
سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته ييلو لائن بي آر ٽي جي هڪ اهم حصي، ڄام صادق پل تي تعميراتي ڪم تيزي سان جاري آهي ۽ منصوبو وقت کان اڳ مڪمل ٿيڻ لاءِ تيار آهي. هن پل تي پنڌ هلڻ وارن ۽ سائيڪل سوارن لاءِ الڳ لين ٺاهيا ويا آهن. پل جو هڪ ڪوريڊور بي آر ٽي لاءِ مخصوص ڪيو ويندو جڏهن ته باقي روڊ عام ٽريفڪ لاءِ استعمال ۾ رهندو. هن پل جي مڪمل ٿيڻ کان بعد، پراڻي ڄام صادق پل کي ڊاهيو ويندو ۽ ساڳئي قسم جو هڪ نئون پل ٺاهيو ويندو.
سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ ڪراچي ۾ ڄام صادق پل جو دورو ڪيو ۽ تعميراتي ڪم جو جائزو ورتو. ان موقعي تي، سيڪريٽري ٽرانسپورٽ اسد ضامن ۽ ييلو لائن بي آر ٽي جو پروجيڪٽ ڊائريڪٽر ضمير عباسي پڻ ساڻس گڏ هئا. سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ کي تعميراتي سرگرمين بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي.
ميڊيا سان ڳالهائيندي شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ييلو لائن بي آر ٽي جي ڊيپوز تي پڻ ڪم جاري آهي. مڪمل ٿيڻ جي بعد، هي منصوبو ڪراچي جي شهرين کي تمام جديد سهولتون فراهم ڪندو. عالمي بينڪ جي سهڪار سان هي منصوبو شهر جي ٽرانسپورٽ سھولتن ۾ اضافو ڪندو. هن چيو ته هي منصوبو ٽريفڪ جي مسئلن کي گهٽائيندو. ريڊ لائن بي آر ٽي جي مکيه ڪوريڊور تي پڻ تيز رفتاري سان ڪم ڪيو پيو وڃي. ايندڙ مهيني شهر ۾ ڊبل ڊيڪر بسون آنديون وينديون ۽ وڏي تعداد ۾ اليڪٽرڪ بسون پڻ شامل ڪيون وينديون. ان کان علاوه، عورتن کي مفت پنڪ اسڪوٽر ڏيڻ جو عمل هن مهيني جي آخر يا ايندڙ مهيني جي شروعات تائين شروع ڪيو ويندو. عورتن کي مفت تربيت ۽ ڊرائيونگ لائسنس پڻ فراهم ڪيا پيا وڃن، ۽ ڪم ڪندڙ عورتن ۽ شاگردن کي اليڪٽرڪ اسڪوٽر ڏنا ويندا.
شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ حڪومت ماڻهن کي سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ سرگرم ڪم ڪري رهي آهي. پنڪ اسڪوٽر اسڪيم جو مقصد عورتن کي بااختيار بڻائڻ آهي، ٽرانسپورٽ کاتي ۾ اهڙي سرگرمي اڳ ڪڏهن به نه ڪئي وئي آهي.
هن وڌيڪ چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري هن وقت لاڙڪاڻي ۾ هزارين عورتن کي گهر جي مالڪي جا سرٽيفڪيٽ ڏئي رهيو آهي. "پنهنجي زمين، پنهنجي ڇت” پروگرام تحت عورتن لاءِ گهر پڻ ٺاهيا پيا وڃن. چيئرمين بلاول ڀٽو جي هدايتن تي بي زمين ماڻهن کي زمين پڻ ڏني پئي وڃي. بلاول ڀٽو زرداري دنيا جي تاريخ جو سڀ کان وڏو منصوبو مڪمل ڪري رهيو آهي، جنهن جو مثال اڳ ڪڏهن به نه ٿو ملي.
