
پنجاب جي تعليم کاتي جي وفد جي سنڌ جي تعليم واري وزير سيد سردار علي شاهه سان ملاقات
ڪراچي پنجاب حڪومت سنڌ وانگر صوبي ۾ ٽيچنگ لائسنس شروع ڪرڻ لاءِ سنڌ حڪومت سان رابطو ڪيو آهي، پنجاب جي تعليم کاتي جي وفد سنڌ جي تعليم واري وزير سيد سردار علي شاهه سان ٽيچنگ لائسنس جاري ڪرڻ واري عمل بابت پاليسي ۽ تجربي مان فائدو وٺڻ ۽ صلاح مشورو ڪرڻ لاءِ ڪراچي ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات دوران پنجاب جي طرفان وزيراعليٰ پنجاب جي تعليم جي ايڊوازري بابت صلاحڪار شڪيل احمد ڀٽي، سيڪريٽري ايجوڪيشن پنجاب خالد نظير وٽو، ڊائريڪٽر اسڪول اسٽافنگ ڊاڪٽر صائمه ناز ۽ ٻيا آفيسر شامل هئا. جڏهن ته سنڌ جي طرفان اسڪول سيڪريٽري زاهد علي عباسي، اسٽيڊا جو ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر رسول بخش شاهه ۽ ٻين آفيسرن شرڪت ڪئي. صوبائي وزير سيد سردار علي شاهه، پنجاب جي وفد جي آمد تي کين ڀليڪار ڪندي هن ملاقات کي بهتر روايت قرار ڏنو، وزيراعليٰ پنجاب جي صلاحڪار شڪيل احمد، وزير تعليم پنجاب رانا سڪندر حيات طرفان نيڪ خواهشن جو پيغام پهچائيندي چيو ته هو وزير تعليم سنڌ سيد سردار علي شاهه کي پنهنجو وڏو ڀاءُ سمجهي ٿو ۽ مثبت تعليمي قدمن ۽ مشاورت لاءِ مسلسل رابطي ۾ پڻ رهندو آهي. ملاقات ۾ ٻنهي طرفان تعليم سان لاڳاپيل قدمن، درپيش چيلينجز ۽ مستقبل جي حڪمتِ عملي تي ڳالهيون ڪيون ويون. ان موقعي تي سيد سردار علي شاهه چيو: “تعليم هاڻي صوبن جي ذميواري آهي، جيڪڏهن صوبن جي وچ ۾ باهمي رابطا وڌايا وڃن ته ان جو فائدو قومي سطح تي ٿيندو. ملڪ ۾ تعليم جا مسئلا هڪ جهڙا آهن، پر بدقسمتي سان اسين انهن جا حل الڳ الڳ ٿي ڪري ڳوليندا رھون ٿا، اسان کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو ته جيئن هڪ ٻئي جي تجربي مان فائدو وٺي سگهون. سنڌ پاڪستان جو پهريون ٽيچنگ لائسنس جاري ڪري ڇڏيو آهي، ۽ اسان ٻين صوبن سان هن حوالي سان هر ممڪن تعاون ڪرڻ لاءِ تيار آهيون.”شڪيل احمد تجويزن کي ساراهيندي چيو ته صوبائي سطح تي هم آهنگي قائم ٿيڻ گهرجي، جنهن سان هڪ ٻئي کان سکڻ ۾ مدد ملندي. هن چيو ته سنڌ جا تعليمي قدم مختلف آهن ۽ انهن مان سکڻ لاءِ گهڻو ڪجهه ملي ٿو. هن ٻڌايو ته هڪ محقق طور هن سنڌ جي نصاب جو جائزو ورتو آهي، جنهن ۾ نفرت انگيز مواد نظر نٿو اچي، بلڪه اهو “انڪلوسِو” ۽ ٻين صوبن جي نصاب کان الڳ آهي. پنجاب به نصاب ۾ تبديلي لاءِ اھڙا ئي قدم کڻڻ جي خواھش رکي ٿو. ان موقعي تي سيد سردار علي شاهه چيو: “نصاب جو سڀ کان اهم مقصد انسانيت جو احترام هئڻ گهرجي، نصابي ڪتاب ئي پاڪستان جي ثقافتن کي اصل سڃاڻ ڏئي سگهن ٿا، ۽ اسان پنهنجن ايندڙ نسلن کي نصاب جي ذريعي ئي پر امن ۽ ڪامياب انسان بڻائي سگهون ٿا.” شڪيل احمد چيو ته سنڌ ۾ ٽيچنگ لائسنس کان وٺي سمورا قدم تعريف جوڳا آهن، “اسين سنڌ جي تعليم بابت نه رڳو اهڙن قدمن جي تعريف ڪريون ٿا پر حمايت به ڪريون ٿا، ڇوجو اهڙن قدمن سان استادن کي باوقار سڃاڻ ملڻ سان انھن کي تعليمي ميدان ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري ڪرڻ جو موقعو پڻ ملي ٿو ھن چيو ته اسين اهڙي پاليسي جوڙڻ چاهيون ٿا جنهن سان ٽيچنگ لائسنس حاصل ڪندڙ استاد سڄي ملڪ ۾ آساني ۽ ذميواري سان پنهنجون خدمتون سرانجام ڏئي سگهن.” هن وڌيڪ چيو: “اسان سنڌ کان سکيو آهي، سکي رھيا آھيون، ۽ سکندا پڻ رهنداسين.” سيد سردار علي شاهه تجويز پيش ڪئي ته گڏيل طور تي ڪم ڪرڻ لاءِ ورڪنگ رليشن ميڪينزم قائم ڪري سگهجي ٿو، جيڪو هم آهنگي کي وڌيڪ مضبوط ڪندو. هن چيو ته ٻنهي صوبن لاءِ سڀ کان وڏو چيلينج “اسڪول کان ٻاهر ٻار” آهن، جن جي انگ کي گهٽائڻ لاءِ گڏيل حڪمتِ عملي ٺاهي سگهجي ٿي. هن سنڌ حڪومت جي قدمن بيان ڪندي چيو ته سنڌ حڪومت پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت نان فارمل ايجوڪيشن پروگرام شروع ڪيو آهي، جنهن تحت سنڌ ۾ 3000 مرڪز قائم ڪيا ويا آهن، جتي 8 کان 10 لک ٻارن کي 30 مهينن ۾ پرائمري تعليم مڪمل ڪرائي ويندي. هن وڌيڪ چيو:”جيستائين اسين پنهنجون خاميون تسليم نه ڪنداسين، تيستائين اڳتي نه وڌي سگهنداسين.” مستقبل ۾ ڪم ڪندڙ لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ڪرڻ لاءِ ٻنهي طرفن کان ڪوآرڊينيشن گروپ ٺاهڻ تي اتفاق ڪيو ويو ۽ ان ڳالهه تي به حمايت ظاهر ڪئي وئي ته ٻارن جي تعليم بابت قدمن جي حوالي سان باقاعده مشاورتي عمل کي جاري رکيو ويندو. ملاقات جي پڄاڻي تي وزير تعليم سنڌ سيد سردار علي شاهه، وفد ۾ شامل مهمانن ۾ ثقافتي تحفا پڻ پيش ڪيا.