
ڪراچي،
سنڌ ۾ ٻوڏ جا خدشن نظر ۾ رکندي، سنڌ حڪومت مختلف وزيرن کي فوڪل پرسن مقرر ڪري ڇڏيو آهي، ۽ چيف منسٽر سيڪريٽريٽ جي منظوري سان نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي.
پنجاب ۾ جاري ٻوڏ واري صورتحال کي نظر ۾ رکندي، سنڌ حڪومت سنڌ درياءَ سان لڳندڙ ضلعن ۾ ممڪن خطرن جي نگراني ۽ جائزي لاءِ صوبي جي وزيرن کي فوڪل پرسن طور نامزد ڪيو آهي.
وڏي وزير پاران جاري ڪيل حڪم نامي مطابق، نامزد وزير پنهنجن لاڳاپيل دائري ۾ درياءَ جي ساڄي ۽ کاٻي ڪناري جي نگراني ڪندا.
گڊو کان سکر تائين واري علائقي لاءِ، ايڪسائز اينڊ ٽيڪسيشن واري وزير مکیش ڪمار چاولا کي ساڄي ڪناري ۽ زراعت، راندين ۽ نوجوانن جي معاملن واري وزير سردار محمد بخش مهر کي کاٻي ڪناري جو فوڪل پرسن مقرر ڪيو ويو آهي.
سکر کان ڪوٽڙي تائين واري علائقي لاءِ، صنعت ۽ تجارت وارو وزير جام اکرام الله خان ڌاريجو ساڄي ڪناري ۽ توانائي ۽ منصوبابندي وارو وزير سيد ناصر حسين شاهه کاٻي ڪناري جي نگراني ڪندا.
ڪوٽڙي کان هيٺين علائقن ۾، مذهبي معاملن، زڪواة ۽ عشر واري وزير رياض حسين شاهه شيرازي کي ساڄي ڪناري ۽ لائيو اسٽاڪ ۽ فشريز واري وزير محمد علي ملڪاني کي کاٻي ڪناري جو فوڪل پرسن مقرر ڪيو ويو آهي.
نوٽيفڪيشن ۾ وڌيڪ هدايت ڏني وئي آهي ته صوبائي اسيمبلي جا سڀئي میمبر (ايم پي ايز) جيڪي سنڌ درياءَ سان لڳندڙ ضلعن سان تعلق رکن ٿا، اهي ايندڙ هڪ هفتي لاءِ پنهنجي تڪن ۾ موجود رهن ۽ نامزد فوڪل پرسنز سان رابطي ۾ رهن.
نامزد وزيرن کي هدايت ڏني وئي آهي ته اهي سنڌ جي آبپاشي کاتي سان گڏجي ٻوڏ جي خطرن جو جائزو وٺن ۽ درياءَ جي پٺن جي تحفظ ۽ نگراني لاءِ ايم پي ايز کي شامل ڪن.
–