خواندگي جي عالمي ڏھاڙي جي موقعي تي سنڌ ۾ نان فارمل ايجوڪيشن جي نصاب جي رونمائي ڪئي وئي. تعليم کاتي موجب ملڪ ۾ پهريون ڀيرو سنڌ طرفان مڊل ڪلاس تائين نان فارمل ايجوڪيشن جو نصاب تيار ڪيو ويو آهي، هي نصاب مڊل اسڪول جي حساب سان ترتيب ڏنل آھي، نصاب سنڌي، اردو ۽ انگريزي ۾ ڇپرايو ويو آھي، جنهن ۾ تعليم کاتي پاران پڙھائڻ سان گڏ شاگرن کي ھنري سکيا پڻ ڏني ويندي.