شرجيل انعام ميمڻ چيو ته گذريل ڏينهن عالمي بينڪ جي هڪ اعليٰ سطحي وفد سنڌ جي وڏي وزير سان وزير اعليٰ هائوس ۾ ملاقات ڪئي، جنهن ۾ انهن سنڌ پيپلز هائوسنگ اسڪيم تي ڳالهايو ويو وفد ييلو لائن بي آر ٽي جي ڪم تي اطمينان جو اظهار ڪيو. هن چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي هدايتن تي سنڌ حڪومت پوري توانائي سان ڪم ڪري رهي آهي. ماڻهن کي توانائي جي بحران کان نجات ڏيارڻ لاءِ سولر پينل مفت ورهايا پيا وڃن. پاڪستان پيپلز پارٽي هڪ عوامي پارٽي آهي ۽ هر شعبي ۾ عوامي مفاد ۾ قدم کڻي رهي آهي.
هڪ سوال جي جواب ۾ سينئر وزير چيو ته پنجاب ۾ ٻوڏ جي ڪري صورتحال سنگين آهي، ماڻهو مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن. جيڪڏهن پنجاب حڪومت کي ڪنهن به قسم جي مدد جي ضرورت آهي ته سنڌ حڪومت حاضر آهي. جيڪڏهن سنڌ ۾ به ٻوڏ جي صورتحال پيدا ٿئي ٿي ته حڪومت مڪمل طور تي تيار آهي.
هن وڌيڪ چيو ته ڪراچي ۾ تازين برساتن سبب شهرين کي ڪجهه ڪلاڪن لاءِ مشڪلاتن جو منهن ڏسڻو پيو، پر ڪجهه مخصوص ميڊيا هائوسز ان بابت غير معمولي مھم جوئي ڪئي. اهڙا ادارا اڄ پنجاب ۾ ٻوڏ تي اهو رويو اختيار نه ڪري رهيا آهن. هن چيو ته قدرتي آفتن تي سياست ڪرڻ بدران عوام کي حقيقتن کان آگاهه ڪيو وڃي ته پاڻي نيڪال ٿيڻ ۾ وقت لڳندو آهي، پر حڪومت ۽ انتظاميا مڪمل طور تي موجود آهن.
هڪ ٻئي سوال تي، هن چيو ته ڪابينا ۾ تبديلي وڏي وزير جو اختيار آهي، ۽ ان ۾ ڪجهه به غلط ناهي. هميشه بهتري جي گنجائش هوندي آهي ۽ نون ماڻهن کي موقعو ڏنو وڃي. صدر آصف علي زرداري سان ملاقات ۾، مستقبل ۾ ممڪن ٻوڏ جي صورتحال ۽ ٻين معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون. صدر آصف علي زرداري قومي مفاهمت چاهي ٿو ۽ ملڪي سالميت ۽ خوشحالي لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي. لاڳاپيل اسيمبلي جي منظوري کان بغير آئين تحت نون صوبن جا مطالبا ممڪن ناهن، ۽ سنڌ اسيمبلي هن نوعيت جي ڪا به منظوري نه ڏيندي.
هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته شاهراهه ڀٽو جو اهو حصو جيڪو اڃا تائين عوام لاءِ نه کوليو ويو آهي، جيڪڏهن برسات يا تعميراتي ڪم دوران ڪا به خرابي ملي ته ان کي درست ڪيو ويندو. شاهراهه ڀٽو هڪ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ منصوبو آهي، ۽ معاهدي جي تحت، ڪم ڪندڙ فرم ايندڙ 25 سالن تائين هاءِ وي جي سار سنڀال جي ذميوار آهي. ان تي قومي خزاني مان ڪو به پئسو خرچ نه ڪيو پيو وڃي. ڪجهه عنصر هڪ سوچيل سمجهيل سازش تحت پيپلز پارٽي جي سنڌ حڪومت خلاف مهم هلائي رهيا آهن.
هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ شرجيل انعام ميمڻ چيو ته هن واضح هدايتون ڏنيون آهن ته ريڊ لائن بي آر ٽي ڪوريڊور منصوبو ڊسمبر تائين مڪمل ڪيو وڃي ته جيئن عوام کي سهولت ملي سگهي.
هن چيو ته سيد خورشيد احمد شاهه پاڪستان پيپلز پارٽي جو هڪ قيمتي اثاثو آهي. اسان سڀ سندس صحت لاءِ دعاگو آهيون ۽ هاڻي سندس صحت اڳ کان بهتر آهي.