والد جي اڍائي ساله دور ۽ سيد قائم علي شاھ جي دور سان ڀيٽجي ته سندس والد ۽ قائم علي شاھ جا دور سندن تڪ ۽ سنڌ جي عوام لاءِ گهڻا بهتر هئا… سيد عبدالله شاهه جي دور ۾ ته سندس تڪ جي ماڻهن کي عزت ملي، هر غريب غربي جي وزيراعلي هائوس تائين پھچ هئي، پر مراد شاھ تڪ جي حوالي سان پنهجي عزيزن آصف شاھ، حاجن شاھ، سڪندر راهپوٽو ۽ پوءِ سليم باجاري تائين محدود رهيو…. انهن سڀني جي مٿان ڪوبه چيڪ ۽ جاچ نه هئڻ جي ڪري تڪ جو ماڻهو ته ويچارو ۽ ويڳاڻو رهيو ۽ صرف هي چار خاندان جيڪي هيٺئين وچولي طبقي سان تعلق رکندڙ هئا ڪروڙ پتي کان ارب ۽ کرب پتي ٿي ويا بلڪل ايئن جيئن پيپلزپارٽي جي دور حڪومت ۾ سنڌ جا ماڻهو بدحال رهيا آهن ۽ ٽي کان چار سئو فٽ پاٿيا ارب ۽ کرب پتي ٿي ويا آهن …. آصف شاھ جو خاندان بنيادي طور تي غريب خاندان هئو، سڪندر راهپوٽي جو خاندان به هيٺئين درجي جو زميندار هئو، حاجن شاھ ڀانن وارو به ڪو خاص دولتمند نه هئو ۽ باجاري خاندان ته بلڪل غريب خاندان هئو، چاچا حسن باجاري کي الله جنت نصيب فرمائي هڪ شفيق انسان هئو پر بنيادي طور تي هڪ رٽائرڊ استاد هئو، ۽ هنن جي ڪابه زمينداري نه هئي،هونئن به باجارن ۽ سيوهڻ جي زمينداري ۽ زمين تڪ جيان تباھ حال آهي
بحرحال، هٿ ٻڌل هجڻ جي باوجود سنڌ ۽ تڪ لاءِ گهڻو ڪجھ ڪري سگهجيو پئي پر ٿي نه سگهيو
مراد شاھ تي خزاني کاتي ۾ وڏي پيماني تي منظم ڪرپشن جا تمام گهڻا الزام لڳندا رهيا آهن، ۽ اها به حقيقت آهي ته بغير پيسن جي ناڻي کاتي مان ڪنهن جو به ڪم ڪرائڻ ناممڪن آهي، سندس ئي دور ۾ ناڻي کاتي ۽ ان جي ذيلي آفيسن ۾ ڪرپشن ۽ رشوت جو ريٽ وڌي آسمان تي پهتو
تڪ ۾ ڪو خاص ترقياتي ڪم نه ٿيو، سيوهڻ ۽ ڀانن جا شهر ڪچري جي ڍير ۾ تبديل ٿيل آهن، پيئڻ جو پاڻي سندس جي يو سي واھڙ کان وٺي مک شهرن ۽ ڳوٺن ۾ ناپيد آهي، گندي پاڻي جو نيڪال جو سرشتو خراب آهي، امن امان ۽ صحت جون سهولتون نه هجڻ جي برابر آهن، سيوهڻ ۾ ڪو نئون تعليمي ادارو نه ٺهيو ۽ نه نوجوانن جي تعليم تربيت، ڪيريئر ڪائوسلنگ لاءِ ڪو ادارو يا سينٽر جڙي سگهيو، صرف خيرپور شهر ۽ سيوهڻ گهمي ڏسجي ته فرق سمجھ ۾ اچي ويندو
تڪ جي ماڻهن جي اڪثريت سان گڏ سندس جي وزارت اعلي دوران سندس جا ڪجھ وزير باتدبير وزارت اعلي جا اميدوار رهڻ جي ڪري ساڻس ناخوش رهيا، مئڊم فريال ۽ زرداري فيملي بشمول آصف زرداري ساڻس خوش نه رهيا آهن، سکر جو ناصر شاهه ته گذريل ڪيترن ئي سالن کان مبارڪون سلامتون وصول ڪندو رهي ٿو پر اڃان سندس دل جون مرادون سيد مراد شاھ جي تدبيرن آڏو پوريون نه ٿي سگهيون…. اصولي طور تي جيڪڏهن مراد شاھ جي ناصر شاھ سان ڀيٽ ڪجي ته مراد شاھ بهتر چوائس آهي
ذاتي طور تي مان سندس سخت نقاد رهيس، پر مون سان ڪڏهن به منهن نه گهنجايو، ساڻس زندگي ۾ هڪ ڀيرو ئي روبرو بابا سائين جي تعزيت مھل ملاقات ٿي ۽ ٻه ڀيرا فون تي ڳالھ ٻولھ ٿي ۽ هڪ اڌ دفعو ميسيج تي ڳالھ ٻولھ ٿي، پر سندس جو ۽ سندس خاندان جي ماڻهن خاص ڪري سيد اظھر شاھ، سيد امداد شاھ جو رويو شفقت، محبت ۽ پنهجائپ وارو رهيو
ڳالهيون ته تمام گهڻيون آهن پر في الحال ايترو